Wednesday 22 September 2021

پوپٽن جي تخليقڪار توکي جنم ڏڻ جون واڌايون...!

 وپٽن جي تخليقڪار توکي جنم ڏڻ جون واڌايون...!
واجد علي عاجز
عزيز گل اڌ قلندر ڇوڪري نظم لکيو ته ايئن لڳو جيئن اڌ قلندر ڇوڪري سان توکي ڀيٽا ڏيڻ تنھنجي شان ۾ گستاخي آھي تون ته ڏيڍ قلندر ڇوڪري آھين تنھنجي سونھن ڏاھپ ڀريل ذھنن کي ڦيراٽيون ڏئي سگھي ٿي تنھنجي ڏاھپ تنھنجي قلندري جو پختو ثبوت آھي.
تنھنجي مرڪ ڪائنات جي حسن جو محور آھي 
تون جنھن جي اچڻ سان ھي ڪائنات بنواس منجھان باغ بھار ٿي
تنھنجا ٽھڪ ڄڻ ته ڪن فيڪون جي سدا آھن تون مرڪندي آھين ته بي ترتيب زندگي ۾ انڊلٺي رنگ نکرجي پوندا آھن
تون ھلندي آھين ڄڻ ته دنيا جو وھنوار ھلندو آھي توبنا ھي روڊ ھي رستا ھي گھر سڀ رڃ لڳندا آھن ..
ھا جيڪو مان لکيو آھي تون ان سان ڪتئي به متفق نه ھوندي ڇو ته تو وٽ ته ڪائنات پنھنجي آھي تو وٽ ٽھڪ پنھنجا آھن تو وٽ خوشيون پنھنجون آھن توکي نه ڪن فيڪون جي ضرورت آھي نه ئي باغ بھارن جي انھن سڀ شين کي ته تنھنجي ضرورت ھوندي آھي...
تون نٿي ڄاڻين خوشين جي قيمت ڪيتري آھي، توکي اھا به ڪل ناھي ته بنواس بڻيل ڪائنات کي باغ بھار ڪرڻ لاء اکين منجھ خوابن کي نپوڙي مارڻو پوندو آهي.
ياد ٿئي...!
جڏھن مون وٽ ٽھڪ منھنجا ھوندا ھيا جڏھن آءٌ پنھنجن خوشين ۾ کلندو ھيس...
اڄ جڏھن توبنا اھي سڀ ٽھڪ خوشيون ڦرجي ويون آهن ته ٻين جي خوشين تي به خوشي ناھي ٿيندي، ھا فقط ٻين جي ڏکن تي ڏک ضرور ٿيندو آھي جڏھن اوھان وٽ خوشيون ھجن ته ٻين جون خوشيون به کلائي ڇڏينديون آھن پر جڏھن اوھان وٽ صرف ڏک ھجن ته ٻين کي لڳندڙ ڀتر تي به ڳوڙھن جا تلاءَ ڀرجي پوندا آھن
اڄ جو ڏينھن شڪايتون لکڻ جو ناھي ھونئن به جڏھن قلم ھٿ ۾ ايندي آھي تہ تولاءِ لکڻ جو خيال ايندو آھي..
ھي اکيون جن توکان سواء ڪجھ ڏٺو ئي ناھي ھي دماغ جنھن توبنا ڪجھ سوچيو ئي ناھي ته آخر ڪيئن ڪنھن ٻي لاءِ لکي....
ياد اٿئي پوئين جنم ڏڻ تي !!
تو ڏانھن اچڻ ۾ دير ٿي ھئي تو 20 منٽ انتظار ڪيو ھو ۽ مان ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف ٿيندڙ احتجاج کان نڪري پڄندو تو وٽ پھتو ھيس توکي ڪاوڙ آئي ھئي ڪارونجهر کي غير اھم چوندي چيو ھيئي`` وڏو جبل توکي پيارو آھي مان انتظار پئي ڪيان ڄڻ ته تنھنجي احتجاج سان ڪارونجھر بچي پوندو توکي ڪارونجهر مونکان اھم ٿو لڳي مان ھيڏو انتظار ڪيو``
۽ مان چيو ھيو تہ ھا ڪارونجھر توکان مٿي آھي ڇو ته ڪارونجهر منھنجي ديس جي امانت آھي تون منھنجي محبوب آھين پر ڪارونجھر منھنجي ديس جو دلبر آھي 
۽ ديس مٿان توجھڙا سوين محبوب به قربان...
ماٺ ۾ ڳالھ بدلائي ھيائي...
اڄ به جڏھن ڪارونجھر تي وار ٿي رھيا آھن ته توسان ڪيل ڳالھيون ياد اچي رھيون آھن.
تنھنجي پوئين جنم ڏينھن کان پوء ۽ توسان ملڻ کان اڳ توکي ھڪ غزل ارپيو ھيو جنھن جو بند ھيو ته: 
جنم ڏينهن ميلا مبارڪون ۽ خوشيون
اسان بن سموريون ڪيمپس ۾ ڪيئن لڳئي 
جنھن بعد تو چيو ھو تہ توھان جي شڪايت واجب آھي پر مان مصروف ھيس ۽ ترت پوء تون ملي ھئين
اڄ جڏھن مان شڪايت جو حق نٿو رکان تڏھن بہ تنھنجي جنم ڏينھن تي توکي ڏاڍو ساري رھيو آھيان ڪنھن اردو شاعر لکيو آھي ته 
تم سے بھی دلفریب ہیں
غم روزگار کے
اميد ته ننڍڙي لفظن ۾ سمجھي ويا ھوندا باقي توھان کي وسارڻ وس جي ڳالهه ھجي ھان ته ڪڏھوڪو وساري ڇڏيان ھا
مونکي منھنجي خوشين جو ڏينھن مبارڪ
توکي تنھنجي جنم ڏينھن جي مبارڪ

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو