زندگي ڪيڏي نه عجيب آهي، هزارين ماڻهون زندگي ۾ ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن
خوش نصيب الهائجي دل ڏوکائيندڙ هوندا آهن اهي شخص جيڪي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رهجي به
ظاهري طور ڪوهين ڏور هليا ويندا آهن يا وري وقت جهڙي رهگير گهوڙي جي پيرن ۾ اچي
اسان پاڻ انهن سان منزلن تائين پهچي ناهيون سگهندا.
ڪيڏيڍو نه وڻندڙ وقت هيو..
انتظار ته هيو مگر کٽندڙ انتظار جنهن جي ڄمار ڪي پل هئي.
ڪراچي جي موسم ڪنهن اپسراء جيان وڻندڙ هئي هي اها موسم هئي جنهن جو انتظار دنيا جي
هر ڪنڊ جا ماڻهون محبوبه جي انتظار جيان شدت سان ڪندا آهي.
موسم جو به سماج تي وڏو اثر پوندو آهي دلين تي، دماغ...