Thursday 26 October 2017

سنڌ ۾ جبري قتل ڪيل نوجوان ۽ عيد

عيد جيڪو خوشي جو تهوار به آهي ته مذهبي ڏڻ به، سڄي دنيا جا مسلمان ان ڏڻ کي وڏي ڌام ڌوم ۽ عقيدت سان ملهائيندا آهن.
ان ڏينهن جي خوشي کي ٻيڻو ڪرڻ لاء ماڻهو ديس توڙي پرديس کان گهر اچي پنهنجي پيارن سان ملهائيندا آهن.
ڪيڏو نه ڏک لڳندو آهي جيڪڏهن ڪو پنهنجي ديس ۾ رهي ڪري به پنهنجي پيارن کان جدا گهاري پر ان کان وڌيڪ ڪيڏو نه ڏکويندڙ هوندو آ، ان جي پيارن لاء..!! جن کي اها به پڪ نه هوندي آهي ته اسان جو پيارو زنده به آهي يا نه، اهو نه ماتم ملهائي سگهندا آهن نه خوشي ڪيڏي نه اذيتناڪ گهڙي هوندي ان ماءُ لاءِ جنهن جو ٻچڙو کيس جدا ڪيو ويو هجي ڪيڏو ان دل جهوريندڙ حالت هوندي ان نينگر جي جنهن جو پيء جدا هجي مان سلام ڪندو آهيان انهن ڀيڻ کي جيڪي پائرن جي امڪاني موت تي به گهٻاريل ناهن ۽ سرتين وچ ۾ سرهيون ٿي چون ٿيون ته ها منهنجو ڀاءُ ڏور ڪنهن ايذيتناڪ سيل ۾ بند آهي ڪيڏو نه بهادر آهي جو اڃان به ڇڪيو ناهي ڀر ان پيءُ جي حالت شايد برداش ڪرڻ جهڙي نه رهندي جنهن کي اها به خبر هجي ته منهنجو ٻچڙو بيگناه ۽ بيڏوه آذاب ڀوڳي رهيو آهي.
هنن جي غلطي فقط اها آهي جو اُهي پنهنجي عشق لاءِ ڪشالا پيا ڪٽين اها عشق جيڪو سندن حق به آهي مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان عشق ۾ اهڙي ڪهڙي سگه ۽ لطف آهي جو سقراط زهر جا پيالا پيئڻ کان به نٿو ڪيٻائي.؟ امام حسين سر ڪٽائڻ لاء به تيار آهي ؟ امان نصيبان پنهنجي جوان پٽ جو لاش ڏسي به سرتين کي پنهنجي پٽ جي بهادري جا قصا ٻڌائيندي انهن کان شهادت تي مبارڪون وصول ٿي ڪري.. ادي سائيمه مظفر کي ڀٽائي جو هي شعر چئي موڪلي ٿي ته
ڀڳو آءٌ نه چوان ماريو ته وسان
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سهان
تان پڻ لڄ مران جي هونس پٽ ۾
ان سچي عشق ۾ ڪيڏي نه سگه آهي جنهن عشق کي هتي گناه سمجهيو وڃي ٿو ئي عاشقن کي چچري ماريو ٿو وڃي.قتل ڪندڙ ڪهڙي مٺي جا ٺهيل آهن جن کي ذاڪر جي الهڙ جواني جو به احساس نٿو جن کي استاد محمد راهمون جي ڪمزور ۽ ڪراڙي جسم تي به قياس نه آيو مظفر کي ماريندي سندن آڪاش ۽ حنا جي يتيمي تي به رحم نه آهيو شايد هنن جي روه تي بي رحمي جون کلون ڇڙهيل آهن.
پر آخر انهن قاتلن کي ڪو قاتل چوڻ لاءِ ڪير به تيار ڇو ناهي؟ اگر انهن کي قانون کان مٿاهوان قتل ڪرڻ جي عجازت ئي ڏني وئي آهي ته پوء هي ڪورٽن جا ڪمرا چو اڏايا ويا آهن..؟؟ ڇو جهموريت جو ڪوڙو راڳ ڳايو پيو وڃي..؟؟
اهي حڪمرانو اسان کي 1943 ۾ ڏيکاريل پاڪستان ڏيو اسان کي پراڻي سنڌ موٽائي ڏيو جنهن ۾ حنا ۽ آڪاش کي يتيمي جو درد نه سهڻو پوي جتي مظفر کي ڊرل مشينن جي سوراخ سان نه ماريو وڃي جتي صاحب کي گوليون نه هڻي سگهي