Showing posts with label فڪشن ڪهاڻيون. Show all posts
Showing posts with label فڪشن ڪهاڻيون. Show all posts

Wednesday, 22 September 2021

اے محبت تیرے انجام پر رونا آیا۔۔۔۔۔۔۔!!

 اے محبت تیرے انجام پر رونا آیا۔۔۔۔۔۔۔!!ھي سماج جتي محبت جا ماپا ايڏا ته ننڍڙا آھن جو گھڙي کن جي ميلاپ کي عشق جي انتھا سمجھي حياتين کي مذاق بڻائي ڇڏيو آھي.ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو ھيو ته ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن نسل تي فطرت ناراض ٿيندي آھي ۽ ان نسل کان مت کسجي ويندي آھي ڀانيان ٿو ته اھو نسل اڄ جو نسل آھي.اڄ جو نسل لطيفي لات کان پري ھليو ويو آھي لطيف جيڪو عشق ۾ پنڌ ڪرڻ ٿو سيکاري مگر بيھڻ نٿو سيکاري لطيف ته تتي ٿڌي ڪاھڻ جي ڳالھ ٿو ڪري پر ھي ته زندگي کي بيھاري پنھنجي ڀل ته پنھنجي محبوبه سان وفا ھار پائين پر ھي عشق جھڙي عظيم نظريي سان غداري پيا ڪن...اڄ جي ٽھي...

ڏور آهيون

 زندگي ڀل ته چانڊوڪي رات جيان روشن ھجي پر تنھنجي ياد نڀور ڪارا ڪڪر بڻجي حياتي جي رنگن ۽ روشنين کي اماس بڻائي ڇڏيندي آھي.....تشبيهون به ڪيئن نه جلدي بدلبيون آھن.اڄ کان ٺيڪ 2 سال 1 مھينو اڳ جي مسيج ۾.......مون لکيو ھيو واءُ جا جھوٽا تنھنجي آڱرين جي ڇهاءُ جيترو آرام بخشيندا آھن........اڄ ايئن ڇو ناھي برسات کان پوءِ ايندڙ واءُ جو جهوٽا ساڙڻ لڳا آھن.......ھاڻي مٽي جي خوشبوءَ مان تنھنجي وجود جي ڪمي پوري ناھي ٿيندي...ھاڻي چيڪي مٽي مان اٿندڙ خوشبو سنگھڻ بعد تنھنجي اچڻ واري غلط فھمي بہ محسوس ناھي ٿيندي.......پر گجگوڙ جي گوڙ تي ڇرڪي توکي فون ڪرڻ ۽ خيرت...

توکي خبر آھي چاھيندي به نه روئي سگھڻ جو درد ڪيئن ٿيندو آ...

 توکي خبر آھي چاھيندي به نه روئي سگھڻ جو درد ڪيئن ٿيندو آ...ڇا تنھنجي نڙڳٽ ۾ ڪڏھن ڳوڙها ڦاٿا آھن.....ڇا ڪڏھن تنھنجو جسم 47 جي گرمي پد ۾ ڪڏھن ٿڌو ٿيو آھي....ڇا توکي ڪڏھن شام ويلھي ڪائنات اٻاڻڪي لڳي آھي....جانان حقيقت ته اھي سڀ علامتون انتھا اذيتناڪ ھونديون آھن... مان پنھنجي دشمن لاءِ دعا گھرندس ته شل اھو انھن ڪيفيتن مان گذري...پر پنھنجي مٺي تون خيال ڪندي ڪر تون جنھن سان به محبت ڪرين ته ان کي اھا درخواست ڪجان ته اھو توسان تو وانگي نه ڪري.....ٻڌ تون ته منھنجو خيال رکندي ھئين نه.... ڇا ھاڻي به سوچيندي آھين منھنجي باري ۾...؟؟؟ياد اٿئي ھڪ ڀيري تو...

جنھن جو ساھ تون آھين

 وڇوڙو ڪيڏو ڏکيو آھي اڄ جڏھن تون زندگي جا 4 انمول ورھين سنگتياڻين سان گڏ رھي وڇڙي رھي آھين ھڪ پاسي سڀني جي چھرن تي مصنوعي مرڪ آھي تہ ٻي طرف سڀني جي اندر ۾ وڍ پئجي ويا آھن جدائي جا وڍ.. دوستن کي ڇڏڻ ڏکيو آھي نہ، تہ ڏس ڀلا محبوب کي وسارڻ پاڻ مارڻ جھڙوھوندو نہ...؟؟ ھڪ عجيب ڪيفيت تاري ٿي پئي اٿم توڻي جو توسان ملڻ نہ ٿيندو ھيو تنھن باوجود بہ تون ورسٽي ۾ ھوندي ھئين تہ ايئن لڳندو ھيو مونسان آھين...ھاڻ تو ورسٽي نہ ايندين ؟تہ اھي رائونڊ ٽيبلون مونکي کائڻ نہ اينديون جن تي ويھي توکي رھجي ويل منظر جا منظر ٻڌايا ھيا؟اھي لائبريري اڳيان پيل سائي بينچ...

فقط تولاءِ زندگي جي ڪجھ ڏينھن جا احوال جن ۾ توکي ڪا بہ گرز ناھي

 فقط تولاءِ زندگي جي ڪجھ ڏينھن جا احوال جن ۾ توکي ڪا بہ گرز ناھيواجد علي عاجزاميد تہ خوش ھوندئو، سچ تہ زندگيءَ سکن جي سيج لڳندي ھئي جڏھن توسان گڏ ھوندو ھيس  ھاڻي خوشيون ڳلي ۾ ڦاسي پونديون آھن، ٽھڪ نڙ ڳٽ ۾ اٽڪي پوندا آھن ۽ اکيون صرف نير ھارڻ ئي سکيون آھن سال ٿي ويا آھن اکين مان خوشي ڀريا ڳوڙھا ناھن نڪتا.ڪئي دفعا ايئن ٿيو آھي جو ڳوڙھا اکين وسيلي ناھن آيا بس اندر کي چيري ھيٺ لھي ويا آھن ايئن ڄڻ تہ مون ڪنھن تيزاب جو ڍڪ ڀريو ھجي.پر ٻڌ! مون توکي کن پل لاءِ به وساريو ناھي ڪافي دفعا اھو وساري ويٺو آھيان تہ ھي ڪائنات ڪنھن ٺاھي آھي سچ تہ انھن شين...

ڪڏھن ڪڏھن ھيئنڙا نٿو وڻين مون.

 ڪڏھن ڪڏھن ھيئنڙا نٿو وڻين مون.روشني ڪيڏانھن ھلي وئي آھي جڏھن منھنجي اکين توکي ڏسڻ ڇڏيو آھي ايئن ڀانيان ٿو پوپٽن کان رنگ کسجي ويا آھن حورن جو حسن ھليو ويو آھي ڪائنات سوڙي ۽ ساھ منجھائيندڙ ٿي پئي آھي، خواھشن خودڪشي ڪري ڇڏي آھي، تون منھنجي خيالن ۾ کيڏڻ ڄاڻين ٿي توکي مصروف زندگي مان وقت وٺڻ جو بہ ڏانءُ آهي ڪڏھن ننڊ کان پھريان خيالن کي سڪ ڪري تہ ڪڏھن جاڳ کان اڳ خوابن ۾ برسات کان پوء انڊلٺ جي خوشي ۾ گيت ڳائي....ڪڏھن ھلندڙ ڦٽ ڦٽي تي اوچتو وجود کي جنجھوڙڻ تہ ڪڏھن ڪمپيوٽر اسڪرين تي فولڊر آئڪن ۾ نظر اچي خيال ڦرائي، ڪڏھن موبائيل تي ھلندڙ گاني ۾...

نوان سال توکي ڀليڪار:

 وان سال توکي ڀليڪار:اسان مڊل ڪلاس ماڻھن لاء زندگي صرف رڳن ۾ ھلندڙ رت ۽ دل ۾ھلندڙ دڙڪن کان مٿي ناھي اسان فقط ساھ کڻڻ ڪارڻ جيئڻ سکيو آھي.جنوري جون نہ کٽندڙ راتيون چيٽ ۾ ڪيئن پئي چٽ ٿيون،  نہ ڄاڻان ڪڏھن ننڊ ٿي آئي نہ جاڳ جو الڪو نہ ننڊ جي جلدي اڻکٽ وقت تو وٽ منھنجي لاءِ ۽ مون وٽ تولاءِ ڪيئن نہ گذري وئي گذريل سال جي جنوري، سڀ ڪجھ ڇني سڀ ڪجھ چٽ ڪري......فيبروري محبت جو مھينو آھي توڻي جو مايوس گذريو، اڻاگو بہ ھو توکان پري رکيائين شڪايتون بہ جام آھن ويلنٽائن جو گل ايئن ئي سٻاٽجي ويو ھو جيڪو اڄ بہ مون وٽ جيڪو تنھنجي سالگرهه تي بہ توتائين ناھيان...

ھو پري آ پري آ پري آ پري.........

 ھو پري آ پري آ پري آ پري.........سڪ ۾ ڪيڏي نہ ڇڪ آھي سڪ جيڪا ساھ ۾ سوڙ ڪري ڇڏيندي آھي سڪ ۾ ڪيڏي نہ بزدلي آھي، سڪ ۾ ڪيڏي نہ رحمدلي آھي جڏھن ماڻھون بي پرواھ ھوندو آھي تہ انتھا جو دلير ٿي پوندو آھي مگر ڪنھن جي کوٽ من ئي من ۾ برف جيان ڳاري ڇڏيندي آھي اھا کوٽ احساسن جي ھجي پنھنجائپ جي ھجي يا سھاري جي....ڪڏھن ايئن لڳندو آهي ته لاشن جا ڍير ڪو وڏو نقصان ناھن ڇو تہ مقصد جانين کان وڌيڪ اھم آھن پر ...تنھنجي ياد ڪيڏي نہ بزدل آھي ..تنھنجي سڪ ۾ ڪيڏي نہ رحمدلي آھي...تنھنجي سڪ جنھن جو سڌو ڳانڍاپو منھنجي اکڙين جي لڙڪن سان آھيسڪ جيڪا ٻار ڪري ڇڏيندي آهي... ڄڻ...

پوپٽن جي تخليقڪار توکي جنم ڏڻ جون واڌايون...!

 وپٽن جي تخليقڪار توکي جنم ڏڻ جون واڌايون...!واجد علي عاجزعزيز گل اڌ قلندر ڇوڪري نظم لکيو ته ايئن لڳو جيئن اڌ قلندر ڇوڪري سان توکي ڀيٽا ڏيڻ تنھنجي شان ۾ گستاخي آھي تون ته ڏيڍ قلندر ڇوڪري آھين تنھنجي سونھن ڏاھپ ڀريل ذھنن کي ڦيراٽيون ڏئي سگھي ٿي تنھنجي ڏاھپ تنھنجي قلندري جو پختو ثبوت آھي.تنھنجي مرڪ ڪائنات جي حسن جو محور آھي تون جنھن جي اچڻ سان ھي ڪائنات بنواس منجھان باغ بھار ٿيتنھنجا ٽھڪ ڄڻ ته ڪن فيڪون جي سدا آھن تون مرڪندي آھين ته بي ترتيب زندگي ۾ انڊلٺي رنگ نکرجي پوندا آھنتون ھلندي آھين ڄڻ ته دنيا جو وھنوار ھلندو آھي توبنا ھي روڊ ھي رستا...

چوڏس آ چانڊوڪي مونکي تنھنجي سار الا وو..

 چوڏس آ چانڊوڪي مونکي تنھنجي سار الا وو...توکي ياد آھي.....؟  نه ھوندو.......  مگر خير .... تو لکيو ھيو چنڊ کي چتائي نه ڏسڻ گھرجي ورنه ھن ۾ موجود نشان واضع ٿي پوندا آھن... نه چاھيندي بہ جواب ڏنو ھيم: شايد اوھان ڪڏھن خوبصورتي ڏسڻ واري اک سان ڏٺو ئي ناھي چنڊ کي .. مان جڏھن به چنڊ کي چتائي  ڏٺو آھي ته اوھان جو چھرو نظر آيو اٿم... مان تنھنجي اڳيان ھر ڳالھ تي ھار مڃيندو آھيان کن پل لاء توکي راضي ڪرڻ لاء چيو ھيم ته چنڊ ۾ داغ آھن تون ناھين....پر ٻڌ اھو سچ آھي ته ان وقت چنڊ ۾ تون ھئين، اڄ جڏھن توسان ملندي ڏينھن ٿيا آھن ته...

احتیں اور بھی ہیں وصل کی راحت کے سوا۔۔۔۔۔

 احتیں اور بھی ہیں وصل کی راحت کے سوا۔۔۔۔۔جڏھن شام ويلھي ٿڪجي انھي جگھ تي ويٺو ھيس جتان ڪڏھن ڪنھن شخص جو گذر ٿيندو ھيو، شام جا پھر ڪيڏا نه منجھائيندڙ ھوندا آھن۽ لھندڙ سج ايئن لڳندو آھي ڄڻ ته ساھ، گلي ۾ ڦاٿل آخري ھڏڪي جي انتظار ۾ ھجي، منٽو چوي ٿو حقيقت پسند ٿيو مايوسي ۾ مايوس لازم ٿيو  سوچيو ھيم تون فقط منھنجو خيال آھين پر تنھن ھوندي به توکي سوچيندي مايوسي محسوس ڪئي اٿم.ڪنھن شاعر لکيو آھي ته اھو مڙئي ڪوڙ سڪ ھجي ۽ سڄڻ نه ملي، پاڻ ته سدائين گڏ رھيا آھيون ڪڏھن شام جي وقت سج کي الوداع ڪندي ته ڪڏھن رستن تي ھلندي ۽ توسان گڏ ھلندي ھميشه ٿاٻڙجي...

ج تم بے حساب یاد آئے

 ج تم بے حساب یاد آئے گھر جي اڱڻ مٿان آسمان ڄڻ ته ساھ ۾ ٻوسٽ پيدا پيو ڪري، ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان ته سائنسي طور اھو ڪيئن پاسيبل آھي جو تنھنجي وڇڙي وڃڻ سان ڪائنات ۾ آڪسيجن جي ڪمي ٿي ويندي آھي....اھو ڪيئن ممڪن آھي تہ ڪنھن شخص جي نہ ھجڻ سان وسندڙ ڪائنات بنواس جو روپ ڌاري ڇڏي ؟پوء اھو ڇا آھي جيڪو دل تي مونجھ ڪري بيٺل آھي سائنسي طور تہ دل پمپنگ جو ڪم ڪندي آھي نہ پوء ھي مونجھ سڪ احساس ويڳاڻپ ھي سڀ دل  ۾ ڪيئن؟ھي عشق بہ ڪيڏو نہ عجيب آھي سڀني مذھبن کان مٿانهون سائنسي اصولن کان بي قاعدي ... ايئن لڳندو آھي تہ تنھنجي آواز سان ڪائنات ۾ آڪسيجن...

ڪهاڻي

 ھا تڏھن جڏھن ھن ڪائنات ۾ آخري ھڏڪي جو انتظار ٿي رھيو ھوندو ميسحائن جي اچڻ جون سڀ اميدون خاڪ ٿي ويو ھونديون جڏھن وفاداريءَ جو مثال بڻجندڙ ڪتن جو نسل تباھ ٿي چڪو ھوندو البته انسان ھوندا انسان جيڪي اشرف المخلوقات جي جبي ۾ درندہ آھن ھا تڏھن به منھنجي من ۾ مانڌاڻ متل ھوندي، صرف تنھنجي لاء تون جيڪا منھنجي نڙڳٽ ۾ ھلندڙ ڦوڪ آھين تو چيو آھي ته مان توکي وساري ڇڏيو آھي،ھا مان وساري ڏٺو ھيم ساھ کڻڻ پر افسوس جو ھڪ منٽ کان مٿي جيئڻ محال ٿي ويو ھيم ...توکي الوداع ڪرڻ ڄڻ ته ساھ کي سڪ ڪرڻ آھي ۽ مونکي جيئڻو آھي فقط انڪري ته مان پنھنجي ڏوھن جي سزا...

ﺳﻬﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﮔﻫﺮﺝ

 ﺩﻧﻴﺎ ۾ ڪﻴﺮ ﺁ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻱ ﺳﻬﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﮔﻫﺮﺝ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ڪﻮﺍﻧﺴﺎﻥ ﻫﺠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻱ ﺳﻬﺎﺭﻥ ﺟﻲﺿﺮﻭﺭﺕ ﻧﻪ ﭘﻭﻧﺪﻱ ﻫﺠيڀٽڪﻴﻞ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺳﻬﺎﺭا ڳﻮﻟڻ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ڪڏﻫﻦ ﺳﺎٿﻴﻦ ۾ ڪڏﻫﻦ ﺳﺎﻫﻴڙﻳﻦ ۾ ﺗﻪ ڪڏﻫﻦ ﻭﺭﻱ ﺭﺕ .ﺟﻲ ﺭﺷﺘﻦ ﻣﻨﺠﻪ ﺍﻧﺴﺎﻥ ٻﻦ ﻟﻤﺤﻦ ۾ ٽٽﻲ ﭘﻭﻧﺪﻭ ﻫڪ ﺟڏﻫﻦ ﮐﻳﺲ ﻣﺰﺩﻭﺭﻱ ﻳﺎ ﻣﺤﻨﺖ ﺟﻮ ﺩﺍﺩ ﻣﻠڻ ﺑﺪﺭﺍﻥ ﻃﻨﺰ ﺟﺎ ﺗﻴﺮ ﺳﻬڻﺎ ﭘﻭﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ٻﻴﻮ ﺗڏﻫﻦ ﺟڏﻫﻦ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﮔﻧﺎﻩ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ۽ ﮐﻳﺲ ﺍﻥ ﮔﻧﺎﻩ .ﺟﻴﺘﺮﻱ ﺳﺰﺍ ﻧﻪ ﻣﻠﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﺧﻮﺍﻫﺸﻦ ﺟﻮ ﻗﺘﻞ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﭘﺭ ﺟڏﻫﻦ ﺍﻧﺴﺎﻥ ڪﺠﻪ ﻣﺎڻﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﻴﻦ ﺧﺎﻃﺮ ﺳڀ ڪﺠﻪ ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﺩﻝ ﺟﻲ ڪﻨﻬﻦ ڪﻨڊ ۾ ﺩﻓﻦ ڪﺮﻱ ﭼﻫﺮﻱ ﺗﻲ ﺑﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺋﻲ ﺻﺤﻲ ﭘﺭ ﻣﺮڪ ﺳﺠﺎﺋﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﻴﻦ ۾ ﻭﺍڌﺭﻱ ﻭﺟﻬڻ ﺟﻲ...

Wednesday, 10 February 2021

اي گذري ويندڙ سال تون شاهد رهجان

ته اسان محبوبن سان ميلي واري مند ۾ ٽارچرسيلن جو ڀيانڪ عذاب ڀوڳيوسين  تون شاهد رهجانجڏهن اسان جي جسمن تي ڊرل مشينن جا سوراخ ڪيا پئي ويا جڏهن اسان جي زنده جسمن کي چچريو پئي ويوها تڏهن به اسان جي چهري تي مرڪ سمايل هئياهڙي مرڪ جيڪا محبوب جي ويجهي اچڻ وقت ايندي آهي ها جڏهن اسان کي پنهنجي جسمن جا ٽڙڪاٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا ته اسان کي پنهنجي محبوب جي اچڻ جو يقين پختو ٿيندو پئي ويواي گذري ويندڙ سال تون شاهد رهجانته اسان جي خواهشن ۽ اميدن کي به چچريو ويو تون شاهد رهجان ته اسان جي آخري خواهش کي به ماريو ويو ۽ کيس پنهنجي ئي مرضي جي ڪفن ۾ ويڙهيو ويواي...

Thursday, 12 July 2018

يادگيرين جي ڀاڪر ۾...

يادگيرين جي ڀاڪر ۾... واجد علي عاجز گهڙيال جي سوئين ۾ ڄڻ پٿر ٻڌجي ويا هيا وقت هيو جو ڪٽجڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي رات هئي، پين هئي ۽ هڪڙو نڪور پنو  جنهن تي سارنگ جا ٻئي هٿ ڪنهن رهگير گهوڙي جيتري رفتار سان گهمي رهيا هئا. سارنگ يادگيرين جا گهاء پنهنجي ڊائري تي اوتي رهيو هيو ۽ سنڌو جو ڳالهيون...  شعبان جو مهينو هيو جڏهن سنڌو ۽ سارنگ جي وچ ۾ سڀ وڇوٽيون مٽجي ويون هيون ”سنڌو تون مونکي توهان بجائي نالي سان يا وري تون ڪري پڪاريندي ڪر.“ سارنگ سنڌو کي پنهنجائپ جتائندي چيو ”نه مان ننڍي هوندي کان اهي لفظ اچارڻ جي عادي ناهيان، باقي توهان جي...

 
© 2016 Designed & Translatedby Aamir Khan Chachar