Monday 10 September 2018

منهنجي صدو حصو پهريون ______ My Sidhu



زندگي ڪيڏي نه عجيب آهي، هزارين ماڻهون زندگي ۾ ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن
خوش نصيب الهائجي دل ڏوکائيندڙ هوندا آهن اهي شخص جيڪي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رهجي به ظاهري طور ڪوهين ڏور هليا ويندا آهن يا وري وقت جهڙي رهگير گهوڙي جي پيرن ۾ اچي اسان پاڻ انهن سان منزلن تائين پهچي ناهيون سگهندا.
ڪيڏيڍو نه وڻندڙ وقت هيو..
انتظار ته هيو مگر کٽندڙ انتظار جنهن جي ڄمار ڪي پل هئي.
ڪراچي جي موسم ڪنهن اپسراء جيان وڻندڙ هئي هي اها موسم هئي جنهن جو انتظار دنيا جي هر ڪنڊ جا ماڻهون محبوبه جي انتظار جيان شدت سان ڪندا آهي.
موسم جو به سماج تي وڏو اثر پوندو آهي دلين تي، دماغ تي، مزاجن تي موسم سٺي هوندي آهي ته هر شخص گلاب جي گل جيان مهڪندڙ نظر ايندو آهي ۽ موسم جي تکي نظر هوندي آهي ته ڄڻ هر ماڻهون پنهنجي ئي جان کي جيئارڻ جي چڪر ۾ پيو هوندو آهي.
اپريل جي موسم ڪراچي جي خوبصورت موسم طور سمجهي ويندي آهي
اهي اپريل جا ڏينهن هيا جڏهن آدرش ۽ صدو جي وچ مان پل صراط جي لڪير ٽٽڻ واري هئي.
آدرش ۽ صدو جي محبت پهرين نظر ۾ ٿيندڙ محبت هئي جيڪا لڳ ڀڳ پندرهن مهينا تڙپندي رهي هئي ايئن جيئن پاڻي بنا مچي ڦٿڪندي هجي
مگر اڄ اها تڙپ ختم ٿيئڻ واري هئي اڄ آدرش انهن محبت جي ويجهو وڃي رهيو جنهن لاء هو راتين جون راتيون ويهي سوچيندو هيو. اڄ هو پنهنجي ان اپسراء کي نينهن جو نياپو پهچائڻ پئي ويو جنهن لاء هن گيت سرجيا هيا پيار جا گيت محبت سان ڀريل غزل سانڍي رکيا هيا.
آدرش جو لکڻ جو شوق ته ڄڻ سندس گڏ ئي پيدا ٿيو هيو پر سندس لکيل لکڻيون خبر ناهي ته ڪٿي وڃائجي وينديون هيون ڪورس جي پراڻين ڪاپين ۾ يا وري موبائيل جي ڊارفٽ بوڪس ۾ پئي پئي وقت سان گڏ ميٽجي وينديون هيون يا وري ڪاپين جي گم ٿيڻ يا ڀرجڻ سان سندن گڏ لکڻيون به ڪنهن ردي ۾ وڃي پهچنديون هيون.
اهو پهريون دفعو هيو جو آدرس پنهنجي سجني لاء لکيل گيت ڪنهن نڪور پني تي سرجي ڪنهن ڪنڊ ۾ سانڍي رکيو هيو دل ۾ اها اميد رکي ته جڏهن هوء ۽ مان اسان ٿي وينداسين ته کيس پيار سان ڀريل سڀ گيت غزل کيس ارپي ڇڏيندس.
آدرش جو خواب ساڀيان ڏانهن وڌي رهيو هيو هن انتظار جا سڀ پيمانا ٽوڙي اڄ دل ۾ اهو پهه ڪري ڇڏيو هيو ته کيس ملي ڪري حال جي حقيقت کيس سليندس.
هو گهران ورسٽي لاء نڪتو ته سڄي واٽ ذهن ۾ اهو پئي سوچيائين ته کيس ڇا چوندس، اهو ته مان کيس محبت ڪيان ٿو،
ها پر شروعات ڪيئن ڪندس...
هوء ڇا سوچيندي.......
کيس ڪيئن اعتبار ڏياريان ته مان....
بس ۾ 45 منٽ جو سفر پورو ٿي چڪو هيو بس ايم اي جناح روڊ کان ورسٽي کي پوئتي تي ڇڏيندي چندريگر روڊ تي پهچي چڪي هئي پر آدرش ڪنهن ڳاله تي متفق نه ٿيو هيو هو جلدي جلدي هيٺ هلي چند قدم پوئتي هلي ورسٽي پهتو جتي کيس 3 بجي پهچڻو هيو پر هو صبح جو ڏهين وڳي اچي نڪتو هيو فقط صدو سان ملڻ خاطر کيس پهرين نظر جو قصور ٻڌائڻ خاطر، پر جڏهن هو صدو جي ڀر مان لنگهيو ته کيس عجيب سوچن اچي ورتو هڪ عجيب خوف، جيڪڏهن هوءَ ڪاوڙجي پئي ته..
جيڪڏهن هن جي گهرن وارن تائين خبر وئي ته...
جيڪڏهن هن ورسٽي ۾ شڪايت درج ڪئي ته...
۽ ايئن آدرش جي دماغ تي خوف ڇائنجي ويو جنهن آدرش کي محبت جي ابتداء کان جهلي ورتو..
رات جا ٻارنهن وڳا هيا آدرش جون اکيون فيسبڪ تي گهمي رهيون هيون پر سندس ذهن هاڻي به صدو سان محبت جي اظهار جا طريقا سوچي رهيو هيو.
اوچتو کيس نظر صدو جي فيسبڪ پروفائل تي پئي ۽ دوستي جي درخواست ملي ڇڏيائين، ۽ ان سوچ ۾ گم ٿي ويو ته هوءَ منهنجي درخواست قبول به ڇو ڪندي... هوءَ ته مونکي سڃاڻيندي ئي مس آهي نه هوءَ منهنجي سٺي دوست آهي نه ئي وري ڪلاس ميٽ.. پوءَ منهنجي درخواست ڇو قبوليندي..
ايتري ۾ اطلاع واري گهنٽي وڳي هئي دل جي تيز ٽڪ ٽڪ سان اطلاع کوليائين ته خبر پئي ته صدو کيس درخواست قبول ڪري ورتي هئي دل خوشي ۾ ڄڻ دل باغ بهار ٿي پئي هئي اکيون هيون جو چمڪي رهيون هيون جلدي جلدي ۾ هن مسيج بوڪس ۾ وڃي صدو کي مهرباني جو مسيج ڪيو هيو ۽ صدو به روايتي انداز ۾ ڪا ڳاله ناهي جو پيغام اماڻيو هيو.

اهو ٻيو ڏينهن هيو رات جو تقريبن هڪ ٿي چڪو هيو آدرش ڪنهن جي انتظار ۾ جيڪو سندس به خبر نه هئي فيسبڪ تي اکيون ڦريندي سندس نظر صدو جي آئي ڊي تي پئي هئي جيڪا هن وقت لائين تي موجود نظر اچي رهي هئي آدرش ڪچهري کي وڌائڻ لاء ورسٽي جي ڳالهين کان شروعات ڪئي ايئن ڏينهن گذريا ڳالهيون ٿينديون رهيون...
هاڻي آدرش جي محبت من ۾ سانڍڻ کان وڌي چڪي هئي ۽ هن صدو کي مسيج لکي ڇڏيو هيو ته ‏”مان اوهان کي پسند ڪيان ٿو“ ۽ پوء انتظار ڪرڻ لڳو اهڙو انتظار جيڪو موت ۽ زندگي جي وچ واري ڏاڪي تي ڪيو ويندو آهي جتي نه ماڻهون جي سگهندو آهي نه ئي موت جو جام پي سگهندو آهي.
انتظار کي 8ڪلاڪن جو وقت گذري چڪو هيو اوچتو آدرش جي دل جي تڙڪ تيز ٿي وئي هئي لکجي آيو هيو ته صدو ڪجه لکي رهي آهي،..... هن وقت آدرش جي حالت ڪومه ۾ پيل مريض جهڙي هئي يا وري ان کان به وڌيڪ خراب جيڪا شايد لفظن ۾ ماپڻ جيتري به ناهي جنهن کي دنيا جي ڪنهن به عبرت ناڪ حالت سان تشبيه ڏجي ته شايد وڌي وڃي.
ٻه منٽ جي انتظار کان پوء مسيج آيو هيو ” ديکهو مين آپ سي عزت سي بات کر رهي هون اس کا مطلب هرگز يي نهين که آپ اتني بات تک آ پهنچين آج کي بعد اگر مسيج آيا تو اپنا ريسٽيکيشن ليٽر ايڊميشن ڊيپارمنٽ جي لي لينا اور اپني عزت کا جنازع يونيورسٽي کي آفيشل گروپ ۾ ديکهنا.“
آدرش جي دل ڄڻ ته ڦاٽڻ لڳي هئي ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي جنهن کي ماڻهون دل سان پيار ڪري ان ماڻهن کان اهو جواب ملي...
آدرش ڪنهن به صفائي پيش ڪرڻ لاء مسيج نه ڪيو هيو...
ڏه ڏينهن گذري چڪا هيا مگر هن جي محبت ماٺي نه ٿي هئي هڪ پاسي دل جون تمنائون کيس تنگ ڪري رهيون هيون ته ٻي پاسي صدو طرفان ڏنل ڍمڪي..
اهو پندرهون ڏينهن هيو شايد اپريل جي  20تاريخ هئي اڄ آدرش جو فيشنگ هيڪنگ تي لکيل ڪالم نما خط سنڌي جي سڀني اخبارن ۾ ڇپيو هيو جيڪو هن صدو کي به پڙهڻ لاء مسيج ڪيو هيو جنهن کي پڙهي صدو ايتري ته تعريف ڪئي هئي جيتري ڪنهن يار به نه ڪئي هجي ۽ اهو به چيو هيو ته ”توهان جو ڪالم جڏهن به اخبار ۾ ڇپجي ته مسيج ڪندا ڪيو مان اخبار منجهان ئي پڙهي وٺنديس هونئن به اخبار لائبريري ۾ ايندي آهي“.
آدرش خوش هيو ۽ اوچتي بدلجندڙ رويي تي حيران به هي اها صدو هئي جنهن ڪجه ڏينهن پهريان ڌاري ٻولي ۾ ڌمڪيون لکيون هيون ۽ اهو به چيو هو ته مسٽر مان سنڌي صرف پنهنجن سان ڳالهائيندي آهيان.
اڄ سنڌي ۾ جواب ڏيئڻ مان ڇا پئي ظاهر ڪري ته هو ادرش جي بڻجي وئي آهي يا ادرش پنهنجو تسليم ڪري چڪي آهي..
آدرش هڪ دفعو ٻيهر ڪالم لکڻ لاء ڪوشش ڪندو رهيو ته جيئن هو صدو سان ٻيهر ڳالهائي سگهي اهو اربع جو ڏينهن هيو جڏهن آدرش جو ڪالم ” وقت رهگير گهوڙي جيان آهي“ جي عنوان سان ڪاوش جي مڊويڪ رسالي ۾ ڇپيو هيو ۽ صدو به پڙهيو هيو،
ان ڪالم کان پوء صدو ۽ آدرش هڪ ڀيرو ٻيهر جڙجي ويا هيا ڪچهريون قائم ٿي ويون هيون رات جا 3 ٿي ويندا هيا مگر ڳالهيون هيون جون ختم ئي نه ٿينديون هيون ۽ هر روز ڪنهن ڳاله کي اڌ ۾ ڇڏي ڪنهن نه ڪنهن جو اکيون ٻوٽجي وينديون هيون...
ويجهڙائپ ايڏي وڌي چڪي هئي جو هاڻي آدرش ”مان توکي پسند ڪندو آهيان“ جي بدلي ” مان توسان پيار ڪندو آهيان“ لکيو هيو جنهن جو جواب دل جي اموجي جي صورت ۾ تمام ننڍڙو پر پرمطلب آيو هيو ايئن پيار جا پيچ ڳنڍجي ويا هيا..
صدو: آدرش تون مونسان ڪڏهن کان پيار ڪندو آهين..؟
آدرش: جڏهن کان تخليقار توکي ٺاهيو آهي.
صدو: ڏس وري اهي ڏنگيون ڳالهيون شروع ڪيئي نه، اخر سڌو ۽ سادو جواب ڇو ناهين ڏيندو
آدرش: پهرين سيمسٽر جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن توکي سي ايس ڊيپارٽمينٽ جي ڪوريڊار ۾ ساهڻين سان مرڪندي ڏٺو هيم
صدو: هل ڙي پوء ايترو انتظار اڳ ۾ ته تو ڪڏهن ڳالهايو ئي نه..
آدرش: محترمه جو مزاج جو خوف ۽ منهنجي ڳوٺ واري سوچ توکان پري رکيو..
صدو: هههههه خير هاڻي ته گڏ آهيون نه...
ايئن محبتن جي ڏي وٺ هلندي رهي ئي پيپرن جا ڏينهن به اچي ويا هيا پيپر شروع ٿي چڪا هيا پر صدو ۽ آدرش جي ڳالهائڻ ۾ ذرو به گهٽتائي نه ٿي هئي هو ڳالهائندا هيا ته رات جا چار يا پنج ٿي ويندا هيا پر کين ننڊ جو احساس به ڪون ٿيندو هيو ۽ نه ئي وري پيپر جو ٽينشن رات جو اٺ کان ٻارنهن پيپرن جي تياري جا هيا ۽ باقي ٽائيم محبتون ورهائڻ جا..
محبت جي اظهار کان پوء اهو پهريون ڏينهن هيو جو صدو ۽ آدرش هڪ ٻئي جي سامهون هيا اهو انگلش جو پيپر هيو آدرش پهرين بينچ تي ويٺل هيو ته صدو به ان ئي ڪلاس ۾ پيپر ڏيڻ لاء آئي هئي دروازي جي ڀر واري ڪرسي ته آدرش ويٺو هيو جيئن صدو دروازو ٽپيو ته آدرش هلڪي آواز ۾ چيو ته ” واه واه ڀاڳ ڀلا اڄ ته پيپر ئي ڪمال جو ٿيندو“ جيڪو جملو صدو ٻڌو هيو مرڪي ڏنو هيائين ڄڻ ته ڪلاس هن جي خوشبو ۾ ٻهڪي پئي هئي..
پيپرن جو آخري مرحلو هيو ۽ ان کان پوء 3 مهينن جي لاڳيتو وڇوٽيون...
آدرش:  صدو سڀاڻي آخري پيپر آهي ۽ پوء ٽي مهينن جو لاڳيتو وڇوٽيون آهن.
صدو:  ها يار پوءِ ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهجي پنهنجي لاء موڪلون ختم ته ڪون ٿينديون
آدرش: ها پر.. خير سڀاڻي پيپر کان پوء ڪچهري ڪيون، ۽ ڪتاب به گهڻي وڃ جيڪو تون مونکي چوين پئي..
صدو: پر يار منهنجون دوستياڻيون مونکي ڪون ڇڏينديون..
آدرش: مطلب ته محترمه جو انتظار نه ڪجي..
صدو: اڙي نه نه مان ڪوشش ڪري ايندس تون پيپر مان فارغ ٿي لائبريري جي اڳيان پيل بينچ وٽ اچجان مان ايندس پوء لائبريري جي بلڪل سامهون وڻ جي هيٺيان ويهنداسين مان دوستن کي ڪتاب جو بهانو ڪري هلي اينديس..
پهرين ملاقات جنهن ۾ ڪي شڪايتون نه هيون ڪي واعده نه هيا صرف ڳالهيون هيون پيار جون محبت جون خبر ئي نه پئي هئي جو ڪلاڪ گذري ويو هيو ايتري ۾ صدو جو ساهڙيون کيس ڳولهيندي اچي پهتيون هيون...
واه ڙي صدو اسان توکي ڪٿي ناهي ڳولهيو تون ڪتاب جو بهانو ڪري اچي هتي ويٺي آهين
صدو: اڙي يار سمي هي منهنجو دوست آهي هن کان ئي ڪتاب وٺڻ آئي هيس، هي پنهنجي....

سمي: ها، ها سڃاڻانس ٿي هي پنهنجي بيج جو آهي شام واري شفٽ ۾ هوندو آهي، خير اچ ته هلون.
سمي صدو ۽ سندن هڪ ٻئي دوست آدرش کي خداحافظ چئي هليون ويون هيون..
اڄ آدرش جي دل خوشي مان بهار ۾ ٻوٽن جيان ٽڙي پئي هئي ..
اها رمضان جي اُڻويهين تاريخ هئي رات جا 2 پئي ٿيا..
صدو: يار مان اڄ شام کان ايتقاف ۾ ويهنديس.. انشاالله ڏه ڏينهن کان پوءِ عيد تي ڳالهه ٿيندي.
آدرش: يار صدو مان توکي ڏاڍو ساريندس يار تنهنجي لاءِ فقط ڏه ڏينهن هوندا پر مون لاءِ ڏه صدين برابر هوندا.
صدو: نه يار اهڙي به ڳاله ناهي صرف ڪجه ڏينهن جي ڳاله آهي..
آدرش: تون کي ڪهڙي خبر جيڪو ساريندو آهي ان کي ڪل هوندي آهي
صدو: واه... تون ڇا ٿو سمجهين مان توکي مس ڪان ڪنديس،،،،،
آدرش: اڙي پياري..... چلو سڀاڻي جنهن مهل ويهين ته آخري دفعا ڪچهري ڪجان..
شام جا 4:30 ٿيا هيا... صدو جو مسيج آيو هيو..” ٻڌو مان ايتقاف ۾ ويهڻ لاءِ وڃان پئي حقيقت ته ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪافي ئي هيون پر وقت ڪون مليو ان لاء هي آخري مسيج پئي ڪيان ان کان پوء مان ايتقاف ۾ ويهنديس.. ٻڌو عيد تي لازم ڳوٺ وڃجو ڳوٺ مان دل وندرجي ويندي آهي،  باقي جيڪر توکي وسارڻ منهنجي وس جي ڳاله هجي ته حقيقت ۾ وساري ڇڏيان ها.. پر هاڻي فڪر نه ڪجو اوهان کي وسارڻ منهنجي وس جي ڳاله ڪونهي رهي.. ۽ آخري ۾ دل جي ايموجي“
انتظار ٻن قسمن جو هوندو آهي هڪ اهو جنهن جي اڳيان ڪجهه به ناهي هوندو ڪا ڪل ناهي هوندي ته اڳيان ڇا ٿيئڻو آهي ڪجه حاصل به ٿيندو يا نه،، منزل به ملندي يا انتظار انتظار ئي رهجي ويندو...
ٻيو اهو جيڪو محدود هوندو آهي جن ۾ منزل تي نظرون هونديون آهي جيڪو ٿورڙي ئي فاصلي ته هوندو آهي..
لامحدود کان وڌيڪ ايزائيندڙ محدود انتظار آهي جنهن جي شدت دل کي جهوري وجهندي آهي.
هي ڏه ڏينهن جو اهو محدود انتظار هيو جيڪو آدرش جي دل کي ڪنهن اڏوهي جيان کائي رهيو هيو آدرش ڳوٺ پهتو هيو جتي وڃڻ جي هميشه جلدي هوندي هئي جتان لاءِ سندس دل ماندي هوندي هئي پر انتظار جي آڙاه ۾ آدرش کي ڳوٺ ايترو پيارو نه لڳي رهيو هيو نه ئي سندس اهي دوست ايڏا وڻندڙ پئي لڳا جن سان هو ڪچهريون ڪندي ڪندي راتيون جون راتيون کلندي گذاري ڇڏيندو هيو.
اڄ ڳوٺ ۾ آئي کيس 6 ڏينهن ٿيا هيا پر هو ڪنهن سان به نه مليو هيو. صرف گهر جي لائبريري نماء ڪمري ۾ گذريا هوائين جتي فقط ڪتاب آهن ۽ ڀر ۾ پيل ڪمپيوٽر ۽ هيٺ فقيري آستاني جيان وجهيل ڪارپيٽ.. شايد ڪتاب هيا جن سان آدرش جي محبت ڳوٺ جي مڙني دوستن کان گھڻيري هئي جن کي هٿ ۾ کڻندي ڪنهن دوست کي مسيج جو جواب ۽ وري هن جي ڪال کڻندي دل ئي نه چوندي هئس..
رات جو پويون پهر ايترو روشن آهي جو ڏينهن آهي يا رات فرق ڪرڻ مشڪل آهي اها شوال جي پهرين تاريخ آهي جنهن کي مسلمان عيد جو ڏينهن ملهائيندا آهي صدو به اڄ اعتقاف ختم ڪيو هوندو آدرش گهر جي ميدان چانڊوڪي مان لطف اندوز ٿيندي سوچي ئي رهيو ته صدو جو مسيج آيو هيو”اڙي عجيب ڳاله آهي“
آدرش: ڇا ٿيو صدو الهائي ڪهڙي ڳاله وري عجيب ٿي وئي
صدو: يار مان ڏه ڏينهن اعتقاف ۾ هيس اڄ شام پورو ٿيو ڪو مبارڪ جو مسيج ته ڪبو آ
آدرش: اڙي سوري يار مونکي انهن مذهبي شين جي فصيلت جي ڪا خبر ناهي خير توکي لک لک لک اڃان به وڌيڪ مبارڪون هجن
صدو: هههه بس هاڻي بس.... سمهي پئو سڀاڻي عيد آ جلدي اٿڻو آ..
آدرش: ٺيڪ گڊ نائيٽ پياري.
عيد جو ڏينهن هيو ڳوٺ جي عيد گاه تي نماز جي پڄاڻي بعد جتي سڀ هڪٻئي کي ڀاڪرين ڀري ملي رهيا هيا ته خبر ناهي آدرش کي ڇا ذهن ۾ آيو هيو هو ڪنهن سان به ملڻ بنا پنهنجي گهر جي ان ڪمري ۾ وڃي پهتو هيو جيڪو سندس ڪجه ڏينهن کان آستان بڻيل آهي.
وقت به ڪيڏو نه عجيب آهي هي گهر اهو گهر آهي جتي آدرش جو جنم ٿيو هيو جتي هن زندگي جون اڻويهه بهارون گذاريون هيون پر جڏهن کان هو روشن آئيندي لاء جاکوڙڻ نڪتو آهي ته سندس ئي گهر سندس لاء فقط مسافر خاني کان سواءِ ڪجه به ناهي جتي هو چند ڏينهن ۽ ڪجه راتيون رهي وري ڪنهن اجنبي جيان هليو ويندو آهي ۽ وري سالن بعد ڪي ٿڪ ڀڃڻ لاء امڙ جو ڀاڪر ۽ گهر جي ڪا ڪنڊ نصيب ٿيندي آهي.
انسان به ڪيڏو نه حوس رکندڙ جانور آهي جيڪو پنهنجي آئندي لاءِ ۽ گهڻو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجن جا پيار گهر جو سڪون حال جا موج ۽ دوستن جي محبت ايئن ٺڪرائي ڇڏيندو آهي.
صدو ۽ آدرش وري هر روز جيان محبتون ورهائڻ لڳا اڄ جو مسيج معمول جي نصبت ڪيڏو نه ڇرڪائيندڙ هيو..
صدو: آدرش منهنجا گهر وارا منهنجي مڱڻي ٿا ڪرڻ چاهين شايد ڪجه ڏينهن ۾ طعي به ڪري ڇڏين..
آدرش جي اکين ۾ ڄڻ روشني غائب ٿي وئي هئي ۽ سندس هوش ڄڻ ته ورهائجي ويو هيو دماغ کن پل لاءِ سوچڻ کان موڪل ڪري ويو هيو..
آدرش: تون منح ڇو نٿي ڪرين تون ڪا روايتي ڇوڪري ته ناهين جو ايئن خاموش ڪنڌ هيٺ ڪري ويهين ٿي تون انڪار ڪري ڇڏ.
صدو: ها پر ڪنهن جي زور تي ..
صدو جو جواب ڄڻ ته هن جي دماغ ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هيو هو بار بار مسيج کولي ۽ بند ڪري رهيو هيو هن جو اڱريون هر وار ڪجه لکي وري مٽائي رهيون هيون هو جواب ڏئي به ته ڪهڙو...
آدرش: مان آهيان نه..
صدو: هي نمبر آهي امان جو صرف تون پنهنجي امڙ سان ڳالهرائينس بس پوءِ مان سنڀالي وٺنديس..
آدرش جي سوچن ۾ طوفان اچي ويو هيو ماتم برپا ٿي چڪو هيو هن جي اندر ۾ ڄڻ زلزلو آيو هيو جنهن سبب ان جي اندر جا سڀ احساس ڪري تباه ٿي ويا هيا ۽ هو به پنهنجي اندر جيان صدو جي اڳيان ڪردارن طور به ايئن ئي ڪري پيو هيو.
آدرش: پر صدو اهو وقت ناهي مون اڃان گريچوئيشن به ناهي ڪئي.
صدو: مونکي خبر آ وقت ناهي مان توهان مان اها اميد ئي ڪان ڪئي هئي. مون ته صرف ايتري ڳاله ڪئي ته ڏسون تون ڪيئن ٿو زماني سان گهر واران سان بغاوت ڪرين چوڻ سولو آهي ڪرڻ ڏکيو آهي تون ڪيئن نه آساني سان چئي ويئن ته منح ڪر جڏهن توتي ڳاله آئي ته...
صدو: خير مان ته صرف ان لاء پئي ٻڌايو ته مان توسان ڪجه ڏينهن ڪون ڳالهائيندس ڳوٺ مان مهمان ٿا اچن باقي پاڻ سدائين گڏ آهيون
آدرش: صدو مس يو پياري
صدو: مان به....
گهڻائي ڏينهن ٿي ويا هيا صدو رابطو نه ڪيو هيو هڪ ڏينهن جيئن ئي فيسبڪ تي آدرش صدو ڏانهن سنيهو موڪليو ته ان مهل ئي بلاڪ ڪري ڇڏائين واٽس ايپ تي به بلاڪ مسيج جو ڪو به جواب نه پئي آيو،،،،
وقت گذرندو پئي ويو الهائجي رڪجي چڪو هيو ادرش کي شدت سان انتظار هيو ته سيپٽمبر جي ٽي تاريخ اچي ۽ يونيورسٽي کلي ته جيئن صدو کان پڇي سگهجي ته آخر هن جو قصور ڪهڙو هيو جو هن کي ايڏي وڏي تڙپائڻ جي سزا ملي رهي هئي الهائي ڇو آدرش جي دل ان ڳاله ته ضد لڳائي ويٺي هئي ته صدو هن کي ڏسڻ شرط ئي سڀ ڪاوڙون شڪايتون ختم ڪري ڇڏيندي...
اڄ ڏه آگسٽ جو ڏينهن هيو ورسٽي جي فيسبڪ پيج تان پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن تي ڪجه ايونٽس رکرايا ويا هيا جن ۾ شاگردن کي حصو وٺڻ جي دعوت ڏني وئي هئي آدرش جي نظر جڏهن پئي ته ان جي ذهن ۾ پهريون خيال صدو جو آيو ڇو ته صدو ورسٽي جي ايونٽس ۾ شوق سان حصو وٺندي هئي ان ڳاله کي مدنظر رکندي آدرش به پهريون دفعو حصو وٺڻ لاء هام واري ورتي هئي حلاناڪ هن وٽ ايترو وقت به نه هيو نه وري پاڪستان جي آزادي جي ڏينهن تي وڃڻ جي خاص دلچسپي مگر عشق ڇا ڇا ناهي ڪرائيندو..
ٻارنهن آگسٽ جو ڏينهن سڀني شاگردن کي آڊيشن ڏيئڻ لاءِ ورسٽي ۾ سڏ ڏنو ويو هيو..
آدرش نوڪري جي چڪر ۾ ڪنهن آفيس جا صبح ست کان ڌڪا کائيندي اچي ساڍي يارنهن وڳي آڊيشن لاء پهتو هيو جنهن کي پنج منٽ اڳ موضوع ڏئي کيس تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو تقرير ڪري پورو ڪيائين ته اتي بيٺل ڪمپيئر سڏ ڪيو ته هاڻي اسين عرض ڪنداسين ڳائڻ جي مقابلي حصو وٺندڙ صدو کي ته اها اچي ئي گانو ڳائي..
نالو ٻڌندي ئي آدرش جي اکين ۾ ڪاوڙ تري آئي هئي صدو جي نظر آدرش تي پئي ته هوء اکين ۾ اکيون ملائي نه سگهي ۽ اکيون مٿي ڪري ڳائڻ شروع ڪيو” ڀُلا ديا تيري عشق ۾ خد کو ڀلا ديا“ صدو جو گانو پورو ٻڌڻ کان پهريان ئي آدرش هال مان نڪرڻ لاءِ اٿيو ته صدو ڳائيندي اڌ ۾ چپ ٿي وئي ته اتي ويٺل ميڊم کيس چيو ته صدو ڇا ٿيو جنهن تي ان چيو هيو ته ميڊم هو ڇوڪرو اٿيو ته ان جي ڪري ٿورو ڪانفيڊنس لو ٿيو رڪجي ويم.
آدرش ورسٽي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهڻ بنا گهر هليو ويو هيو ۽ واٽ ۾ صدو کي گاريون ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندو رهيو هيو...
پروگرام جو ڏينهن هيو سڀني کي 8بجي اچڻ لاء پابند ڪيو ويو هيو سڀ 7:30 تي ورسٽي پهتا هيا آدرش به پنهنجي جگري يار سان پهتو هيو جيئن ئي آدرش ۽ سندس دوست لائبريري جي اڳيان پئي لنگهيا ته آدرش جي دوست جي نظر صدو تي پئي ته هن آدرش کي چيو هيو ته وڃ سلام ڪرينس اڪيلي ويٺي آ شايد بور به ٿي پئي وڃ ويهينس گڏ پر الهائي ڇو صدو جي پاڇي لاء سڪندڙ آدرش جي اکين ۾ صدو جي لاء اڄ ذرو به پيار نه هيو ڪاوڙ هئي ڏک هيو جيڪو هن بنا ڪنهن سبب جي ڏنو هيو،
پروگرام ۾ مقابلن جو دور شروع ٿي ويو هيو ۽ آدرش جي پنهنجي واري جو ئي انتظار ڪري رهيو هيو ته اوچتو ڪيس موبائيل تي مسيج آيو هيو..
آل دي بيسٽ
نمبر آدرش جي موبائيل ۾ سيو هيو پر هن ڪاوڙ منجهان ڪيس نه سڃاڻڻ جو احساس ڏياريو
آدرش: اوهان ڪير..؟؟
جواب نه  آيو هيو صدو سندس ڪاوڙ منجهان سمجهي وئي هئي جڏهن آدرش کي رنر اپ جي سيٽ وٽڻ لاء گهرايو ويو ته حصب معمول تاڙيون وڳيون هيون ۽ تاڙيون وڄائيندڙن ۾ صدو به هئي جنهن جون تاڙيون سڀني کان آخر ۾ بند ٿيون هيون ۽ وري مبارڪ جو مسيج...
وري رابطو بحال ٿيو هيو صدو سوري ۽ معافي جا مسيج ڪيا هيا..
هي صدو ئي آدرش جي محبت ۾ ٻيو موڙ اچي رهيو هيو جيڪو شايد آخري به هجي،،،،،
آدرش: صدو مان ورسٽي ڇڏي پيو وڃان....
صدو: ڇو....
صدو: ڇالاءِ...
صدو: ڪو سبب
صدو: جواب ڏي..
صدو: ڇا ٿيو...
صدو: ڪاڏي وئين...
آدرش اڃان مسيج جو جواب ئي لکي رهيو هيو ته صدو بيچيني مان ڪيترائي مسيج ڪري چڪي هئي
آدرش: نوڪري ملي آهي
صدو: خوش هجين صدائين اگر ان ۾ تنهنجي ڪاميابي آهي ته ڀلي هليو وڃ باقي منهنجي دل ۾ صدائين ياد هوندين..
آدرش: صدو آخري ڀيرو ڪچهري ڪجي...؟؟؟
صدو: ڪڏهن ۽ ڪٿي
آدرش: جڏهن چوين جٿي چوين
صدو: هن جمع تي يارنهن وڳي يوني جو ويجهو ڪنهن جاءِ تي..
آدرش: ٺيڪ آ پياري مهرباني
صدو: مهرباني...؟؟؟ ڪو توتي ٿورو آهي اهو..
خوشي مان ننڊ اڏامي وئي هئي ادارش پوري رات هن سان ڪچهري جي باري ۾ سوچيو هيو باقي هڪ ڏينهن آهي يار..
خميس جو رات آدرش کيس لاء توفعو ورتو هيو جيڪو شايد هن جديد طور ۾ تمام گهٽ عاشق پنهنجي محبوبائن کي ڏيندا هجن پر چوندا آهن ته محبوبائن کي هميشه پياري شيء ڏيڻ گهرجي ۽ آدرش کي ڪتابن کان وڌ دنيا ۾ ڪجه به عزيز نه هيو هن صدو لاءِ ڪتاب ورتو..
جنهن جي پهرين پني ته نوٽ لکيو هيائين ته.” پيار محبت ۽ منجهان ساهن جي سلسلن سان گڏ هلندڙ چري ڇوڪري جي لاءِ......سڪ مان....آدرش“
جمع جي ڏينهن ڪراچي تي برسات جي بهار هئي..
تيز برسات جي باوجود آدرش صدو کي ملڻ لاءِ گهران نڪتو هيو ۽ صدو به سهڻي جيان برسات ۾ پُسندي ورسٽي جي ٻاهران اچي پهتي هئي...
آدرش: مون وٽ موٽر سائيڪل آهي ويهه ته اڳيان هلون هتي ته سڀ ريسٽورنٽ بند آهن
صدو: نه بائيڪ کي ڇڏ اچ ته پنڌ هلون...
چندريگڙ روڊ هئي ۽ برسات جي ٽم ٽم آدرش هيو صدو ۽ بس خاموشي ڄڻ ته ماحُول ۾ تازي ڪنهن موت جو سماء هيو نيٺ ادرش خاموشي کي ٽوڻيندي چيو.
آدرش: طبيعت ته ٺيڪ آهي، محترمه خاموش پئي لڳي
صدو: ها صحي آهيان ڪٿي ويهون ته ڪچهري ڪيان نه هتي برسات پئي هلي،،،
آدرش: يار ڪيڏانهن هلجي هتي ته سڀ ڪجه بند پيو آهي
صدو: ڪيفي بوگي تي هلون، کوليل هوندي ۽ مونکي پسند به آهي مان سالگره اتي ملهائي هئي گذريل سال..
آدرش: ٺيڪ آ اچ...
صدو: ڪيئن آهيو دير ڪيئو مان ته بور ٿي ويس يوني ۾ ڪير به نه هيو ڄڻ ته يوني جا وڻ کائڻ پئي آيا..
آدرش: ها اڪيلائي کائيندڙ هوندي آهي،،، برسات هئي دير ٿي وئي موٽر سائيڪل سلپ پئي ٿي ان ڪري آهسته اچڻو پيو..
هي ڪتاب اهو آهي نه جيڪو اوهان پڙهندا آهيو..
ها اهو آهي تولاءِ نئين ڪاپي ورتي اٿم هي وٺ..
واه واه يار مان پهريون وارو ناول به شوق سان پڙهيو ڪڏهن ٿا وڃو اسلام آباد..
ڪجه ڏينهن ۾ ڇو جان ڇڏائڻ جي جلدي آ ڇا.؟
صدو خاموش ٿي وئي هئي ڄڻ ته کيس لفظ ڳلي مان ڦاسي پيا هجن هن ڪاوڙ وارين نظرن سان آدرش کي ڏسندي چيو هيو ” تون هميشه ايئن ڇو سوچيندو آهين توکي خبر به آهي ته تنهنجي وڃڻ پويان مان ڪيترو مس ڪنديس.“
اڙي يار مون مزاق ڪيو پئي هاڻي ٻوٿ صحي ڪر ته ڪچهري ڪيون..
کلندي چانهه جو ڍڪ سرڪيندي محبت جا مٺاڻ ونڊيندي خبر ئي نه پئي هئي ته ٻه ڪلاڪ ٿي چڪا هيا صدو کي سندس وڏي ڀيڻ جو مسيج ” صدو مان يوني مان فارغ آهيان اچ ته گهر هلون“
پوءِ مان هلان..؟ صدو سواليا نظرن سان آدرش کي ڏٺو هيو ۽ اجازت ورتي هئين
نه ڪي پل ويهه ڀيڻ کي ٿورو انتظار ڪرائي.. يار سڪ ته لاهي وٺون شايد وري ڪڏهن به پاڻ گڏ نه ٿي سگهون شايد ڪيفي بوگي ئي پنهنجي محبت جي آخري ملاقات گاه هجي..
اڙي تون ايئن ڇو سوچيندو آهين تون سالن ۾ ته ايندين مان تنهنجو انتظار ڪنديس...
صدو هڪ سيلفي ڪڍائيندين مونسان گڏ،،،
پليز ڇڏيو نه مان نٿي ڪڍائي سگهان هاڻي ڏک نه ڪجو باقي اوهان لاء پيار مان لفظن تي نٿي آڻي سگهان بس اوهان ئي ته چري ڇوڪري سڏيندا آهيون بس چري ڇوڪري سمجهي اها غلطي معاف ڪجو هاڻي کلو ته هلون....
آدرش کليو هيو الهائجي ريهون ڪري رنو هيو برحال بظاهر ته کليو هيو
آدرش بل ڏيئڻ لاءِ وڌيو ته صدو اڳ ۾ ئي پنهنجي پرس ۾ هزار جو نوٽ ڪائونٽر تي ڏئي چڪي هئي...  ۽ ايئن ڪيفي بوگي کان ورسٽي طرف گڏ ايندي آدرش ۽ صدو ايترا خاموش هيا ڄڻ ته کين لفظ نڙڳٽ ۾ ڦاسيل هجن ۽ لڙڪ لفظن جي هٺيان هجن ڄڻ ته هنن جي ڳالهائڻ سان ئي لڙڪ ڪرڻ جو خدشو هجي..
صدو يوني جي گيٽ تي بيهي ” ٻڌو پنهنجو خيال رکجو “
ادرش ڄڻ ته اهو لفظ ئي نه ٻڌي سگهيو هجي ڪجه ڳالهائڻ ۽ مڙي ڏسڻ بان پنهنجي سهمت تي هلندي موٽر سائيڪل وٽ پهتو هيو ئي گهر هليو ويو هيو..
ادرش پنهنجي پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳو هيو اهو آدرش جنهن پوري حياتي ۾ حوصلا ورهايا، هجن جنهن پنهنجي زندگي ۾ سماج سان وڙهڻ جا سبق ڏنا هجن.
اهو آدرش جنهن يارن کي زندگي جي فلاسفي تي ڳالهائيندي ڪيترائي ڪلاڪ ڏنا ڪجن اڄ اهو آدرش حالتن هٿان پاڻ ڦرائجي ويو آهي پنهنجي محبت هارجي ويو آهي زندگي جي مقصد تان هٿ کڻي سماج جي بعيد ڪري چڪو آهي.. يقينن محبتون قربانيون وٺنديون آهين جن وٽ قربانين جو حوصلو هجي اهو ئي محبت ۾ ڪامياب ٿي سگهندا آهن..


واجد علي عاجز
سچل ڳوٽ، ڪراچي