Wednesday 22 September 2021

چوڏس آ چانڊوڪي مونکي تنھنجي سار الا وو..

 چوڏس آ چانڊوڪي مونکي تنھنجي سار الا وو...


توکي ياد آھي.....؟  نه ھوندو.......  مگر خير .... 

تو لکيو ھيو چنڊ کي چتائي نه ڏسڻ گھرجي ورنه ھن ۾ موجود نشان واضع ٿي پوندا آھن... نه چاھيندي بہ جواب ڏنو ھيم: شايد اوھان ڪڏھن خوبصورتي ڏسڻ واري اک سان ڏٺو ئي ناھي چنڊ کي .. مان جڏھن به چنڊ کي چتائي  ڏٺو آھي ته اوھان جو چھرو نظر آيو اٿم... 

مان تنھنجي اڳيان ھر ڳالھ تي ھار مڃيندو آھيان کن پل لاء توکي راضي ڪرڻ لاء چيو ھيم ته چنڊ ۾ داغ آھن تون ناھين....

پر ٻڌ اھو سچ آھي ته ان وقت چنڊ ۾ تون ھئين، اڄ جڏھن توسان ملندي ڏينھن ٿيا آھن ته چنڊ جي چانڊوڪي اکين ۾ چڀي رھي آھي ايئن جيئن چنڊ روشني جا ڪرڻا نه پر ڳاڙھا مرچ واپس ڪري رھيو آھي، رات اماس آھي يا روشن فيصلو ڪرڻ وس جي ڳالھ ناھي ڇو ته توبنا روشني جو ھجڻ ڪيئن ممڪن آھي،

ڪنھن شاعر لکيو آھي : تون ھئين ير ديس ۾ راتڙيون روشن ھيون 

توکان پوء راتيون اماس آھن جن کي توسواء ڪڏھن به روشن ناھي ٿيڻو .... چنڊ روشني رفليڪٽ ڪرڻ ڇڏي چڪو آھي.....، منھنجون اکيون روشني تي سڙڻ لڳنديون آھن........

 ڇو ته  توبنا روشنيون بي مزي آھن تون بنا مان نٿو نڪرڻ چاھيان تاريڪين مان...

منھنجي روشني فقط تون آھين

منھنجي روشني ڪٿي آھين.


واجد علي عاجز

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو