Showing posts with label ڪهاڻيون. Show all posts
Showing posts with label ڪهاڻيون. Show all posts

Wednesday, 22 September 2021

يادگيرين جي ڀاڪر ۾...

 يادگيرين جي ڀاڪر ۾...واجد علي عاجزPublished in Awami Awaz Magگهڙيال جي سوئين ۾ ڄڻ پٿر ٻڌجي ويا هيا وقت هيو جو ڪٽجڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي رات هئي، پين هئي ۽ هڪڙو نڪور پنو جنهن تي سارنگ جا ٻئي هٿ ڪنهن رهگير گهوڙي جيتري رفتار سان گهمي رهيا هئا.سارنگ يادگيرين جا گهاء پنهنجي ڊائري تي اوتي رهيو هيو ۽ سنڌو جو ڳالهيون... شعبان جو مهينو هيو جڏهن سنڌو ۽ سارنگ جي وچ ۾ سڀ وڇوٽيون مٽجي ويون هيون”سنڌو تون مونکي توهان بجائي نالي سان يا وري تون ڪري پڪاريندي ڪر.“ سارنگ سنڌو کي پنهنجائپ جتائندي چيو”نه مان ننڍي هوندي کان اهي لفظ اچارڻ جي عادي ناهيان، باقي...

Monday, 10 September 2018

منهنجي صدو حصو پهريون ______ My Sidhu

زندگي ڪيڏي نه عجيب آهي، هزارين ماڻهون زندگي ۾ ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن خوش نصيب الهائجي دل ڏوکائيندڙ هوندا آهن اهي شخص جيڪي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رهجي به ظاهري طور ڪوهين ڏور هليا ويندا آهن يا وري وقت جهڙي رهگير گهوڙي جي پيرن ۾ اچي اسان پاڻ انهن سان منزلن تائين پهچي ناهيون سگهندا. ڪيڏيڍو نه وڻندڙ وقت هيو.. انتظار ته هيو مگر کٽندڙ انتظار جنهن جي ڄمار ڪي پل هئي. ڪراچي جي موسم ڪنهن اپسراء جيان وڻندڙ هئي هي اها موسم هئي جنهن جو انتظار دنيا جي هر ڪنڊ جا ماڻهون محبوبه جي انتظار جيان شدت سان ڪندا آهي. موسم جو به سماج تي وڏو اثر پوندو آهي دلين تي، دماغ...

 
© 2016 Designed & Translatedby Aamir Khan Chachar