Showing posts with label ڪالم. Show all posts
Showing posts with label ڪالم. Show all posts

Wednesday 22 September 2021

ٻهروپي جي گهيري ۾ آيل اسان جو سماج

 ٻهروپي جي گهيري ۾ آيل اسان جو سماج
واجد علي عاجز 
ڪنهن ليکڪ لکيو آهي ته “ جيڪڏهن اسان پنهنجا اندر،  ٻاهر مڙهي هلون ته هڪ پل به جيء نه سگهون” توڻي جي هي ڳاله وڏي فلاسفي هيٺ چيل آهي پر تنهن باوجود به انهن سٽن جي ڀيٽ موجوده منافقي ۽ ٻهروپي واري سماج سان ڪري سگهجي ٿي.
هر آئي ڏينهن اسان کي ڪيترائي نوان واقعا سوشل ميڊيا معرفت ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ اسان بجاءِ ڪنهن سوچ وچار ۽ فهم جي انهن واقعن تي پنهنجي سڄي قوت وڃائڻ ۾ دير ناهيون ڪندا نه صرف عام ماڻهون پر اڳواڻ دانشور پڻ مهم جوئي جو شڪار ٿيڻ ۾ دير ناهن ڪندا ۽ نتيجتن هڪ ڪم اڌ ۾ ٻيو پنڌ ۾ وانگي ڪنهن به ڪم کي اڪلائي ناهيون سگهندا ۽ هر ايندڙ پوسٽ تي پنهنجو قيمتي وقت پيا زايه ڪندا آهيون اهو به ناهيون سوچيندا ته اڄ جي دور ۾ جتي منافقت ۽ ڪوڙ جي سرپرستي آهي اتي ڇا هر ماڻهو جيئن سوشل ميڊيا تي آهي اهو حقيقت ۾ به ايئن آهي يا نه؟  
مونکي ياد ٿو اچي ته گذريل سال گهوٽڪي فيسٽول ۾ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سکر (AIGP ) کان هڪ سماجي اڳواڻ  هاف فرائي متعلق سوال ڪيو هيو ته محترم اي آئي جي صاحب جواب ڏيڻ کان پهريان کائنس هڪ سوال ڪيو هيو ته “محترم پهريان ته اهو واضع ڪيو ته اوهان واقعي به هاف فرائي جي خلاف آهيو يا نه..؟ ڇو ته ڪيترائي سماجي اڳواڻ اهڙا آهن جيڪي هاف فرائي خلاف ٿيندڙ احتجاجن جي اڳواڻي ته ڪندا آهن پر جڏهن اسان وٽ آفيس ۾ ايندا آهن ته چوندا آهن ته هاف فرائي سان ڏوه گهٽجي ٿو  هاف فرائي ڪرڻ وارو اوهان جو عمل ساراه جوڳو آهي”مطلب ته هاٿي جا کائڻ وارا ڏند الڳ ته ڏيکارڻ وارا الڳ.
 ٻهروپي ۽ منافقت نه صرف اسان جي مٿين طبقي ۾ آهي پر هيٺيون طبقو به گهٽ ناهي گذريل ڏينهن پنهنجي شهر جي  هڪ نوجوان جون مسلسل سرعام جوا جي خلاف فيسبڪ تي پوسٽون ڏٺم ۽ سندس پروفائل تي ڀيرو ڀريم  ته وڏو ترقي پسند ۽ روشن خيال لڳو پئي جنهن جي بعد ۾ خبر پئي ته هو نه صرف پاڻ جوا ڪندو آهي پر سندس ڪيترن ئي ويجهن مائٽن جا جوا جا اڏا پڻ آهن مطلب ته انگريزي چواڻي جيان “ اوهان ڪنهن ڪتاب کي هن جي ڪور مان ڄاڻي نٿا سگهو” 
 جيڪو ماڻهون ان حد تائين ٻهروپي ۽ منافقت ڪري سگهي ٿو ته پوءِ اسان سوين ميل پري ويهي صرف سندس فيسبڪ پروفائيل ڏسي کيس روشن خيالي ۽ دانشوري جا سرٽيفڪيٽ ڪيئن ٿا ڏئي سگهون يا وري سندس ڪيل پوسٽ کي 100 فيصد منڊي تي ٽڪ سمجهي سندس ڪيل ترخريبڪاري جو شڪار ٿي وڃون.
 ان سان گڏ اڪثر ماڻهون پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۽ ڪڌا ڪم ڍڪڻ لاءِ ادارن جي پاسو وٺندا آهن ۽ هاڻوڪي ڏينهن ۾   پرنٽ ميڊيا ( اخبارون ) ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا (چائينل) کي استعمال ڪري رهيا آهن سوشل ميڊيا تي نامور ۽ سينئر صحافي سڏرائيندڙ عطائي صحافي حقيقت ۾ ڪيترو شفاف ڪردار رکندڙ ۽ پروفيشنل آهن اهوشايد اڪثريت ڄاڻي ٿي. اهو عمل نه صرف هن سماج لاءِ پر صحافت جهڙي شفاف ۽ معتبر شعوبي لاءِ پڻ هاڃيڪار آهي جنهن لاءِ ادارن جي مالڪن کي بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي گڏوگڏ حڪومت کي پڻ گهرجي ته مارڪيٽ ۾ هلندڙ غير معياري اخبارن ۽ ويب چائينلن جي خلاف ڪروائي ڪري حقيقي صحافت کي هٿي وڌرائين

سنڌ جي ثقافت ۽ صوفي روح جي اھڃاڻ ٻھراڙيءَ ھاڻي مايوسين جو مرڪز بڻيل"

 سنڌ جي ثقافت ۽ صوفي روح جي اھڃاڻ ٻھراڙيءَ ھاڻي مايوسين جو مرڪز بڻيل"
واجد علي عاجز
ڪنھن بہ ملڪ ۾ ٻھراڙيءَ وارا علائقا ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ روح جو ڪم ڪندا آھن ساڳي طرح سنڌ جا ڳوٺ پڻ ڪنھن زماني ۾ ثقافت ۽ تھذيب جا مرڪز بڻيل ھوندا ھيا.
اڪثر ڪري ڳوٺن ۾ پيار ۽ پريت جون ڳالھيون پيون هلنديون ھيون آيل ماڻھن جي مھمان نوازي۽ خوش اسلوبي سان کلي آڌرڀاءُ ڪيو ويندو ھيو. سنڌ ۾ اوطاقون ڪنھن وڏي سياسي مرڪز ۽ سکيا گھر جيان لڳنديون ھيون جتي ڳوٺ جا سلجھيل ماڻھون نوجوانن کي پيا سکيا ڏيندا ھئا ڪڏھن سماجي خدمتن جي ڪم لاءِ اتساهيندا ھيا ته ڪڏھن وري ناحق خلاف اٿڻ لاءِ پنھنجي وس ۽ وٿ آھر آواز اٿارڻ لاءِ پلان پيا جوڙيندا ھيا.
ھاڻي انھن ڳوٺن کي به ڄڻ ته ڪو نانگ سراپي ويو آھي جتي ھاڻي اجتماعي خوشين بجاءِ انفرادي عيش عشرت تي سوچيو ويندو آھي ڪنھن زماني ۾ اوطاقن تي ويھي ماڻھون چوندا ھيا ته فلاڻو مسڪين آھي کيس مدد لاءِ ڪجھ ڪيو وڃي اوڙي پاڙي جي غريبن ۽ سفيد پوش ماڻھن لاءِ سوچيو ويندو ھيو ۽ وس آهر مدد پڻ ڪئي ويندي ھئي.
ھن سڄي سماجي تبديليءَ پويان ڪيترائي سبب آهن جنھن ۾ قبيلائي تڪرار، سياسي ۽ سماجي ڄاڻ جي کوٽ، ڪم چوري، مذھبي انتھا پسندي، جوا ۽ ٻيون سماجي برايون آھن
قبيلائي تڪرار سرداري نظام جو مورچو ھيو جنھن ۾ ويھي ڀوتار عوامي طاقت کي پنھنجي آڱرين جي اشارن سان ھلائي سگھندا ھيا ۽ فيصلي مھل ماڻھن جي قتل جي باھ مقرر ڪري سٺو منافعو پڻ حاصل ڪري سگھندا ھيا. قبيلائي تڪرار سماجي روين تي گھرا اثر ڇڏيا ھڪ قبيلي جا ماڻھون ٻي قبيلي جي ماڻھن جو رت پيئڻ لاء تيار ھوندا ھيا چاھي مخالف ڌر وارو سندن دوست ئي ڇو نه ھجي جڏھن قبيلائي تڪرار ھوندو ھيو ته دوست کي به قتل ڪرائي ڇڏيندا ھئا جيڪو تاريخ ۾ صرف ھندو مسلم فساد واري دور ۾ ڏٺو ويو.
ڳوٺن ۾ بدعنواني جو ٻيو سبب پير پرستيءَ ۽ مذھبي انتھا پسندي پڻ آھي پراڻي دور ۾ ھندو مسلمان به ھڪ ٿي رھندا ھيا پر ھاڻ پير پرستيءَ ۽ فرقه واريت کي ھوا ڏئي ماڻھن کي ورھايو ويو آھي جتي ماڻھون ھڪ ٻي جي اوطاقن تي ويھي ڪچهريون ڪندا ھئا اھي ماڻھون اڄ ھڪ ٻي جي مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناھن جيڪو اثر نوجوان نسل تي پڻ آھستي آھستي راقب ٿيندو پيو وڃي گذريل ڏينھن نوجوانن سان ڪچھري ڪندا ويٺا ھئاسين تہ اچانڪ نوجوان پنھنجي مخالف فرقي تي چٿر ڪندي چيو ته فلاڻي فرقي وارن جو روزو جائز ناھي مون کانئس پڇيو ته بابا ڏيو خبر توھان کي اھو ڪنھن ٻڌايو آھي ته چيائين ڪنھن کان پچڻ جي ضرورت ئي ناھي. کيس چيم ڀلا ڪتاب گھڻا پڙھيا اٿئي چيائين ته ڪتاب نه پڙھندس انھن ۾ جيڪو لکيل ھوندو آ اھو برداشت ناھي ٿيندو سندس سوچ تي بظاھر ته کل آئي ھيم پر اندر ۾ روئي پيو ھيس تہ ھن عظيم ڌرتيءَ جا وارث ڀٽائي، سچل، سامي پڙھڻ کانسواء ڪيئن نه فتوا فروشن جي ور چڙھي ويا آھن جن کي فتوا فروشن جي ڳالھين کان سواءِ ڪجھ ھضم ئي نٿو ٿئي.
آڳاٽي دور ۾ توڻي جو علم جي کوٽ ھوندي ھئي تنھن ھوندي به مذھب جو اصل روح ڳوٺن ۾ ملندو ھيو جتي صرف روحانيت پيار ۽ محبت ھوندي ھئي جتي انتھا پسندي پري پري تائين نظر ڪون ايندي ھئي جتي روزا نمازون به پڙھبون ھيون تہ ھولي ڏياري ۽ ڪرسمس ملھائڻ کي به گناھ تصور ڪون ڪيو ويندو ھيو.
جيئن جيئن مذھبي انتھا پسندي وڌندي پئي وڃي اوترو ئي ھتان جا ماڻھون مذھبي گناھن ئي ثوابن جي تقاضائن کي نظر انداز ڪندا پيا وڃن مثال طور اڳ ۾ ھتان جي ماڻھن وٺ ڏڌ کي پٽ برابر سمجھيو ويندو ھيو ۽ ان جي وڪري جو تصور ئي ڪون ھيو اتي ئي ساڳيا ماڻھون نياڻي جي وڪري کي به گناھ نٿا سمجھن.
جتي جوا، وياج خوري ۽ چوري کي انتھا ڪريل حرڪت ۽ گناھ ڪبيرا سمجھيو ويندو ھيو اتي ھاڻي جوا کي روزيءَ سمجھيو وڃي ٿو ته  وياج کي ڪاروبار جي نالي سان سرعام ھلايو پيو وڃي.
ھاڻي سنڌ جون ٻهراڙيون ترقي پسند نوجوانن لاءِ ڄڻ نوگو ايريا بڻجي ويون آھن ڇو ته ھاڻي ھتان جو معاشرو وياج خور شرابي ۽ جوارين جتان يرغمال ٿيل آھي جن لاءِ ترقي پسند نوجوان اک ۾ ڪٽر آھن.
وياج خور ۽ جوارين جي گينگ ٺھيل آھي جيڪي نوجوانن کي بيروزگاريءَ واري حالت ۾ ڪجھ ڏوڪڙن جي آسري ڪڌن ڪمن طرف گھليو وڃن جتان نڪرڻ نه ممڪن بڻجيو وڃي جو ايندڙ وقت ۾ ڪنھن عذاب ئي الاھي کان گھٽ ڪون ھوندو.
اھڙي حالت ۾ ضروري آهي ته رياست پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري بجاءِ سياسي تحريڪن جي ڪچلڙڻ تباھ ڪرڻ ۽ سياسي شور رکندڙ نوجوانن کي مارڻ جي جوارين شرابين خلاف قدم کڻن ڇو ته سياسي سماج سوچ رکندڙ نوجوان معاشري لاءِ ھيرا ثابت ٿيندا ۽ جوارين شرابين ۽ وياج خورن کي سڌي راح ڏيکارڻ جو جيڪو ڪم رياست اڪيلي سر نٿي ڪري سگھي اھو ڪم پڻ سياسي سماجي تنظيمن ۾ ويٺل نوجوان ئي بھتر طريقي سان ڪري سگھن ٿا جيڪو نه صرف سماج لاءِ پر رياست لاءِ پڻ فائديمند آھي

مونسين ھلي سا جا جيءُ مٺو نه ڪري.......!!

 مونسين ھلي سا جا جيءُ مٺو نه ڪري.......!!
سوچيم پئي تہ ھل ھيڏو پنڌ يقينن دوستن جي چھرن جي ٿڪاوٽ ھوندي پر ايئن نہ ھيو ايئن ٿي لڳو ڄڻ تہ قافلي اوجھو ئي نڪتو آهي سڀني جا چھرا تازگي ۽ پر اعتمادي سان چمڪي رھيا ھئا.
عشق واقعي بہ سائنس جي اصول کان الھائي مٿي آھي سائنسي طور ڏسجي ته ھڪ ماڻھون جيڪو 39 ڏينھن مسلسل 800 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري تہ يقينن ان جي انرجي بہ زيان ٿيندي تہ سندس چھري تي ٿڪاوٽ ۽ مايوسي پڻ ايندي.
پر ھن عشق جي قافلي جي پانڌيئڙن جي منھن تي مرڪون ڏسي يقين ٿيم تہ فتح اسان جو مقدر آھي.
خاص ڪري سرواڻ سائين انعام عباسي جي منھن تي محبوب جھڙي مرڪ ۽ نوجوانن کي وڏا ڀاڪر ان ڳالھ جو واضع ثبوت ھيو تہ عاشق ٿڪل ناھن پر پنھنجي محبوبن جي آزادي لاء وڌندڙ ھر وک تي خوش آھن.
لطيف سائينءَ لکيو آهي ته:
سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمهين سَسُئِي!
ڪَندِينءَ ڪوھُ ڪيڻانِ؟ جه سي اُنِ اورانگهيا.
لطيف سائينءَ يقينن اھي سٽون ھن وقت سسئي کي چيون ھيون پر ھن وقت اھو شعر اسان جي لاءِ ھڪ سبق آھي تہ انھن جا قول ٻڌي ويسر ڪري سمھون نہ ڇو تہ اھي قول نہ پاڙيندا تہ پوء اوھان ڇا ڪندو ان ڪري ھلو ۽ ھلندا رھو.
اڄ قافلي ڌرتي جي دنگائي ضلعي ۾ ترسي سڀاڻي اوڏانهن ويندو جتان صرف لاش موٽندا آھن تنھن ھوندي بہ پختو يقينن آھي تہ جيڪر عاشق جا خون بہ ٿيا تہ اھي خوشبو جي صورت ۾ وطن جي وسندين کي واسي ڇڏيندا ۽ ھي قوم اٿندي ...

توکي ايئن نہ مناسب ھوئي........

 توکي ايئن نہ مناسب ھوئي........
آزادي کان اوپرا تون نہ اسان جو ڀاء، جڏھن بہ دوست ڪنھن وفاقي سياست ڪندڙ پارٽي جي تعريف ڪندا آهن تہ دل ۾ عجيب ڪيفيت تاري ٿي ويندي آهي
ايس ٽي پي،  ايس يو پي يا وري عوامي تحريڪ ڀل تہ پنھنجي پنھنجي پروگرام تحت ڀلا ڪم ڪري رھيون ھجن تنھن باوجود بہ اھو نہ وسارڻ گھرجي تہ اسان جي اجتماعي ڀلائي سائين جي ايم سيد جي نظريي کان سواءِ ممڪن ناھي 
جيڪي دوست ان آسري ۾ آھن تہ وقتي طور انھن پارٽين جو سھارو وٺي جدوجهد ڪري پوء نظريي سيد جا پيروڪار بڻجندا تہ اھا ڳالھ سواءِ اھمقپڻي جي ڪجھ بہ ناھي ڇو تہ وقت ڪڏھن بہ اوھان کي جي ايم سيد جي نظريي تي ھلڻ لاء گرائونڊ نہ ٺاھي ڏيندو پر اوھان  جيڪڏھن نظريي سان ڪمينٽيڊ آھيو تہ اوھان کي ئي نظريي تي ھلڻ لاءِ سڀني حالتن کي قبولڻو پوندو.
جيڪڏھن اوھان اھو نٿا ڪري سگھو ته اھا ڳالھ تسليم ڪيو تہ اوھان مايوس ٿي چڪا آھيو ۽ جي ايم سيد جي نظريي تي ھلي نٿا سگھو، 
باقي اھو خيال غلط آھي تہ اوھان وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين ۾ ويھي نظريي جي ايم سيد جي پرچار ڪندا
 پر اوھان جھڙا ماڻھون ايندڙ نسل لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ۽ مايوسي ڦھلائيندڙ ثابت ٿيندا ڇو تہ جيڪڏهن اسان سڀني وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين جي آڙ ورتي تہ سڀاڻڪي نسل کي جي ايم سيد جو نظريو ڪير ٻڌائيندو؟
ڇا سڀاڻي اھو ٻڌائيندو تہ فلحال قاسم آباد واري سيٽ لاءِ ووٽ ڪيو تہ پوءِ اجھو ٿا جي ايم سيد جي نظريي تحت آزادي جا علم کڻون يا وري نواب شاه مان ووٽ ڪڍو تہ پوء نظريہ سيد جي پرچار اجھو ٿا اسيمبليءَ ۾ ھلي ڪيون..
حقيقت تہ امير آزاد منجھان آريسر جو روح ڏٺو ھيو امير جي لفظن جي روانگي آريسر جي سڪ پوري ڪندي ھئي تہ سندس لطيف پڙھڻ جو ڏان يار وري قومي سياست متعلق ڄاڻ جو ذخيرو بہ سندس قد کي وڏو ڪري ڇڏيندو ھيو...
ڪراچي پريس ڪلب تي اڪثر سائين امير آزاد جي تقرير جي مھل ايئن لڳندو ھيو تہ لفظ آريسر جا آھن ۽ زبان امير آزاد جي....
آريسر صاحب جي ننڍڙي پڙھندڙ ۽ عاشق ھجڻ ناتي اڄ جڏھن منھنجي محبوب ۽ استاد آريسر جو روح رنج ٿيو ھوندو تہ منھنجي دل ۾ بہ اماس ڇائنجي وئي آهي..
جي ايم سيد جو نظريو امر آھي ڪيئي امير ايندا ۽ ويندا رھندا پر افسوس تہ امير مون سميت سوين ڪارڪنن کي مايوس جي ڪن ۾ اڇلي ويو آھي

نڊان نڀاڳن کي اوڀالا اچن

 نڊان نڀاڳن کي اوڀالا اچن 

سي پنھون ڪوہ پھچن؟ جي سنجھي رھن سمھي 


بابا لطيف جي ھن شعر منھنجي ننڊاڪين اکين ۾ ڄڻ ته مرچ وجھي ڇڏيا آھن، کن پل لاءِ منھنجو ذھن بلوچستان جي پھاڙي سلسلن مان گوريلن کان ٿيندي اچي سنڌ جي سرمست الھڙ ڇوڪرن تائين اچي پھتو آھي سوچيان ٿو ته وطن جي محبت ڪيئن نه اتر جي مست جھولن ۾ به لڱن ۾ گرم جوشي سلامت رکي ٿي، ننڍڙي ذھن سان ننڍڙو سوچيندي اھا سوچ آئي اٿم ته آخر بلوچن جي اٻوجھائپ سچائي ۽ ھمت ۾ آخر ڪھڙي شي جي ڪمي آھي جيڪو اڃان تائين آزادي جي ديوي کان پري ڪيون ويٺو آھي.

ته اتي مونکي منھنجا استاد عبدالواحد آريسر ۽ جي ايم سيد ياد آيا آھن اعجاز منگي لکيو آھي تہ آريسر وٽ مولانا آزاد جھڙي ڏاھپ ۽ نھرو جھڙو فن ھيو. جي ايم سيد عالمي پائي جو مڃيل ۽ جديد قومپرستي جي باني طور سڃاتو ويندڙ شخص آهي.

سوچيان ٿو ته شايد اھا واحد شي علم ادب ۽ ڏاھپ آھي جيڪا اسان کي بلوچستان جي تحريڪ کان مٿانهون ڪري ٿي. ڇو ته ھڪ ھٿياربند گوريلو پيدا ڪرڻ پھاڙ ڪٽڻ جي برابر ناھي اھو تمام سولو ڪم آھي ته ماڻھون کي بندوق سيکاري وڃي پر اھو ڏکيو ڪم آھي جو ھڪ ماڻھون کي ڏاھپ علم ۽ ادب کان روح شناس ڪجي.

اسان جي ويڙھ ڪڏھن به آزادي جي راھ کان بدليل ناھي پر اسان بلوچستان کان اھو سبق سکندي پنھنجي آئيندي جي تياري ڪندي سمجھون ٿا ته اسان جيڪڏھن بندوق ڪنھن ڏاھي جي ھٿ ۾ ڏينداسين ته يقينن ان گولي جو استعمال صحيح ٿيندو.

سنڌ لٽريچر فورم جي سڄڻن جو ڪتاب ورھائڻ وارو ڪم ڪنھن وڏي انقلاب جي شروعات ڀلي نه سمجھي وڃي پر يقينن درياھه ۾ ڀتر جو ڪم ضرور آھي اچو ته سنڌ لٽريچر فورم جي دوستن جا ھٿ مضبوط ڪريون ڇو ته ڪتاب اسان جي بقا آھن ۽ اچو ته ڪتابن وسيلي پھاڙن مان پيچرا لھون


واجد علي عاجز

ابوجهادِ سنڌ بشير خان قريشي

 ابوجهادِ سنڌ بشير خان قريشي
Published on 9/9/2017
Awami awaz
اهو بشير خان جنهن جي نالي ٻڌڻ سان ئي دشمنن جي دلين جي دڙڪ تيز ٿي ويندي هئي جنهن لاء هو اهي لفظ چوندا هيا ته ”یےجوبشيرھےاس سےب نکال دو تو شير بن جاتا هے،، ها واقعي به شير هيو
هو بغير لالچ ۽ لوڀ وارو شخص بشير خان جڏهن سنڌ جي دوري تي نڪرندو هو ته سندس سنڌ واسي جيء ۾ ايئن جايون ڏيندا هيا جيئن سڳي ماءُ اولاد کي ڏيندي آهي
جنهن سان ڪچهري ڪرڻ لاء لاڙ جي لاڏلن کان ويندي اتر جي ارڏن تائين سڀ آتا هوندا هئا
هو جڏهن سنڌ جي ماڻهن  وٺ ويندو هو ته هُو سندس گهر جو فرد سمجهندا هئا اتر سنڌ جا اهي ٻروچ قبيلا جيڪي پنهنجي خاندان جي ماڻهن کانسواء ڪنهن شخص کي گهر جي گهٽي ۾ بيهڻ جي اجازت به نه ڏيندا آهن پر اهي به بشيرخان کي گهر جو وڏو سمجهي پنهنجي نياڻن جي مٿي تي شفقت ڀريو هٿ ڦيرڻ لاء سندس التجائون ڪندا هئا ها جيئن سندس ڪارڪن پيار ۽ پاٻوه مان  وڏو سڏيندا هيا ايئن ئي هو وڏو هو ۽ سنڌ جي نوجوانن جي سنڀال به وڏن وانگي ئي ڪندو هيو
هو سنڌ جو پنهل هو ۽ سنڌ جا نوجوان به سندس هر گهڙي هر سڏ تي سسئي جيان لبيئڪ چوندا هيا
هو جنهن کي سياست ۾ ور وڪڙ جو ڏانٰءُ نه هيو هو سنئون ۽ سڌو ماڻهو هو ڪڏهن به پنهنجي موقف ته تر برابر به نه هٽيو
هو جنهن جي پرورش سنڌ جي اتر واري حصي ۾ ٿي ۽ سندس جسم ۾ به اتر جي جون مهيني واري گرمي ڀريل هئي هن جا لڱ شهر ۾ ايئرڪنڊيشن ۾ ويهي ڪري تنقيد ڪندڙ چور اديبن جيان سست نه هيا
هو جڏهن پيادل مارچ تي نڪرندو هو ته سندس پير ڦارون ڦارون ٿي ويندا هيا ۽ رت وهائڻ لڳندا هئي پر هن مٿير مڙس سنڌ ۽ سيد جي عشق جي وجد ۾ ڪڏهن به اُف نه ڪئي
هو جڏهن سنڌ واسين جي ڳلي ۾ ڀاڪر وجهندو هو ته ڪير به سندس ڀاڪر وساري نه سگندو هيو بشير خان جنهن به شخص جي ڳلي ۾ گيراٽي پائيندو هو ته اهو ماڻهو ٻيهر بشير خان جي ڀاڪر لاء ڪوشش ڪندو رهندو هو
جڏهن هو احتجاج جو سڏ ڏيندو هو ته اسٽيبلشمنٽ جي لڱن ۾ ڦڙڪڻي اچي ويندي هئي ۽ سندس روڪڻ لاء  هر طرح جا حربا هلايا ويندا هئا ڪڏهن عياشين جا آسرا ، ڪروڙ پتي ڪرڻ جي دلاسا ڏئي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته ڪڏهن وري سوين ايذاءُ ڏئي جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ڪندا هئا. پر هو جنهن ڪڏهن وڪڻ ۽ جهڪڻ ڪونه ٿي ڄاتو هو جيل ۽ ٽارچر سيلن کان خوف نه کائيندو هو ۽ سڀ سختيون سنڌ جي عشق ۾ محبوب جا ماڻي سمجهي صحي ويندو هو
هن جڏهن سنڌ جي آجپي لاء عالمي دنيا کي اپيل ڪرڻ لاء ڪراچي ۾ مارچ جو سڏ ڏنو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ مان ماڻهو لبيڪ چئي ايئن نڪري آيا جيئن عاشق پنهنجي محبوب جي ملڻ لاء نڪرندو آهي ۽ ايئن ئي تاريخ لکجي وئي ۽ اهو پهريون ڀيرو هيو جو سنڌ جي آجپي لاء 50 لک کان مٿي ماڻهون گڏ ٿيا ۽ پنهنجو پرامن احتجاج رڪاڊ ڪرايو.
هن ته مظلوم چهري ۽ نماڻي اکين سان فقط عالمي دنيا کي حقن جي حاصلات ۾ مدد جي اپيل ڪئي هئي هو نفيس دل وارو ۽ پيار ڪندڙ شخص هيو هن ته ڪنهن به دهشتگردي جي ڌمڪي به نه ڏني هئي.
پر نه ڄاڻ هنجي مظلوم چهري مان بي رحم ۽ ظالم قوتن کي ڪهڙو خوف هيو جو سنڌ جي وڏي کي سقراط جيان زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو.
هن جي شهادت کانپوء نوجوانن کان ڄڻ ته سهارو ئي کسجي ويو ۽ سڄي سنڌ يتيم بڻجي وئي سنڌ جا منظر ايئن پئي لڳا جيئن هڪ ماءُ جي حالت هن جي جوان اولاد جي موت وقت هوندي آهي ۽ سنڌ ڪيهون ڪوڪون ڪري ماتم ڪرڻ لڳي
هن کان پوء بي رحم قوتن سنڌ جي نوجونن کي ايئن بي خوف ٿي مارڻ شروع ڪيو جيئن ڪنهن يتيم ٻار کي بي رحم ماڻهون ماريندي بي خوف هوندا آهن
عوامي سياست ۾ ڀٽي کانپوء بشير خان ئي هو جنهن سنڌ جي ماڻهن جي ڏکايل دلين کي درمان ڏنو هن کان پوء وري سنڌ ڌرتي مٿان اماس ڇائنجي وئي.
هاڻي ڪير آ جيڪو شهيد ڪارڪنن جي امڙين کي مٿي تي چمي ڏئي آٿت ڏيندو..
ڪير آ هاڻي انهن ٽٽل دلين واري نوجوانن جو جيڪو سندن  اتساه ڏي...
ڪو مسيحه آهي جيڪو بشير خان پڄاڻا يتيم ٿيل سنڌ جي دردن جو درمان ٿي...؟؟؟



 
واجد علي عاجز​

سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ شاگرن جو مستقبل

 سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ شاگرن جو مستقبل
واجد علي عاجز
Published in Sindh express on Feb 2019
دنيا ۾ جتي تعليمي ريشو وڌي رهيو آهي ته اتي وري بدقسمتي سان اسان جي ملڪ سميت سنڌ ۾ ان جي ابتڙ تعليمي تناسب ۾ گهٽتائي پئي ايندي وڃي، جنهن جا سبب تلاش ڪجن ته ڳاله ڦري ڦري مختلف حڪومتن کان ٿيندي رياست تائين اچي پهچندي.
گذريل رات قائد عوام يونيورسٽي ۾ ٿيل واقعو به ان ڳاله جي چٽي ثابوتي آهي ته اسان جي شاگردن کي نه صرف پڙهڻ کان باغي پيو ڪيو وڃي پر سندن مٿان ظلم ستم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪرائي غلط راه تي هلڻ لاءِ مجبور به ڪيو پيو وڃي.
ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ شاگردن وچ ۾ جهيڙا ٿيئٻ معمولي جهڙي ڳاله آهي جي عمومن يونيورسٽي انتظاميا تائين پهچي اتي ئي حل ٿي ويندا آهن نه صرف اهو پر سڌريل ملڪن ۾ ته انهن کي هلڻ ڪرڻ جا خاص قانون به ٺهيل آهي ۽ يونيورسٽي جي حدن ۾ ڪنهن هٿياربند ماڻهو اچڻ جي به اجازت ناهي هوندي کڻي ان جو تعلق ملڪي اداري سان ئي ڇو نه هجي، ڇو ته سندن خيال آهي ته هٿياربند ماڻهن جي اچڻ سان يونيورسٽي جو ماحول خراب ۽ شاگرد جي ذهني قوت تي اثرانداز ٿيندو آهي.
سنڌ جي شاگردن کي ماحول جي ڳاله ته ڄڻ پري جي ڳاله ٿيندي پر يونيورسٽي جي ڪلاس رومن کان ويندي هاسٽل تي سمهڻ تائين دل ۾ اهو خوف رهندو آهي ته گهر به پهچنداسين الهائي جي آسمان ڏانهن کنڀيا وينداسين،
گذريل رات جڏهن قائد عوام يونيورسٽي جا شاگردن هاسٽل جي ڪمرن ۾ پڙهي رهيا هئا ته اوچتو کين ايئن محسوس ٿي ٿيو ڄڻ ته هاسٽل اندر ڪي غير ملڪي خطرناڪ دهشتگردن جي اطلاع هجي چوطرف پوليس ۽ رينجرز جا لانگ بوٽ هاسٽل ۾ ٽڪ ٽڪ ڪري رهيا هئا ۽ ٿوري ۽ وقت کان پوء ميٽرڪ پاس اڱوٺي ڇاپ سپاهي گريچوئيشن ۽ ماسٽر جي طالب علمن ۽ مستقبل جي انجنيئرن کي ايئن پئي لٺون ۽ مڪون هڻندا پئي آيا ڄڻ ته هو شاگرد نه بلڪه بارڊر اورانگهيندي پڪڙجي پيل ڪنهن غير ملڪي اداري جا ايجنٽ هجن.
ڳاله يونيورسٽي انتظاميا جي ڪجي ته هن معمولي مسئلي ته اها ڪٿي ننڊ سستل هئي آخر ننڍڙي مسئلي لاءِ ايڏو ممڻ جو مچايو ويو آخر اهو يونيورسٽي جي حدن ۾ ڇو نه پئي هل ڪيو ويو جيڪر مسئلو ايڏو ئي پيچيده ٿي ويو هو ته آخر هاسٽل کي دهشتگردن جي پناه گاه سمجهي حملو ڇو ڪرايو ويو، اهو به ته ممڪن هيو ته پاڻ ۾ جهيڙيندڙ شاگردن جي نشاندهي ڪري کين مٿان قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ها.
پر هن ننڍڙي مسئلي تي آخر رينجرز جا اٽلا يونيورسٽي جي پرامن شاگردن جي رهائش گاه تي وٺي اچڻ ڪٿان جي قانون جي پيروي آهي هن معمولي مسئلي تي رينجرز جي مداخلت يقينن سمجه کان ٻاهر آهي، ڪنهن به صوبي ۾ پوليس جي اختيارن کانسواء ڪنهن به اداري کي اهو حق ناهي ته اهي هر ننڍڙي مسئلي ۾ پوليس جي ڪمن ۾ مداخلت ڪن، رينجرز، ايف سي يا ٻين ادارن کي ان لاء رکيو ويندو آهي ته جڏهن معملا پوليس جي هٿن مان نڪري وڃن ته اتي انهن جي اختيارن جي اجازت سان معملي جي وچ ۾ اچن.
پر هتي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا جي مثال وانگي جنهن کي جتي اچي ڄنگه اڙائي
گذريل رات جڏهن پوليس قاعد عوام يونيورسٽي جي هاسٽل تي ڇاپو هنيو ته اتي هٿين خالي شاگردن نه ڪا خاص مزحمت ڪئي نه ئي وري وٺن کو اهڙو مواد هيو جنهن کي مدي نظر رکي چئي سگهجي ته اهي پوليس جي پڪڙ ۾ نه پئي اچي سگهيا پوء به خبر ناهي ڇو سنڌ رينجرز کي پوليس جي ڪم ۾ جنگه اڙائڻ جي ضرورت پئي ۽ سنڌ جي مستقبل جي معمارن کي مار ڪٽ ڪندي رهي ۽ ڪجه شاگردن کي ٻوٿ ٻڌي کڻي وڃڻ جا به چوٻول هلي رهيا آهن.
هي ڪو سنڌ جي تاريخ جو پهريون واقعو ناهي پر وقت با وقت سنڌي شاگردن سان اهڙا ڪلور ٿيندا پئي رهيا آهن، ڪڏهن ٽوڙي ڦاٽڪ جي وقعي جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽلن تي گهجن اطلاعن جا ڊراما رچائي شاگردن جي تذليل ڪندي کنڀي وڃڻ ۽ واپس لاش ڏيڻ جي صورت ۾
سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ ، لمس هجي يا ڪراچي يونيورسٽي اڄ به سنڌي شاگردن جي مخلتف طريقن سان تذليل ڪئي پئي وڃي جنهن جا پيرا کڻجن ته يونيورسٽي انتظاميا ، ۽ مختلف حڪومتن کان ٿيندي اڻ سڌي طرح ئي صحي پر رياستي ادارن ڏانهن ئي ويندا
شاگردن سان ظلم ۽ ستم ڪندڙ قوتون شايد شاگردن جي طاقت کان اڻواقف هجن پر تاريخ سان لاڳاپيل ماڻهون ان ڳاله کان چڱي طرح سمجهي رهيا هوندا ته شاگردن تي ظلم ڪندڙن جو انجام تاريخ ۾ ڪيئن ٿيو آهي
سنڌي شاگردن جي تذليل ڪندڙ قوتن کي گهرجي ته اهي تاريخ جي ورقن کي ورائي شاگردن جي طاقت مان اندازو لڳائن کين گهرجي ته بنگال جي شاگرد تحريڪ ، اسٽريليا جي نيشنل يونين آف اسٽونٽ ۽ چلي جي اسٽونٽ ليڊ مان سبق سکن.
خدارا سنڌي شاگردن جي اهنسا کي ڪمزوري نه سمجهو وڃي کين بنگال جي امان الله اسد زمان ٿيئڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي کين انجنيئر، سائنسدان ، ڊاڪٽر، سياستدان ، ۽ وڪيل ٿيئڻ ڏنو وڃي

سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڌارين جي ڀرتي ڪير بند ڪرائيندو؟؟

 سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڌارين جي ڀرتي ڪير بند ڪرائيندو؟؟

واجد علي عاجز

Published on 13/12/2019

Pak Sindh

سنڌ ڌرتي جيڪا صدين کان وٺي پنهنجي سونهن ۽ خوشحالي جي ڪري ڪيترين ئي ڌارين قوتن جو تعاب سهندي آئي آهي، عرب هجن يا ارغون، ترخان سڀني جي اکين ۾ ڪنڊو سنڌ ڌرتي جي سونهن خوشحالي ۽ قدرتي وسيلا رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن ڌرتي کي ڦرڻ ۽ لٽڻ لاء هتي ڪيترن ئي ڦورن ۽ لٽيرن حملا به ڪيا ته ڏاڍ ۽ جبر سان هتان جي ماڻهن جي عضمتن ۽ عزتن تي پڻ وار ڪيو.

پر اها هن خطي جي تاريخ رهي آهي ته هتي ڪنهن به لٽيري ۽ ڦورو سڌو سنئون حملو ناهي ڪيو ڪڏهن مذهبي رنگ پائي ماڻهن جي نفسيات سان وڙهيو ويو آهي ته ڪڏهن وري ڪو ٻيو نقاب اوڙهي، پر هتان جا ساڃاه وند ۽ هن ڌرتي جي ٻچڙن هميشه ڪڏهن مهاراجه ڏاهر جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري هوش محمد شيدي جي شڪل ۾ بغاوت جو علم کنيو آهي.

ايئن ئي صدين جي روايت کي برقرار رکندي 1943۾ هن ڌرتي کي هڪ نئي ڌوڪي ۾ ڦاسايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو سنڌ هڪ آزاد رياست هوندي جتي سنڌي قوم کي پنهنجا سڀئي حق ملي ويندا، پر ڪجه ئي ڏينهن اندر هن معادي تي ڪنهن به عمل نه ڪيو نه ئي وري ڪنهن هن معاهدي کي پڙهڻ گوارا سمجهيو.

هن بعد به سنڌ مسلسل ڌوڪن ۽ دلبن اندر سور ڀوڳيندي رهي آهي، جڏهن مرضي پون ته کيس ون يونٽ ۾ ضم ڪري هن تاريخي ۽ دنيا جي شاهڪار ڌرتي کي هڪ ڪالوني ۾ بدلايو ويو.

تازو ئي 1973۾ 18ترميم به ڄڻ ته ڪنهن لولي پوپ ۽ ڌوڪو کانسواء ڪجه به نه هيو. جنهن ۾ وڏيون وڏيون ڳالهيون ته ڪيون ويون پر عمل ٽڪي برابر به ناهي ٿي سگهيو.

سنڌ ۾ ڌاري آبادي ته نظر ڦيرائجي ته بوهري، بنگالين کان ويندي سي پي ۽ يو پي کان وڏي لوڌ سنڌ ڇڏي وئي جنهن جو اثر سنڌ کان ويندي پوري پاڪستان جي معاشيات تي پيو.

سنڌ ۾ جتي ٻاهران آيل لوڌ گهٽ نه ڪيو ته اتي وري پنجابي پٺاڻن توڻي بلوچن به سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ ۾ ڪسر ڪان ڇڏي آهي، هتي پنجابين ۽ پٺاڻن کي ته پاڪستان جي قانون مطابق ڪجه ئي عرصي ۾ ڪراچي ڊوميسائل ته ملي ٿو وڃي پر هتان جي اصلوڪي وارثن لاء نه پورا ڪري سگهڻ جيترا شرط رکيا ٿا وڃن، جيڪڏهن ڪوئي وڏي تڪليف کان پوء شرط پورا به ڪري وڃي ٿو ته هن کي اهو ٻڌڻ ۾ ايندو ته توهان ڪنهن ٻي جو حق ڇو ٿا کائڻ چاهيو پنهنجي سنڌ جو وڃي ڊوميسائل ٺاهرايو؟؟؟ مان حيران آهيان ته اسان جي ڌرتي تي آخر ڪنهن جو حق آهي جيڪو اسان کائي پيا وڃون، آخر سنڌ ڪراچي ۾ ناهي ته پوء ڪٿان کان آهي، جيڪڏهن ڪراچي سنڌ ۾ ناهي ته هي قانون ۾ ڪوڙ ڇو لکيل آهي؟

جيڪڏهن 1943، 47، ۽ 73جي آئين ۽ ان کان پوء 18ترميم ۾ به ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو لکيو ويو آهي آخر هي ڪير آهن جيڪي قانون کان وڏا آهن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ به ڪراچي ۽ سنڌ جو راڳ الاپي رهيا آهن، قوم ميڊيا جي نالي ۾ شاطر اردو ميڊيا به سنڌ کي پنهنجي دل کان الڳ لکي رهيا آهن آخر قانون ڪهڙي اگهور ننڊ ۾ ستل آهي.

سنڌ جي ڊوميسائل جو استعمال ڪري فوج ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ ڀرتي ٿيڻ وارو فارمولا ته تمام پراڻو آهي جنهن سبب اسلام آباد ۾ ڪيترن ئي وڏن ادارن ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪوٽا تي غير سنڌي ماڻهن کي ڪوڙا ڊوميسائل ڏئي پنهنجا نوازي ته نوڪريون ڏنيون ويون، ايتري تائين جو ڪو وقت آيو ته پاڪستان فوج ۾ سنڌين جو ريشو اٽي ۾ لوڻ برابر پهچي ويو، پر هاڻي وري سنڌ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ ۾ انتها جي حد تائين وڃي پهتا آهن جو هاڻي صوبائي ادارن ۾ به ڪيترا ئي ماڻهون ڀرتي ٿيو وڃن، نه صرف عام ادارن ۾ پر سنڌپوليس تي نظر ڦيرائبي ته ڪيترا ئي وڏا گروه پنجابين ۽ پٺاڻن جا ويٺل نظر ايندا.

ڪراچي کان پوءِ رستو اختيار ڪيو پيو وڃي اهو آهي ڏهرڪي شهر جو جتي فوجي فٽيلازر جهڙي شاهڪار ڪمپني به ڪم ڪري رهي آهي، هونئن ته گهوٽڪي ضلعو جيترو مالدار آهي اوترو ئي ڌارين جو نظرن ۾ آهي پر ايف ايف سي تي نظرثاني ڪبي ته 80فيصد ڪم ڪندڙ ماڻهون پنجاب جڏهن ته 20فيصد پٺاڻ ۽ ٻيا هوندا جن ۾ لوڪل ماڻهن جو ريشو ڪڍجي ته اٽي ۾ لوڻ هوندو.

ڏهرڪي شهر ۾ ڌاري آبادگاري ۾ وڌائڻ جو سبب، جعلي ۽ ٺڳ ليڊر، پير ۽ سرمائيدار آهي جيڪي نه صرف هر ناجائز سهولت مهيا ڪندا آهن پر انهن کي اتم سمجهي پنهنجن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري به ڌارين کي سهولتون ڏيندا آهن، جنهن ڪري خاص طور پنجابي قوم جا اڪثر ماڻهون گهوٽڪي جهڙي لوڪل شهر ۾ به ڌرتي ڌڻين جي سرعام تذليل ڪيو وڃن ۽ هر اداري تي مالڪي جو حق جتائيندي لوڪل ماڻهن تي ظلم ۽ ڏاڍ پيا ڪن.

تازو ئي پوليس ڊيپارٽمنٽ ڀرتي پروگرام هليو جنهن ۾ پوري سنڌ مان 323ڄڻن کي ڀرتي ڪيو ويو جن مان 25هن تعداد ڪراچي سان هيون جن مان سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد ته صرف 5هيو پر پنجابي ۽ پٺاڻن جو تعداد 7 هيو جڏهن ته باقي ضلعن ۾ به  ٽوٽل تعداد مان هڪ کان ٻه ماڻهن جو تعلق پنجاب سان آهي جن کي سنڌي لکڻ ته ٺهيو پر پورو ڳالهائڻ به ڪون اچي.

هاڻي ضرورت هن ڳاله جي آهي ته مهنگائي، بيروزگاري ۽ تعليم جي معيار ۾ گهٽ هجڻ ڪري جتي اسان جا نوجوان ٻاهر نڪري نٿا سگهن اتي حڪومتي توڙي رياستي ادارن کي گهرجي ته پاڪستان جي آئين جي ڇانُ ۾ رهندي سنڌ جي ادارن ۾ صاف شفاف ڀرتي ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ صوبي جا نوجوان وڌ کان وڌ روزگار حاصل ڪن ۽ سنڌ مان بيروزگاري جي شرح گهٽجي سگهي.

 پنهنجي ڪيريئر جي صحي چونڊ ڪيو


واجد علي عاجز

Published on 18/10/2019

Pahanji Akhbar

جيئن ته سنڌ سميت پوري ملڪ جي تقريبن بورڊن 12هين ڪلاس جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، ٻارنهن ڪلاس کان پوء شاگردي جو اصل دور ۽ فيصلاتو دور يعني يونيورسٽي دور جي شروعات ٿيندي آهي جنهن ۾ اڪثر ڪري ڳوٺ جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ان ڳاله ۾ منجهاري جو شڪار ٿينديون آهن ته يونيورسٽي ۾ ڪهڙي شعبي ۾ داخلا وٺجي يا وري ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهجي، اسان وٽ اڪثر ڪري اهو روجهاڻ رهيو آهي ته اڪثر ماڻهون سمجهندا آهن ته يونيورسٽي وڃڻ جو مقصد ڊاڪٽر ٿيئڻ آهي يا وري ائجنيئر هالانڪه ايئن بلڪل به ناهي،

دنيا ۾ جتي ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي ضرورت آهي اتي سٺي صحافي، اينڪر، سماجي ورڪر ۽ ڪاروباري ماڻهون جي به ضرورت هوندي آهي، توڙي جو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيئڻ سان معاشي طور ماڻهون سگهارو ٿي ويندو آهي پر ڪافي ماڻهون اهڙا هوندا آهن جن جو مزاج انجنيئر ، ڊاڪٽر يا بزنس مين ٿيڻ جو ناهي هوندو، پر اسان وٽ سماجي طور پاڻ کي معتبر ۽ سگهارو ڏيڪارڻ لاء اڪثر والدين اها غلطي ڪري ويهندا آهن ته ٻارن کي زبردستي پنهنجي مرضي جي شعوبي ۾ داخل ڪرائي ڇڏيندا آهن ۽ نتيجي ۾ ٻارن کي ناڪامي ته پلئي پوندي  ئي پوندي آهي پر سماجي، روايتي توڙي ذهني طوربه  ٻار وڏي پيڙاه جو شڪار ٿيندا آهن.

تنهنڪري اهو نه صرف والدين جي زميواري آ ته ٻار کي پنهنجي مرضي تي شعوبي جي چونڊ ڪرڻ جي اجازت ڏين پر نوجوانن کي به گهرجي ته ؛ اڄ ڪله انٽرنيٽ جي دنيا آهي انٽرنيٽ اتي وڃي مختلف شعوبن بابت ڄاڻ وٺن ۽ وقت جي مناثبت سان ڪهڙي شعوبي ۾ ڪيتريون نوڪريون، ڪيترا ڪم آهن يا وري سماجي طور ڪهڙي شعوبي ۾ وڃي ڪري ماڻهن جي ڪيتري مدد ڪري سگهجي ٿي اهو ڏسڻ کان پوء ئي پنهنجي مزاج کان جانچي فيصلو ڪن، شعوبي جي چونڊ بلڪل به ننڍڙي ڳاله ناهي ڇو ته هي عمر جو اهو حصو آهي جنهن ۾ اوهان پنهنجي ڪيريئر جي مستقبل جي پلاننگ ڪري سگهو ته جيڪر اڄ اهو نه ڪري سگهيا ته اڳتي هلي پچتاء جو شڪار ٿي ويندا،

وقت جي ضرورت کي ڏسندي يونيورسٽين ۾ پڙهايا ويندڙ ڪجه شعوبن جو مختصر تعارف هيٺ لکان ٿو جيئن شاگردن جي ٿوري رهنمائي ٿي سگهي، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي شهر ۾ پهرين نمبر اها يونيورسٽي آهي جيڪا وڌ کان وڌ شعوبن ۾ تمام گهڻن شاگردن کي داخلا ڏي ٿي تازو ڪراچي ورسٽي ۾ جيڪي ٽيسٽ بيسٽ داخلا فارم آيل آهن انهن ۾ بيچلرس آف آرٽ ۽ سائس جا ڪافي پروگرام آهن جڏهن ته بچيل کوڙ سارن پروگران ۾ داخلا اوپن ميرٽ بيس تي ملندي جن جا فارم به ٿوري عرصي ۾ اچي ويندا:

1. ڪيميڪل ٽيڪنالاجي؛

ڪيمڪل ٽيڪنالاجي وسيع فيلڊ آهي، جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اوهان ڪيمسٽري ۾ سٺو پڙهي سگهو ٿا ۽ ٽيڪنالاجي سان اوهان جو چاه آهي ته اوهان هن شعوبي ۾ پڻ پاڻ مڃرائي ٿا سگهو، ياد رهي ته ڪيمسٽري هڪ وسيع فيلڊ آهي جنهن جو اوهان تعارف انٽر ۽ ميٽرڪ ۾ وٺي آيا هوندو، هن شعوبي ۾ ڊگري ڪرڻ کان پوء اوهان کي ڪيترائي موقعي فراهم ٿي ٿا سگهن، هن وقت پاڪستان ۾ خاص ڪري ڪيميڪل ٽيڪنالاجي جي شعوبي ۾ الاهي خال آهي جيڪو اوهان پورو ڪري سگهو ٿا.

2. ڪمپيوٽر سائنس

ڪمپيوٽر سائنس به تمام وڏو وسيع شعوبو آهي، پاڪستان ۾ ڪمپوٽر جي شعوبي ۾ وڏو خال اڃان به موجود آهي  تنهنڪري اوهان هن شعوبي ۾ نمايان ڪارگردگي ڏيکاري پنهنجي جاء ٺاهي سگهو ٿا، ان کانسواء دبئي سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪمپيوٽر سائنس وارن جي وڏي ڊيمانڊ آهي اتي پڻ اوهان پنهنجون ڪارگردگيون ڏيڪاري ٿا سگهو، ان شعوبي ۾ سرڪاري نوڪري حاصل نه ڪري سگهڻ کان سواء به ڪافي موقعا آهن جيئن اوهان انٽرنيٽ ذريعي به ڪافي پروجيڪٽ حاصل ڪري سگهو ٿا، جن جي رقم اوهان ڊالرن ۾ وٺي سگهو ٿا.

3. ايجوڪيشن

ايجوڪيشن به بهترين شعوبو آهي جيڪو نه صرف اوهان کي پئسا ڪمائڻ ۾ ڪم ايندو پر هن شعوبي ۾ پڙهي ڪري اوهان سماج جي بهترين طريقي سان مدد ڪري سگهو ٿا، هي شعوبو خاص ڪري استاد ٿيئڻ ۾ دلچسپي رکندڙن لاء آهي، هي شعوبو اڪثر ڪري ڇوڪريون چونڊ ڪنديون آهن اڄ ڪله جي نسبت سان استاد وارو ڪيريئر ڇوڪرين لاءِ بهترين ڪيريئر ثابت پيو ٿي، ڇوڪرا به هن ۾ پڙهي فائدو حاصل ڪري ٿا سگهن.

3. اسپيشل ايجوڪيشن

هي شعوبو به استاد ٿيئڻ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ آهي، هي اصل ۾ اسپيشل ايجوڪيشن آهي جنهن ۾ اوهان کي خاص طور تي معذور ٻارن کي تعليم ڏيئڻ جي سکيا به ڏني ويندي آهي

4. ماس ڪميونيڪشن

پاڪستان ۾ هن شعوبي ۾ گهڻو ڪم ٿيو آهي هي شعوبو ميڊيا سان لاڳاپيل آهي ماس ڪميونيڪشن کي ميڊيا سائنس به چيو ويندو آهي، هن ۾ پڙهي اوهان صحافي، ليکڪ، پروڊيوسر، ڊاريڪٽر، فلم ميڪر ۽ اداڪار نيوز اينڪر وغيره ٿي سگهو ٿا، جيڪڏهن اوهان من ڪو هن شعوبي ۾ اچڻ چاهي ته اهو ذهن نشين هجي ته هن شعوبي ۾ وقت با وقت اوهان کي پئسن جي گهڻي ضرورت پئجي سگهي ٿي، ڇو ته هن ۾ ملندڙ آسائنمنٽس ۽ پروجيڪٽ پريڪٽيڪل بنيادن تي هوندا آهن جن ۾ پئسن جي ضرورت پوندي آهي.


5. پاڪستان اسٽڊي

سائنس جي ڊوڙ جي ڪري پاڪستان ۾ ڪافي اهڙا شعبا آهن جن ۾ خال پيدا ٿيو آهن ان ۾ پاڪستان اسٽڊي به آهي تازو ئي ليڪچرشپ جي خالي سيٽن جي سروي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاڪستان اسٽڊي جون ڪافي جڳهيون خالي آهن جڏهن ته سائنس جي مضمونن کان به وڌيڪ پاڪستان اسٽڊي ۾ ليڪچررس جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اوهان سي ايس ايس ڪرڻ جو شوق رکو ٿا ته هي شعوبو اوهان لاءِ سٺو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

6. لينگويج (سنڌي، اردو، انگلش)

اڄ ڪله ٻولي وارو سبجيڪٽس ۾ ڪافي کوٽ پيدا ٿي آهي، جيڪڏهن ڪو هن ۾ شوق ٿو رکي ته اهي شعوبو به ڪافي ڪارگار ثابت ٿيندو، تازو ئي شايع ٿيل ليڪچررشپ جي سيٽن جي سروي ۾ سنڌي اردو ئي انگلش جي وڏي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي، خاص طور تي انگريزي جو وڏو خال جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ڀرجي نه سگهيو آهي، اوهان انگريزي جي عبور حاصل ڪري نه صرف نوڪري حاصل ڪري ٿا سگهو پر پارٽ ٽائم ٽيوشن ۾ به هزارين رپيا ڪمائي سگهو ٿا، ان کان علاوه انگريزي سکي اوهان ٻاهرين دنيا ۾ به پاڻ مڃرائي ٿا سگهو، انگريزي جو سبجيڪٽ اوهان کي هر جڳه تي ڪم ايندو توڻي ڪا نوڪري جي ٽيسٽ هجي يا وري فيلڊ ورڪ انگريزي لازم هوندي آهي، اگر اوهان ڪميشن جو شوق ٿا رکو ته اهي فيلڊ اوهان جي وڏي مدد ڪندي تازو سروي موجب ڪميشن جي امتحانن ۾ 80فيصد ماڻهن انگريزي ۾ مار کائي ويندا آهن.

ان کان عللاوه سوشولاجي، سوشل ورڪ، قانون، فزڪس، ڪيمسٽري، ميٿيمٽڪس، سائڪولاجي، ڪرمنلاجي، بايولاجي، باٽني، جيوگرافي، فشري، وومين اسٽڊي، انٽرنيشل رليشن، جيولاجي، فزيڪل ايجوڪيشن، سميت ٻيا به سائنس ۽ آرٽ ۾ اڻ ڳڻيا شعوبا آهن جن بابت انٽرنيٽ تي تمام گهڻو مواد پيل آهي، ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا فارم ڀرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ پنهنجي پاڻ کي ڏيو ۽ پنهنجي پاڻ کان ئي پڇيو ته اوهان ڇا ٿا پڙهڻ چاهيو ۽ مستقبل ۾ ڇا بڻجڻ چاهيندا ۽  پوءِ ان شعوبي ۽ مستقبل جي نوڪرين بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ تي ڳوله ڪيو ۽ ان متعلق ڄاڻ وٺڻ کان پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪيو، ياد رکو ته اوهان سچي دل سان جيڪو بڻجڻ چاهيو ٿا اهو ضرور بڻجي ويندو پر ان شرط تي ته اوهان  پنهنجو مقصد هڪ رکو ۽ دل سان ان تي محنت ڪيو يقينن اوهان جي ئي جيت ٿيندي.

توڻي جو انساني فطرت آهي ته اهو سڀ گدرا پنهنجي هٿن ۾ رکڻ چاهيندو آهي پر اهو ممڪن ناهي تنهنڪري اوهان کي ڪنهن به هڪ شعوبي ۾ پاڻ مڃائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ اوهين پنهنجو اصل مقصد وڃائي ويهندا ۽ ڪنهن به شعوبي ۾ ماهر ٿي نه سگهندا. اوهان مختلف شيون پڙهڻ جو شوق رکو پر دلي لڳائو پنهنجي خوابن جي تعبير لاءِ هجي ۽ ان ۾ ئي ماهر ٿي ڏيکاريو.

ڪاپي جي لالچ ۾ پنجاب کان ايندڙ نااهل شاگرد

 ڪاپي جي لالچ ۾ پنجاب کان ايندڙ نااهل شاگرد

Published on 17/12/2019

PakSindh newspaper


واجد علي عاجز


سنڌ ڌرتي جنهن جي قدرتي وسيلن سميت ڪارخانن ۽ ٻين ادارن تي ڌارين جي لوڌ ايئن اچي ويٺي آهي جيئن مٺائي تي مک، هڪ پاسي سنڌ کي تباه ۽ برباد حال به ڪوٺيو ويندو آهي ته ٻي طرف پوري پاڪستان جي ڏورانهين علائقن کان ڪمائڻ لاء ڌارين  جي لوڌ هن ڌرتي جو ايئن رخ ڪندي آهي جيئن هتان جا ماڻهون دبئي سعودي سميت انگريز ملڪن ڏانهن ويندا آهن، اهو ئي سبب جو سنڌ جي سڀني وڏن ادارن تي ڌاريا قابض آهن.


هونئن ته پوري پاڪستان ۾ پنجاب جي سرزمين کي پڙهيل لکيل ۽ شعوري ماڻهن جو ديس سڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ اهو به مشعور آهي ته پنجاب بنا ڄڻ ته پاڪستان اڻپڙهيل آهي، ايئن محسوس ڪرايو ويندو آهي ته جيڪر پنجاب مان بيروڪريسي جا بادشاه نه اچن ته ڄڻ پاڪستان جو ڪارونهوار ئي ٺپ ٿي وڃي، تنهن هوندي به ڪيترين ئي سالن کان هرسال هزارن جي تعداد ۾ امتحان ڏيڻ لاءِ سنڌ جو رخ ڪندا آهن، ان جو واحد سبب ڪاپي ڪرڻ ۽ رياعت وٺڻ هوندو آهي.


پنجاب جي پاڙيسري هجڻ ڪري گھوٽڪي ضلعي ۾ هر سال پنجاب کان هزارين نااهل شاگردن کي گهرايو ويندو آهي جن کي هتان جي نااهل انتظاميه ۽ ادارن ۾ ويٺل ڪرپٽ ڪامورن جي مڪمل حمايت حاصل هوندو آهي جيڪي هزارين رپيا رشوت وٺي اسڪول جي داخل کان ويندي ڪاپي ڪرائڻ، رهائش ۽ کاڌي پيتي جا انتظام پڻ پنهنجي اوطاقن ارينج ڪري ڏيڻ جا پابند هوندا آهن، جيڪڏهن ڊيل پنج رپيا وڌيڪ تي هوندي آهي ته هي مرد مجاهد ته ڇوڪرا به ٻيا گهرائي ڏيڻ ۽ ڪاپي لکرائڻ تائين به گڏ هوندا آهن ۽ جيڪڏهن ٻاهريان ايندڙ شاگرد به ڪنهن شاهي گهراڻي جو هجي ته هتان جا ڪامورا ته ويتر اولڻ گهولڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن پنهنجي رهائشي علائقن کان امتحاني سينٽرن تائين پهچائڻ لاءِ سرڪاري گاڏين جو بندوبست به ترت بنيادن تي ڪري وٺندا آهن.


هن سڄي ڊيل ۾ اسڪول جي هيڊماستر کان ويندي تعلقي آفيسر تائين سڀ ملوث هوندا آهن ته وري صحافت جي جبي ۾ ڍڪيل پروفيشنل ڀتاخور يا ته ڪامورن کان پنهنجو حصو پتو وٺي خاموش ويهي رهندا آهن يا وري پنهنجي ڪم ڪڍائڻ لاءِ ڪامورن جي هيٺائين ڪري پنهنجا ڪم ڪڍرائيندا آهن، ڇو ته هي ڪم ڪير به فردي بنياد ته اڪيلي سر ڪري ئي نٿو سگهي هن جي پٽيان هڪ چين هوندي آهي جيڪي اسڪول جي پٽيوالي کان ويندي ضلعي آفيسر تائين هلندي آهي.


اهو ئي سبب ته نااهل ڌاريا هٿان سرٽيفيڪٽ وٺي وري هتي ئي اسان مٿان حڪمراني لاءِ اچي ويندا آهن ڇو ته جڏهن ڪنهن به علائقي جو تعليمي سرٽيفڪيٽ هوندو آهي ته اتان جو ڊوميسائل ٽهرائڻ ۾ آساني ٿي پوندي آهي ۽ جيڪي ادارن ڪجه فيصد نوڪريون علائقي جي ماڻهن مخصوص ڪندا آهن ته اهو به هنن نقلي علائقي واسين ڌارين جي حوالي ٿي وينديون آهن ۽ اسان جي پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ ساڳيا ئي ڪاري وارا ڪک وڃي بچندا آهن.


ان سڄي ظلم ۽ ناانصافي ۾ ڌارين سان گڏ پنهنجن جو وڏو رول هوندو آهي تڏهن ته ابراهيم منشي لکيو آهي ته؛



مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،

ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي، ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾...!!

ماڌري ٻولين جو تعليم ۽ ملڪي معاشيت ۾ ڪردار

 ماڌري ٻولين جو تعليم ۽ ملڪي معاشيت ۾ ڪردار
واجد علي عاجز
Published on 18/12/2019
Pak Sindh Newspaper
عام طور تي ٻولي جي وصف ته تمام سادي ۽ سولي لفظن ۾ اها ڪئي ويندي آهي ته ٻولي ٻن فردن جي وچ ۾ رابطي ڪرڻ جي طريقيڪار کي چئبو آهي پر حقيقيت ۾ ڏٺو وڃي ته ماڌري ٻوليون فقط هڪٻئي کي ڳاله سمجهائڻ يا سمجهڻ جو طريقڪار ناهي پر هن سان دلي رشتي سان گڏ روحاني ناتو به هوندو آهي
اها سگه صرف  ماڌري ٻولين ۾ ئي سمايل هوندي آهي جنهن ۾ انسان لفظن ۾ درد ۽ آنهون به اوتي سگهندو آهي دنيا ۾ جيتوڻڪ ڪجه ٻوليون راج ڪري رهيون آهن ان باوجود به اهي پڙهڻ لکڻ لاء کڻي استعمال ٿي رهيون هجن پر ماڻهن کي پنهنجي ٻولي ۾ سوچڻ ۽ خواب ڏسڻ جو حق ناهن ڦري سگهيون سائيڪولاجي جي مطابق انسان جيڪو ڪجه پنهنجي ماڌري ٻولي ۾ سوچي ٿو اهو ڪنهن ٻي ٻولي ۾ نٿو سوچي سگهي کڻي ٻي ٻولي ڪيڏو به سندس مٿان هاوي نه هجي، ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ڌاري ٻولي جا لفظ اوهان صرف سمجهي سگهو ٿا پر پنهنجي ماڌري ٻولي ۾ ٻڌل لفظن کي محسوس به ڪري سگهو ٿا،
جتي دنيا متان راج ڪندڙ ٻولين ۾ انگريزي جو ناءُ مٿانهون آهي ته اتي اسان جو ملڪ به هن کان پنهنجا پلاء ڇڏائي ناهي سگهيو، علمي ادارا هجن يا آفيسون هر جاء تي انگريزي پنهنجو روب ڄمائي ويٺل آهي جنهن جا ڪيتري حد تائين فائدا به آهن ته گڏوگڏ نقصان به.
فائدن جي سرفهرست ۾  ڏسجي ته انگريزي دنيا ۾ پهرين نمبر تي ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ وڃي باآساني ڪاروهنوار ڪري سگهجي ٿو يا وري پنهنجي ملڪ ۾ ئي رهي پرڏيه ۾ ڪاروبار ڪري ملڪي معاشيت کي فائدو رسائي سگهجي ٿو
تعليمي ميدان ۾ سڏجي ته سائنس هجي يا سماجيات، معاشيات يا وري ڪو ٻيو علم سڀني ۾ وڌ کان وڌ ڪم انگريزي ٻولي ۾ ٿيل آهي، ايئن گهڻي چئجي ته انگريزي نه پڙهڻ سان خاص ڪري پاڪستان جهڙن غريب ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن لاء علم  جي وڏي حصي تان هٿ کڻڻ برابر آهي
ايئن به ناهي ته انگريزي پڙهڻ کان سواء علم حاصل نٿو ڪري سگهجي پر مسئلو اهو آهي ته اسان جي ملڪ جهڙن مظلوم ملڪن کي ان سائنسي تحقيقن ۽ تجربن کي ماڌري ٻولين ۾ ترجمو ڪير ڪري ڏي چوندا آهن ته آڱر خراب ٿي ته هٿ نه وڍرائجي کڻي آڱر ئي وڍرائي ڇڏجي پر هتي سڀني ڪمن جيان اهو ڪم به ابتو ڪيو ويو آهي ڪرڻ ايئن کپندو هيو جو اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن لاء آساني پيدا ڪرڻ خاطر علم کي ملڪي ماڌري ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن ها پر هتي اسان پنهنجي ٻولين کان ئي دستبردار ٿي وياسين،
جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو تعليمي ميدان  ڏسجي ته اسان جي ملڪ جي ٻارن کي پرائمري کان وٺي انگريزي پڙهائڻ شروع ڪرائي وڃي ٿي ۽ جنهن جي ڪا به حد ناهي ته هو ڪڏهن انگريزي مڪمل پڙهي سمجهي ۽ لکي سگهندو، هتي ٻار پرائمري کان ڀلي ماسٽر ليول جي آعلٰى ڊگرين تائين پهچي پر ڪٿي نه ڪٿي انگريزي ٻولي سکڻ جا جتن پيا ڪندو آهي توڻي جو سندن سبجيڪٽ ڪمپيوٽر، ميڊيا، فزڪس ئي ڇو نه هجي پر سندس پڙهائي جي سڄي عرصي جو ڪاٿو لڳائجي ته  بانصبت پنهنجي سبجيڪٽ کي پڙهڻ ۽ سندس مٿان کوجنا ڪرڻ جي  گهڻو وقت انگريزي سکڻ ۾ گذاريو هوندو، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان اهو پيو ٿي ته اسان جي شاگردن کي سوچڻ ۽ کوجنا ڪرڻ طرف ڪو ڌيان ئي نٿو وڃي اهو ئي سبب آهي جو گهڻي عرضي کان اسان جي ملڪ ۾ ڪو نوبل آفته سائنسدان ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾  دنيا ليول تي پاڻ مڃرائڻ وارو پيدا نه ٿي سگهيو آهي اسان جا شاگرد رڳو رٽا رٽايل جملا ياد ڪري امتحان ۾ سٺا نمبر وٺڻ جي دوڙ ۾ کٽڻ لاء ڪوشان آهن.
تعليمي ميدان جيان ملڪ جي ننڍن وڏن ادارن جي آفيسن جو حال به ساڳيو آهي ملڪ ۾ آفيشل ٻولي انگريزي رکي وئي آهي جيڪا مشڪل سان ملڪ جي 10فيصد آبادي کي به مڪمل طرح ايندي هجي جنهن سبب ملڪي معاشيت تي وڏو اثر پئجي رهيو آهي ملڪي ادارن جي آفيسن ۾ ميٽرڪ پاس ماڻهن کان ويندي ڊاڪٽريٽ پڙهيل ماڻهن جي ڊگهي چين پئي ڪم ڪندي آهي تنهن باوجود به هڪڙي خط ۾ انگريزي لکڻ لاء ڪلاڪن جا ڪلاڪ برباد ڪرڻا پون ٿا ۽ خط کي هيٺين ليول کان ويندي مٿين ٽاپ ليول تائين صرف هن ڪري چڪر ڪاٽڻا پوندا آهن ته ان ۾ لکيل لفظن جي گرامر سڌي ڪري سگهجي تنهن باوجود به هيٺين ليول جي ماڻهن کي اها خبر ناهي پئجي سگهجندي ته اهو خط ڇو ۽ ڇالاء لکيو پيو وڃي اهو ئي سبب آهي ته اڪثر ادارن ۾ هڪ ماڻهن جي جاء تي چار کان پنج ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهنڪري نه صرف ڪم ۾ رڪاوٽ ٿي اچي پر ملڪي خزانو به وڏي پيماني تي برباد ٿي ٿو، ٻاهرين ملڪن سان رابطي لاء کڻي ڪجه پڙهيل لکيل ماڻهن جي مدد حاصل ڪري انگريزي استعمال ڪجي پر جيڪڏهن پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٿيندڙ رابطي لاء پنهنجي ماڌري ٻولين جو استعمال ڪجي تڏهن به ڪافي حد تائين وقت سان گڏ ملڪي ناڻو به بچائي سگهجي ٿو.
دنيا جا ڪافي اهڙا ملڪ آهن جن پنهنجي ماڌري ٻولين کي ڇڏڻ بجائي علم ۽ دانشمندي ڏيکاريندي پنهنجي ئي ٻولين کي ايڏو ته ترقي يافته ڪيو آهي جو گهڻا ئي ملڪ انهن جي ٻولي سکڻ لاء مجبور ٿي ويا آهن جن ۾ چين ۽ سعودي عرب پڻ آهن سعودي ۾ پرائمري کان ويندي انٽر تائين تعليم عربي ۾ ڏني ويندي آهي
نه صرف ايترو پر سعودي جي ويزا ته صرف ۽ صرف عربي استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ اتي چين به هر جاء تي انگريزي بجاء پنهنجي ٻولي جو استعمال عام ڪندا آهن
اسان کي گهرجي ته پنهنجي ايندڙ نسل کي پنهنجي ماڌري ٻولين ۾ تعليم ڏئي حقيقي معني ۾ پڙهيل لکيل بڻايون ۽ ڌارين ٻولين ۾ سڄي زندگي الجهائڻ کان جان آجي ڪرايون.