سفري يادگيريون حصو 02 (بالاڪوٽ کان صيفل ملوڪ جھيل)صبح ويلھ بالا ڪوٽ مان نڪرندي ئي اسان جي نظر ھڪ وھندڙ دريا تي پئي ھئي جنھن جو لوڪل نالو ته دريا ڪنھار ھيو پر اصل ۾ ھو سنڌوندي ئي ھئي جيڪا پنجاب ۾ اچي باقي وھڪرن سان گڏجي سنڌ طرف اچي ٿي، اسان جو سفر لاھين ء چاڙھين جي ڪري اڙانگو ٿي پيو ھيو پر تنھن باوجود اسان ويتر ان مان لطف پئي ورتو جيئن ئي بالاڪوٽ کان گليات وارو علائقي مان گذرياسين ته ھڪ وڏي چاڙھي نظر پئي آئي جنھن جي آس پاس ڪا جھل وغيره نه لڳل ھئي ۽ ھن تان موٽرسائيڪل جو واپس اچڻ مطلب موت برابر ھيو ۽ اسان جي اڳيان ھڪ بجري سان...