Wednesday 22 September 2021

آخري پيغام !

قسطن ۾ لکيل سڀئي خط
4حصن ۾ پهتل مسيج
آخر هيڏين وڏين ڳالهين جا مقصد ايترا ننڍا ڇو هوندا آهن
لفظن جي ترتيب زندگي جيان ڇو هميشه اوچ نيچ جو شڪار هوندي آهي ڇا تون ڪڏهن سوچيو آهي
مان لفظن ۾ ماکي ڪيئن وجهندو هيس
ڇا تون سوچيو آهي تنهنجي مسيجن ۾ وڌل مرچون منهنجو سک چين ۽ نور کسي وٺنديون آهن
ڇا تو اهو نه سوچيو هو ته تنهنجي خط مٿان لکيل لفظ "آخري پيغام" منهنجي دل جي ڌارا کي بند ڪري پئي سگيو
تو اهو به نه سوچيو ته
تنهنجي ڪال جي ڪٽجڻ سان منهنجي ساه جي نلي ۾ سوڙ ٿي پئي سگهي
ڇا تون نٿي ترسي سگهين
منهنجي آخري هڏڪي تائين جنهن جي اچڻ بعد پاڻي جي ضرورت ناهي پوندي
ڇا تون نه پئي ترسي سگهين
منهنجي وارن ۾ اڇا اچڻ تائين
ڇا اهو انتظار منهنجي محبت جي ڀيٽ ۾ وڏو هيو..؟؟
ڇا اهو ڪائنات کان به وڏو هيو...؟؟
ڪائنات جيڪاڪيڏي نه سوڙي آ....
فقط منهنجي پيار جي 3ٽين حصي جيتري.....



0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو