Wednesday 22 September 2021

ھاڻ تون ورسٽي نہ ايندين؟؟؟

 ھاڻ تون ورسٽي نہ ايندين؟؟؟
ھاڻي آءٌ ورسٽي جي پيج تي
تنھنجي تصوير تلاش نہ ڪندس؟
ھاڻي تون ڪنھن فنڪشن ۾
ساھيڙين سان ٽھڪ نہ ڏيندين ؟
ھاڻ سي ايس جون ڏاڪڻيون
تنھنجا پير نہ چمي سگھنديون ؟
ھاڻي ڪينٽين جي ڪنڊ ۾ توکي تلاشي نہ سگھبو؟
ھاڻ لائبريري جي لان ۾ تون نظر نہ ايندين؟
ھاڻي آڊيٽوريم کي سدائين اداس رھڻو پوندو؟
ھاڻ اليڪٽرانڪ ليب ۾ تنھنجا ٽھڪ ڪون ٻڌبا؟
ھاڻي ايم ئي جناح روڊ تان رونق ھلي ويندي ؟
ھان ڪيفي پاڪستان ۽ ڪيفي بوگي بہ اٻاڻڪا رھندا؟
ڇا واقعي ھاڻ تون ورسٽي نہ ايندين؟
  #واجد

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو