Showing posts with label شاعري. Show all posts
Showing posts with label شاعري. Show all posts

Wednesday 22 September 2021

خطن جو پوسٽ مارٽم.....

 خطن جو پوسٽ مارٽم.....
  اکين ۾ اداسي چڱي ناھي.....
  رات دير تائين جاڳڻ سان 
  ھيٺين پنبڙي ڪاري ٿي ويندي آھي
  وڏيون تحريرون واندا لکندا آھن.....
  موسيقي وقت جو زيان آھي.......
  سياست امير ماڻھن جي وندر آھي .....
  قومپرستي ساڙ ۽ لسانيات کي جنم ڏيندي آھي ...
  دوستن کي وقت ڏيندڙ حياتي ۾ ناڪام ٿيندا آھن...
  دوست پنھنجي گيٽگري جا رکڻ گھرجن...........
  جديد علمن کانسواءِ ادبي ڪتاب پڙھڻ......
  فارغ ماڻھن جو ڪم آھي......
  واڪ اڪيلي سر ڪرڻ گھرجي........
  آچر ڏھاڙي تي به سوير اٿجي......
  محبت ۾ حقيقت پسند ٿجي......
  ڪو حد کان وڌيڪ ياد اچي ته
  انا الله مع الصابرين پڙھجي......
  خدا جي عبادت محبوب کان وڌيڪ ڪجي....
  خطن ۾ فڪشن لکڻ کان پاسو ڪجي.....
  محبوب کي حورن سان تشبيهه ڏئي
محبوب کي گنھگار نه ڪجي.......
ڏس تنھنجي پراڻن خطن جي پوسٽ مارٽم دوران
ڪيڏيون نه فرسوده ڳالھيون مليون آھن......
جن کي آء حرف آخر سمجھي ڇڏيو ھيو 

-واجد علي عاجز

تون ڪڏهن ايندين..؟

 تون ڪڏهن ايندين..؟
ڪير به جواني ۾ پوڙھو ٿيڻ نٿو چاھي.....
 جسم مخصوص حد تائين سج جي روشني 
برداشت ڪندا آھن....
ايئن روح کان به ھجر برداشت ناھي ٿيندو...
راتين جو تارا تڪڻ فطرت ناھي ھوندي
اھا ھيڪلائين جي آخري حد ھوندي آھي ....
منھنجون اکيون تنھنجي سونھن
 جي غذا کان محروم آھن
منھنجا ڪن تنھنجي آواز جي 
مڌم موسيقي لاءِ سڪايل آھن....
ڪائنات تنھنجو جواب ٻڌڻ جي انتظار ۾ آھي
ھن ڪن فيڪون کان پوءِ
 تنھنجي آواز جو انتظار ڪيو آھي
 نه ختم ٿيندڙ انتظار عمر کي چوھٽي ويندا آھن...
 ماڻھون پابندي سان نماز پڙھندا آھن
 آءٌ ايئن ئي ايميل ۽ مسيج جو 
 انبوڪس خالي ڪندو آھيان 
 ان ڊپ ۾ ته ڪٿي تنھنجو مسيج 
 ميموري فل مھل نہ اچي
 منھنجو فيسبڪ 24 ڪلاڪ کليل ھوندو آھي 
 متان تنھنجي آواز جي آذان تي آءٌ غير حاضر ٿيان...
 منھنجي ٽيليگرام جا ٽيب، لنڪ ڊن جو اڪائونٽ، 
 ٽوئيٽر، انسٽاگرام سڀ ان آس ۾ کليل آھن 
 تون ئي جواب ڏي...
 تون ڪڏھن ايندين؟

منھنجي وجود ۾ سمايل ساھن جي

 ون ....!
منھنجي وجود ۾ سمايل ساھن جي 
سلسلي سان جڙيل آھن.........
تون ......! 
آھين ته چنڊ کي چانڊاڻ ملي آھي...
تون....! 
ڪن فيڪون جھڙو سڏ آھين جنھن منھنجي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آھي....
تون....! 
ڊپريسڊ ماڻھون کي ايندڙ خودڪشي جي خيال وانگي مونسان گڏ آھين.
تون...!
خوابن سان ڀريل ننڊ جھڙي پياري ۽ وڻندڙ آھين..
تون...!
اھو آھين جيڪو اڄ تائين خلقيو نه ويو آھي...
واجد

جوبن جوڀن جهور ٿي ويو آهي

 جوبن جوڀن جهور ٿي ويو آهي
چنڊ جي روشني اڳيان 
ڄڻ ڪنهن اپسراء وارن جو پردو ڏئي ڇڏيو آهي
ڏينهن ڄينڀن جا ڏنگ..
۽ راتيون وڇون جيان ڏنگيندڙ آهن
شامون وصل جي سوڳ ۾ آهن
پره پنهنجو ساءُ وڃائي ويٺو آهي
منهنجون اکيون ڄڻ ڪتن جي 
اوڙ ۾ اڇليو ويون آهن
ننڊ آس بڻجي وئي آهي
۽ خواب مقتل جا ڍير
تو پڄاڻان زندگي رڃ جو سفر آهي
پوء به اڄ تائين تنهنجو اوسيئڙو آهي
سجني ٻڌائي ني 
تون ڪٿي ۽ ڪيئن آهين
واجد گبول

پيو ڳولهيان ڪـٿي آهـــــين

 پيو ڳولهيان ڪـٿي آهـــــين
ويران سڀ واٽون ورسٽي جون
نــــٿـــي نظـرين ڪٿي آهيــن
خاموش ڏاڪــــڻـــيون بي بي اي سنديون
خالي خالي انوارمــــينٽـــــل آ ســـــمــــورو
آڊوٽوريم منجه آهن اداسيون ڪٿي آهين
شامن ۾ تـو ســواء سـانــئــڻ
ورسٽي اچــي پــئــي کـائــڻ
سڏين توکي ديوارون سي ايس جون ڪٿي آهين
هليا ويـــا ڪينٽين مــــان ســــــارا
ڇڙواڳ ڇوريون  ۽ سڀــــــئــي ڇـــورا آورا
خالي آهن سڀئي ڪرسيون ڪٿي آهين 
پيو ڳولهيان ڪـــٿـــــي آهين
ڪٿي آهين ڪٿي آهـــين
واجد علي عاجز

سي ايس پڪارون وري آ ورسٽي

 سي ايس پڪارون وري آ ورسٽي
بي بي اي جو سارون وري آ ورسٽي.
ملڻ جا بھانا بڻائي لائبريري تہ اچ تون
نئيون ڪي ڳالھيون پچاريون وري آ ورسٽي
وساري ڇڏيئي تہ وڏي ڳالھ ناهي
  ڇڏي ڪين وڃ تون اٿي ھي ميارون،  وري آ ورسٽي
مونسان نہ مل ڀل نہ ئي تون کل ڀل
کسي وڃ نہ تون ميڊيا جون بھارون وري آ ورسٽي
#واجد

ھاڻ تون ورسٽي نہ ايندين؟؟؟

 ھاڻ تون ورسٽي نہ ايندين؟؟؟
ھاڻي آءٌ ورسٽي جي پيج تي
تنھنجي تصوير تلاش نہ ڪندس؟
ھاڻي تون ڪنھن فنڪشن ۾
ساھيڙين سان ٽھڪ نہ ڏيندين ؟
ھاڻ سي ايس جون ڏاڪڻيون
تنھنجا پير نہ چمي سگھنديون ؟
ھاڻي ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ توکي تلاشي نہ سگھبو؟
ھاڻ لائبريري جي لان ۾ تون نظر نہ ايندين؟
ھاڻي آڊيٽوريم کي سدائين اداس رھڻو پوندو؟
ھاڻ اليڪٽرانڪ ليب ۾ تنھنجا ٽھڪ ڪون ٻڌبا؟
ھاڻي ايم ئي جناح روڊ تان رونق ھلي ويندي ؟
ھان ڪيفي پاڪستان ۽ ڪيفي بوگي بہ اٻاڻڪا رھندا؟
ڇا واقعي ھاڻ تون ورسٽي نہ ايندين؟
  #واجد

اسان بن ڪچهريون ڪيمپس ۾ ڪيئن لڳئي

 #واجد_گبول
اسان بن ڪچهريون ڪيمپس ۾ ڪيئن لڳئي
اسان بن بهارون ڪيمپس ۾ ڪيئن لڳئي
پنهنجا وعدا وچن وساري ڇڏيائي ڇا
اسان جون ميارون ڪيمپس ۾ ڪيئن لڳئي
نه انتظار ڪنهنجو نه ڪو منتظر ٿئي
اسان بن شامون ڪيمپس ۾ ڪيئن لڳئي
هر پاسي هو ميلو ۽ هنيون رونقون
اسان جون سارون ڪيمپس ۾ ڪيئن لڳئي
جنم ڏينهن ميلا مبارڪون ۽ خوشيون
اسان بن سموريون ڪيمپس ۾ ڪيئن لڳئي

ﭼﻣﻲ ﮔﻫﺮﺟﻲ

 ﭼﻣﻲ ﮔﻫﺮﺟﻲ
ﻭﺍﺟﺪ ﻋﻠﻲ ﻋﺎﺟﺰ
ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﮐڙﻳﻦ ﺟﻮ ﻣﺎﻥ ﺩﻳﻮﺍﻧﻮ
ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻴڻﻦ ﺟﻮ ﭘﺭﻭﺍﻧو
ﭼﻣﻲ ﺟﻮ ﭼﺱ ٿﻮ ﭼﺍﻫﻴﺎﻥ
ﻧڪﻲ ڪﺠﻪ ٻﻴﻮ ٿﻮ ﮔﻫﺮﺟﻲ
ﻡﮕﺭ ﺗﻨﻬﻨﺠﺎ ﻫﻲ ﻧﺨﺮﺍ ﻫﻦ
ﺟﻴﺌﻦ ﺁ ڳﻮٺ ۾ ﻫﻮڪﻮ
۽ ﺿﺪﻳﺮﻭ ٻﺎﺭ ﺗﻮﻥ ﺁﻫﻴﻦ
ﺍﻥﮕﻝ ﺗﻨﻬﻨﺠﺎ ﺍڻﺎﮔﺍ ﻫﻦ
ﻡﮕﺭ ﭘﻭء ﺑﻪ ﺍڙﻱ ﺟﺎﻧﺎ ﺍﮐﻳﻦ ﺟﻮ ٺﺎﺭ
ﺗﻮﻥ ﺁﻫﻴﻦ
ﭼﻣڻ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڪﻌﺒﻲ ﮐﻱ
ڏﺱ ﺗﻪ ﮔﻧﺎﻩ ڪﻴﺌﻦ ﺁﻫﻲ؟
ﺛﻮﺍﺑﻦ ۽ ﮔﻧﺎﻫﻦ ﺟﻲ ٻڌﺍﺋﻲ ﻭﺻﻒ ڪﻬڙﻱ ﺁ؟
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﭙڙﻥ ﺟﻲ ﺧﺸڪﻲ ڏﺱ
ڏﺱ ﺍﮐڙﻳﻦ ۾ ﺍﺭﻫﺎﺋﻲ
ﻟڳﺎﺋﻲ ﺩﻝ ﻣٿﺎﻥ ﻫٿڙﻭ
،ڌڪ ڌڪ ۾ ﺩﺭﺩ ﺁ ڪﻴڏﻭ
ﻓﻘﻂ ﻫڪ ﭼﻣﻲ ﺟﻲ ﻣﻨﻊ ﻧﺎﻫﻲ
ﻗﺘﻞ ﺍﺣﺴﺎﺳﻦ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺁﻫﻲ
ﺁڙﻱ ﻗﺎﺗﻞ ﻋﺎﺷﻘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ
ﺟﻨﺖ ﺟﺎ ﺳڀﺌﻲ ﺩﺭ ﻣﺒﺎﺭڪ ﺗﻮﮐﻱ
ﭘﺍڻ ﭼﻣﻴﻦ ﺟﺎ ﺑﺲ ﭘﻳﺎﺳﻲ ﻫﻮﻥ
ﻧﻪ ڄﺎڻﻮﻥ ﮔﻧﺎﻫﻦ ۽ ﺛﻮﺍﺑﻦ ﮐﻱ
ﻧﻪ ڊڄﻮﻥ ﭘﺍڻ ﺩﻭﺯﺧﻦ ﮐﺍﻥ ٿﺎ
ﻧﻪ ﻫﻮﻥ ﺟﻨﺖ ﺟﺎ ﺩﻳﻮﺍﻧﺎ
ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻱ ﺯﻧﺪﮔﻱ ﮔﻫﺮﺟﻲ
. .ﻓﻘﻂ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﻣﻲ ﮔﻫﺮﺟﻲ



آخري پيغام !

قسطن ۾ لکيل سڀئي خط
4حصن ۾ پهتل مسيج
آخر هيڏين وڏين ڳالهين جا مقصد ايترا ننڍا ڇو هوندا آهن
لفظن جي ترتيب زندگي جيان ڇو هميشه اوچ نيچ جو شڪار هوندي آهي ڇا تون ڪڏهن سوچيو آهي
مان لفظن ۾ ماکي ڪيئن وجهندو هيس
ڇا تون سوچيو آهي تنهنجي مسيجن ۾ وڌل مرچون منهنجو سک چين ۽ نور کسي وٺنديون آهن
ڇا تو اهو نه سوچيو هو ته تنهنجي خط مٿان لکيل لفظ "آخري پيغام" منهنجي دل جي ڌارا کي بند ڪري پئي سگيو
تو اهو به نه سوچيو ته
تنهنجي ڪال جي ڪٽجڻ سان منهنجي ساه جي نلي ۾ سوڙ ٿي پئي سگهي
ڇا تون نٿي ترسي سگهين
منهنجي آخري هڏڪي تائين جنهن جي اچڻ بعد پاڻي جي ضرورت ناهي پوندي
ڇا تون نه پئي ترسي سگهين
منهنجي وارن ۾ اڇا اچڻ تائين
ڇا اهو انتظار منهنجي محبت جي ڀيٽ ۾ وڏو هيو..؟؟
ڇا اهو ڪائنات کان به وڏو هيو...؟؟
ڪائنات جيڪاڪيڏي نه سوڙي آ....
فقط منهنجي پيار جي 3ٽين حصي جيتري.....



ڀتين کي ڪن ناهن

 

ڀتين کي ڪن ناهن هوندا ۽ نه ئي وات

لائبريري اڳيان پيل بئنچ گونگي آهي. .

سي ايس جو سيڙهيون صرف

 ٽڪ ٽڪ جو اواز ڪڍي سگهنديون آهن  .

ميڊيا جا ڪلاس روم ڳالهائڻ کان قاصر آهن. .

آڊٽوريم شور ۾ پنهنجو آواز ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو هو. .

ڪينٽين جون ڪرسيون پنهنجي نظرن جي ٻولي نٿيون ڄاڻن. .

تون بي خوف هلي وڃ. .

مون وٽ تنهنجي پيار جو ڪو به پختو ثبوت ڪونهي.




محبوبه جي اکڙين جهڙي سنڌ مدرسه

 

محبوبه جي اکڙين جهڙي سنڌ مدرسه.

واجد گبول

 

چمڪندڙ ديوارون ڄڻ پرين جي اکين جو نور. .

سونهن پسڻ لاء سڀئي ڪوششون اڻپوريون ئي رهيون

دل ڀرجڻ جو نالو ئي ناهي وٺندو. . .

هو حوصلن جو گهر،

سونهن جو ساگر ۽ محبتن جو مرڪز. .

هن ڏانهن ويندڙ راهون ڄڻ وصل ڏانهن ويندڙ دڳ. .

ميڊيا جو شعوبو اک جي ماڻڪي آهي

سي ايس کان سواء سندس روشني نا ممڪن آهي

بي بي اي ڏسندڙن جي ساهن جو سرور ۽ آڊٽوريم ڇپر جي ڇانه وانگي آهي. .

ڪراچي پرين جو پاڇو آهي

۽ سنڌ مدرسه محبوبه جي اکين مثل آهي