اهي ڏينهن هئا جڏهن ڀئو فقط استاد کان ئي ٿيندو هو ۽ دنيا
کان لاپرواه ۽ذهن سوچن کان خالي ۽ خوشين سان ڀريل هوندو هو دل ۽ دماخ ننڍڙا ضرور
هيا پر هنن ۾ ڪائنات جيترو پيار ڀريل هوندو هو.
جڏهن چار دوست گڏجندا هئاسين ته ايئن لڳندو هو ته اسان ئي
دنيا جا طاقتور شخص آهيون ۽ اسان گڏجي دنيا به فتح ڪري سگهون ٿا ڪچهرين جا سلسلا
ايڏا ته تويل هوندا هئا جو شام جو نه چاهيندي به ڪا نه ڪا ڳاله اڌ ۾ ڇڏي گهر وڃڻو
پوندو هو،
جڏهن رسڻ ۽ پرچڻ ۾ فقط ڪجه ئي پل لڳندا هيا ايئن محسوس
ٿيندو هو ته اسان هڪ ئي وجود جا حصا آهيون جڏهن مطلبي لفظ جي مفهوم جي خبر به نه
هوندي هئي حقيقت...