Wednesday 13 September 2017

ساروڻيون


اهي ڏينهن هئا جڏهن ڀئو فقط استاد کان ئي ٿيندو هو ۽ دنيا کان لاپرواه ۽ذهن سوچن کان خالي ۽ خوشين سان ڀريل هوندو هو دل ۽ دماخ ننڍڙا ضرور هيا پر هنن ۾ ڪائنات جيترو پيار ڀريل هوندو هو.
جڏهن چار دوست گڏجندا هئاسين ته ايئن لڳندو هو ته اسان ئي دنيا جا طاقتور شخص آهيون ۽ اسان گڏجي دنيا به فتح ڪري سگهون ٿا ڪچهرين جا سلسلا ايڏا ته تويل هوندا هئا جو شام جو نه چاهيندي به ڪا نه ڪا ڳاله اڌ ۾ ڇڏي گهر وڃڻو پوندو هو،
جڏهن رسڻ ۽ پرچڻ ۾ فقط ڪجه ئي پل لڳندا هيا ايئن محسوس ٿيندو هو ته اسان هڪ ئي وجود جا حصا آهيون جڏهن مطلبي لفظ جي مفهوم جي خبر به نه هوندي هئي حقيقت ته وقت وڏو استاد آهي هن ته آهستا آهستا تجربن مان ئي مطلبي لفظ جو مفهوم سمجهائي ڇڏيو اسان جون سوچون به اسان جيان ئي ننڍيون هيون فقط ٻه وکون گڏ هلندڙ کي به پڪو ۽ سچو دوست سمجهي ويهندا هئاسين
وڏا ٿياسين ته دوست کي ئي زندگي جو انمول تحفو سمجهڻ لڳاسين وڌ کان وڌ دوست به ڪياسين اهو ٻئي ڳاله آهي ته انهن کي سڃاڻڻ ۾ غلطي ڪري ويٺاسين اسان کي سڀ اسان جيان ئي لڳندا هئا پر حقيقت ايئن نه هئي
جڏهن مسيت وارو ملو اسان کي جنت ۽ دوزخ جا قصا ٻڌائيندو هو ته اسان لاءَ دوزخ جي خوف جي نصبت جنت جو دلاسو وڌيڪ اثر ڪندڙ نه هوندو هو ڇو ته اسان کي ته اها به ڪل نه هوندي هئي ته جنت ۾ حورن ڪهڙن ڪمن لاءَ ڏنيون وينديون
اسان نماز دوزخ جي خوف مان پڙهندا هئاسين پر ڪڏهن ڪڏهن ته ڳوٺ جي ڪتن جو خوف دوزخ جي خوف کان وڌيڪ ٿيندو هو ۽ هنن جي خوف مان اسان مسيت ڏانهن نه ويندا هئاسين.....
اڳتي هلي وقت ڪيترا ئي ڪوڙ ۽ سچ اوگهاڙا ڪيا ۽ اسان منجه به ڪوڙ ۽ سچ پرکڻ جي سگهه آئي تڏهن اهو به سمجهيوسين ته سچا ۽ پڪا دوست ڪيئن هوندا آهن ۽ منافق ۽ ملطبي سنگت جي به خبر پئي
وقت سان گڏ اهو به تجربو مليو ته منافق دوست هميشه سچي هجڻ جا دليل پيش هندو رهي ٿو ۽ سچو دوست ڪڏهن به اها دعوا نه ڪندو آهي ته هو ڪيترو سچو آهي پر وقت اهو ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي ته ڪير ڪيترو سچو آهي.
اسڪول جا ڏينهنڙا اها ته پنهنجي دنيا ئي الڳ هوندي هئي تڏهن اڃان زندگي سنجيدگين طرف نه وڌي هئي ۽ اسان اڃان دنيا جي لاهن ۽ چاڙهن کان لاپرواه هياسين جڏهن اسڪول کان موٽندي 2 ڪلوميٽر دوستن سان گڏ پنڌ ڪنداهئاسين ته ويجهو پهچڻ تي اڃان به دل چاهيندي هئي ته پنڌ اڃان به نه کٽي ۽ اسان پنهنجي پيارن سان اڃان ڪجه گهڙيون گڏ هلون.
اسڪول ۾ جڏهن بڪ چيڪ ڪرائڻ جو ڏينهن ويجهو ايندو هو ۽ ڪنهن دوست جو بڪ پورو نه هوندو هو ته اسان رات جي ٻارنهن ٻارنهن بجن تائين جاڳي به پنهنجي يار جو بڪ پورو ڪنداهئاسين اسان پنهنجي بڪ ۾ ته هڪ باب راهائي ڇڏيندا هئاسين پر دوست جو بڪ بلڪل پورو ڪندا هئاسين
جڏهن ڪو وڏو اسان جي خوش ۽ لاپروه زندگي ڏسي  اهو سبق ڏيندو هو ته اهو وقت اٿو گذاري وٺو جيڪي ڪجه ڪرڻو اٿو سو ڪري وٺو. تڏهن اسان هن تي طنز ڪندي اهو چوندا هئاسين هي مڙئي حوال ڪندا آهن اسان کي ڇا ٿيئڻو آهي پر وقت سيکاريو ته اهي سچ چوندا هئا واقعي ئي وقت ته اهو هيو جڏهن اسان زندگي جيئندا هئاسين هاڻي ته اسان کي زندگي گهلڻي پوي ٿي
ڪاليج جا پهريان ڏينهن.................. اوپرائپ........... اڪيلائي..... ڇو ته اسڪول جي سڀني دوستن مان ڪو به ساڻ نه هو
پوء هيڪلايون ختم ٿيون بي انتحا نوان دوست مليا پر هاڻي زندگي سنجيدگين طرف گيلهڻ لڳي هئي ڪيترائي ڪلاس بي وجا سوچيندي سوچيندي گذري ويندا هئا
فسٽ اييئر گذريو پريڪٽيل ڏيئڻ جو ڏينهن هو ڪنهن بئنچ ته ويهي دوست جو اڌ لکيل پرڪٽيڪل لکندا ويٺا هئاسين ته منهنجي فون تي ڪال آئي منهنجي فون ان وقت منهنجي بي انتحا ويجهي دوست وٺ هئي جنهن بنا پڇڻ جي نئن نمبر تان ايندڙ ڪال کنئي...........
هلو هلو هلو.............
خاموشي،،،،،،،،،،،،
دوست موبائيل مونڏانهن وڌائي مان ڳالهايو
هلو هلو
ٻي طرف کان ڪوئل جهڙو آوار هن منهنجي نالي ۽ پنهنجي نالي جو شارٽ ڪٽ گڏ ٻڌايو
مان سمجهي ويس هوء ڪير هئي  
مان ان ڏينهن گهڻي ڪم ڪرڻ باوجود ٿڪيل نه هيس ۽ تمام گهڻو خوش هيس....
مسيج.........ڪالون.......گفٽ هن لڳاتار رابطا جاري رکيا پر مان کيس هر وقت اگنور ڪندو رهيس ڇو ته مون هن کي اها حقيقت ٻڌائي ڇڏي هئي ته مان سندس پيار نالي ڪو به فريب ڪرڻ نٿو چاهيان
پوء به هن روايت مطابق ڪال مسيج ڪندي رهي........هر ڪال مسيج ۾ شيڪايتون......
خير وقت گهڻو ڪجه سيکاريو  اهو به ته اسان کي ڪنهن سان به شيڪايت ڪرڻ جو حق ناهي ڪو به پاپند ناهي ته اهو اسان سان سٺو رويو رکي سواء، ماءُ پيء ۽ ڀاء ڀيئڻن جي.......
انهن کان سواء اگر ڪو اوهان سان سٺو رويو رکي ٿو  ته يقينن اهي اوهان مان ڪجه مطلب رکندا آهن .....


                                    واجد