Wednesday 10 February 2021

اي گذري ويندڙ سال تون شاهد رهجان

ته اسان محبوبن سان ميلي واري مند ۾ ٽارچرسيلن جو ڀيانڪ عذاب ڀوڳيوسين  تون شاهد رهجان
جڏهن اسان جي جسمن تي ڊرل مشينن جا سوراخ ڪيا پئي ويا 
جڏهن اسان جي زنده جسمن کي چچريو پئي ويو
ها تڏهن به اسان جي چهري تي مرڪ سمايل هئي
اهڙي مرڪ جيڪا محبوب جي ويجهي اچڻ وقت ايندي آهي 
ها جڏهن اسان کي پنهنجي جسمن جا ٽڙڪاٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيا ته اسان کي پنهنجي محبوب جي اچڻ جو يقين پختو ٿيندو پئي ويو
اي گذري ويندڙ سال تون شاهد رهجان
ته اسان جي خواهشن ۽ اميدن کي به چچريو ويو تون شاهد رهجان ته اسان جي آخري خواهش کي به ماريو ويو ۽ کيس پنهنجي ئي مرضي جي ڪفن ۾ ويڙهيو ويو
اي گذري ويندڙ سال تون شاهد رهجان
واجد علي عاجز
;