Thursday 12 July 2018

يادگيرين جي ڀاڪر ۾...

يادگيرين جي ڀاڪر ۾...
واجد علي عاجز

گهڙيال جي سوئين ۾ ڄڻ پٿر ٻڌجي ويا هيا وقت هيو جو ڪٽجڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي رات هئي، پين هئي ۽ هڪڙو نڪور پنو
 جنهن تي سارنگ جا ٻئي هٿ ڪنهن رهگير گهوڙي جيتري رفتار سان گهمي رهيا هئا.
سارنگ يادگيرين جا گهاء پنهنجي ڊائري تي اوتي رهيو هيو ۽ سنڌو جو ڳالهيون... 
شعبان جو مهينو هيو جڏهن سنڌو ۽ سارنگ جي وچ ۾ سڀ وڇوٽيون مٽجي ويون هيون
”سنڌو تون مونکي توهان بجائي نالي سان يا وري تون ڪري پڪاريندي ڪر.“ سارنگ سنڌو کي پنهنجائپ جتائندي چيو
”نه مان ننڍي هوندي کان اهي لفظ اچارڻ جي عادي ناهيان، باقي توهان جي ۽ منهنجي پنهنجائپ تون ۽ توهان جي ننڍڙي لفظن سان لڪڻ يا ظاهر ٿيئڻ جهڙي ناهي“ سنڌو وجهڙائپ جي پڪ ڏياريندي چيو
”اڙي دنيا جي واحد چري ڇوڪري جو جواب آ اهو“ سارنگ حيران ٿيندي چيو.
”ههه، توهان چري ڇوڪري چوندا آهيو ته دل خوش ٿيندي آهي واقعي به مان ڪيڏي نه چري آهيان“ سنڌو هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو..
”ههه واقعي تون چري ئي ته آهين“.
سنڌو چري هئي الهائجي جي دنيا جي واحد سياڻي ڇوڪري پر هوء پاڻ کي چريو سڏرائيندي خوش ٿيندي هئي شايد اها ئي نشاني آهي ته هوء چري نه پر دنيا جي اڪيلي سياڻي ڇوڪري هئي، رمضان جا ڏينهن ۽ پيپرن جو آخري مرحلو هيو.
سارنگ سڀاڻي عربي جو پيپر آهي تياري ڪيئن آ. .سنڌو پڇيو
”ههه بس پيپر ڏيئڻو آ ٿي ويندو باقي عالم ته ٿيئڻو ڪونهي“ سارنگ ڳاله کي مزاق بدلائيندي چيو.
”چلو سڀاڻي آخري پيپر آ وري شايد نه ملجي ڪجه مهينن لاء پيپر کان پوء ملي وٺجو ۽ ها ناول به کڻي اچجو“ سنڌو سڪ ڀريل لهجي ۾ چيو.
”حاضر مٺي چري ڇوڪري کي جواب  ناڪاري ۾ ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي“ سارنگ پنهنجي محڪومي واري لهجي ۾ چيو.. .
اهو آخري ڀيرو هيو شايد وڇوڙو ڪجه مهينا نه ڪجه سال ڪجه صدين لاء ٿيئڻ وڃي رهيو هجي ملاقات هئي جا ختم ٿيئڻ جو نالو ۽ نه پئي وٺي ۽ لفظ هيا جن جو اچڻ اوکو هيو خاموش ملاقات ناول جي ڏيئڻ تي ختم ٿي رمضان جو آخري هفتو. . 
”سارنگ مان عيتقاف ۾ ويهڻ پئي وڃان بس ڪجه ئي ڪلاڪن بعد، مسيج پڪيج فقط توکي ٻڌائڻ لاء ڪيم“.
”سنڌو مان تو ڏاڍو ياد ڪندس“.   
”اڙي مان ڪڏهن چيو ته توکي وسارينديس بس ڪجه ڏينهن جي ئي ڳاله ته آهي عيد تي پهريون فون منهنجو ايندو گاڊ پرومائس لو يو سارنگ“. 
”لو اينڊ مس يو الويز“. . 
ايئن ڏينهن نه پر 10 صديون گذريون سارنگ فون جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ جاڳي رهيو هيو ۽ رات جا ٻه لڳا هيا. . فون جي رنگ وڳي ته سارنگ کان ڇرڪ نڪري ويا ۽ جلدي ۾ فون کڻي ڪن تي رکيو
”هيلو“ 
”هههه مطلب ته سائين منهنجي انتظار ۾ هيا“ سنڌو وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو
. سنڌو جو ٽهڪ ٻڌي ڄڻ ته سارنگ جا سڀ ٿڪ لهي ويا هيا
ها سنڌو تو بنا ٻيوڪنهن جو انتظار ڪبو ڀلا،. 
”هائو ڇڏ عيد جون اڳواٽ مبارڪون“. 
”مهرباني“. .
”سارنگ مان ٿڪل آهيان سڀاڻي تفصيلي ڪچهري ٿيندي لو يو ماء ڊيئر“.
”لو يو. وڌيڪ انتظار جي گنجائش ڪانهي صبح جو ساجهر فون ڪجان“
 اها ڪال ڄڻ آخري هئي، ڇا آخري ڪال ايتري ننڍي هجي ها فقط پنج منٽ جي جيڪر سارنگ کي وڇڙڻ جو خوف هجي ها.؟
هي وقت به ڪجه ٻڌائي ڇو ناهين ايندو. . 
ڳالهيون ڳجه ۾ ئي ڇو رهجي وينديون آهن
سنڌو ڇو نه ٻڌايو ته هن سارنگ کي ڇو وساري ڇڏي. . 
سنڌو فقط هڪ آخري خط به نه اماڻيو جنهن ۾ سارنگ جون سڀ يادگيريون واپس ڏي ها ۽ اڄ سارنگ انهن يادگيرين جي ڀاڪر ۾ پاڻ کي ويڙهي ڇڏي ها ۽ دنيا جي دردن کان لڪي پوي ها. .