Wednesday 22 September 2021

 پنهنجي ڪيريئر جي صحي چونڊ ڪيو


واجد علي عاجز

Published on 18/10/2019

Pahanji Akhbar

جيئن ته سنڌ سميت پوري ملڪ جي تقريبن بورڊن 12هين ڪلاس جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، ٻارنهن ڪلاس کان پوء شاگردي جو اصل دور ۽ فيصلاتو دور يعني يونيورسٽي دور جي شروعات ٿيندي آهي جنهن ۾ اڪثر ڪري ڳوٺ جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ان ڳاله ۾ منجهاري جو شڪار ٿينديون آهن ته يونيورسٽي ۾ ڪهڙي شعبي ۾ داخلا وٺجي يا وري ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهجي، اسان وٽ اڪثر ڪري اهو روجهاڻ رهيو آهي ته اڪثر ماڻهون سمجهندا آهن ته يونيورسٽي وڃڻ جو مقصد ڊاڪٽر ٿيئڻ آهي يا وري ائجنيئر هالانڪه ايئن بلڪل به ناهي،

دنيا ۾ جتي ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي ضرورت آهي اتي سٺي صحافي، اينڪر، سماجي ورڪر ۽ ڪاروباري ماڻهون جي به ضرورت هوندي آهي، توڙي جو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيئڻ سان معاشي طور ماڻهون سگهارو ٿي ويندو آهي پر ڪافي ماڻهون اهڙا هوندا آهن جن جو مزاج انجنيئر ، ڊاڪٽر يا بزنس مين ٿيڻ جو ناهي هوندو، پر اسان وٽ سماجي طور پاڻ کي معتبر ۽ سگهارو ڏيڪارڻ لاء اڪثر والدين اها غلطي ڪري ويهندا آهن ته ٻارن کي زبردستي پنهنجي مرضي جي شعوبي ۾ داخل ڪرائي ڇڏيندا آهن ۽ نتيجي ۾ ٻارن کي ناڪامي ته پلئي پوندي  ئي پوندي آهي پر سماجي، روايتي توڙي ذهني طوربه  ٻار وڏي پيڙاه جو شڪار ٿيندا آهن.

تنهنڪري اهو نه صرف والدين جي زميواري آ ته ٻار کي پنهنجي مرضي تي شعوبي جي چونڊ ڪرڻ جي اجازت ڏين پر نوجوانن کي به گهرجي ته ؛ اڄ ڪله انٽرنيٽ جي دنيا آهي انٽرنيٽ اتي وڃي مختلف شعوبن بابت ڄاڻ وٺن ۽ وقت جي مناثبت سان ڪهڙي شعوبي ۾ ڪيتريون نوڪريون، ڪيترا ڪم آهن يا وري سماجي طور ڪهڙي شعوبي ۾ وڃي ڪري ماڻهن جي ڪيتري مدد ڪري سگهجي ٿي اهو ڏسڻ کان پوء ئي پنهنجي مزاج کان جانچي فيصلو ڪن، شعوبي جي چونڊ بلڪل به ننڍڙي ڳاله ناهي ڇو ته هي عمر جو اهو حصو آهي جنهن ۾ اوهان پنهنجي ڪيريئر جي مستقبل جي پلاننگ ڪري سگهو ته جيڪر اڄ اهو نه ڪري سگهيا ته اڳتي هلي پچتاء جو شڪار ٿي ويندا،

وقت جي ضرورت کي ڏسندي يونيورسٽين ۾ پڙهايا ويندڙ ڪجه شعوبن جو مختصر تعارف هيٺ لکان ٿو جيئن شاگردن جي ٿوري رهنمائي ٿي سگهي، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي شهر ۾ پهرين نمبر اها يونيورسٽي آهي جيڪا وڌ کان وڌ شعوبن ۾ تمام گهڻن شاگردن کي داخلا ڏي ٿي تازو ڪراچي ورسٽي ۾ جيڪي ٽيسٽ بيسٽ داخلا فارم آيل آهن انهن ۾ بيچلرس آف آرٽ ۽ سائس جا ڪافي پروگرام آهن جڏهن ته بچيل کوڙ سارن پروگران ۾ داخلا اوپن ميرٽ بيس تي ملندي جن جا فارم به ٿوري عرصي ۾ اچي ويندا:

1. ڪيميڪل ٽيڪنالاجي؛

ڪيمڪل ٽيڪنالاجي وسيع فيلڊ آهي، جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته اوهان ڪيمسٽري ۾ سٺو پڙهي سگهو ٿا ۽ ٽيڪنالاجي سان اوهان جو چاه آهي ته اوهان هن شعوبي ۾ پڻ پاڻ مڃرائي ٿا سگهو، ياد رهي ته ڪيمسٽري هڪ وسيع فيلڊ آهي جنهن جو اوهان تعارف انٽر ۽ ميٽرڪ ۾ وٺي آيا هوندو، هن شعوبي ۾ ڊگري ڪرڻ کان پوء اوهان کي ڪيترائي موقعي فراهم ٿي ٿا سگهن، هن وقت پاڪستان ۾ خاص ڪري ڪيميڪل ٽيڪنالاجي جي شعوبي ۾ الاهي خال آهي جيڪو اوهان پورو ڪري سگهو ٿا.

2. ڪمپيوٽر سائنس

ڪمپيوٽر سائنس به تمام وڏو وسيع شعوبو آهي، پاڪستان ۾ ڪمپوٽر جي شعوبي ۾ وڏو خال اڃان به موجود آهي  تنهنڪري اوهان هن شعوبي ۾ نمايان ڪارگردگي ڏيکاري پنهنجي جاء ٺاهي سگهو ٿا، ان کانسواء دبئي سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪمپيوٽر سائنس وارن جي وڏي ڊيمانڊ آهي اتي پڻ اوهان پنهنجون ڪارگردگيون ڏيڪاري ٿا سگهو، ان شعوبي ۾ سرڪاري نوڪري حاصل نه ڪري سگهڻ کان سواء به ڪافي موقعا آهن جيئن اوهان انٽرنيٽ ذريعي به ڪافي پروجيڪٽ حاصل ڪري سگهو ٿا، جن جي رقم اوهان ڊالرن ۾ وٺي سگهو ٿا.

3. ايجوڪيشن

ايجوڪيشن به بهترين شعوبو آهي جيڪو نه صرف اوهان کي پئسا ڪمائڻ ۾ ڪم ايندو پر هن شعوبي ۾ پڙهي ڪري اوهان سماج جي بهترين طريقي سان مدد ڪري سگهو ٿا، هي شعوبو خاص ڪري استاد ٿيئڻ ۾ دلچسپي رکندڙن لاء آهي، هي شعوبو اڪثر ڪري ڇوڪريون چونڊ ڪنديون آهن اڄ ڪله جي نسبت سان استاد وارو ڪيريئر ڇوڪرين لاءِ بهترين ڪيريئر ثابت پيو ٿي، ڇوڪرا به هن ۾ پڙهي فائدو حاصل ڪري ٿا سگهن.

3. اسپيشل ايجوڪيشن

هي شعوبو به استاد ٿيئڻ ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ آهي، هي اصل ۾ اسپيشل ايجوڪيشن آهي جنهن ۾ اوهان کي خاص طور تي معذور ٻارن کي تعليم ڏيئڻ جي سکيا به ڏني ويندي آهي

4. ماس ڪميونيڪشن

پاڪستان ۾ هن شعوبي ۾ گهڻو ڪم ٿيو آهي هي شعوبو ميڊيا سان لاڳاپيل آهي ماس ڪميونيڪشن کي ميڊيا سائنس به چيو ويندو آهي، هن ۾ پڙهي اوهان صحافي، ليکڪ، پروڊيوسر، ڊاريڪٽر، فلم ميڪر ۽ اداڪار نيوز اينڪر وغيره ٿي سگهو ٿا، جيڪڏهن اوهان من ڪو هن شعوبي ۾ اچڻ چاهي ته اهو ذهن نشين هجي ته هن شعوبي ۾ وقت با وقت اوهان کي پئسن جي گهڻي ضرورت پئجي سگهي ٿي، ڇو ته هن ۾ ملندڙ آسائنمنٽس ۽ پروجيڪٽ پريڪٽيڪل بنيادن تي هوندا آهن جن ۾ پئسن جي ضرورت پوندي آهي.


5. پاڪستان اسٽڊي

سائنس جي ڊوڙ جي ڪري پاڪستان ۾ ڪافي اهڙا شعبا آهن جن ۾ خال پيدا ٿيو آهن ان ۾ پاڪستان اسٽڊي به آهي تازو ئي ليڪچرشپ جي خالي سيٽن جي سروي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پاڪستان اسٽڊي جون ڪافي جڳهيون خالي آهن جڏهن ته سائنس جي مضمونن کان به وڌيڪ پاڪستان اسٽڊي ۾ ليڪچررس جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اوهان سي ايس ايس ڪرڻ جو شوق رکو ٿا ته هي شعوبو اوهان لاءِ سٺو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

6. لينگويج (سنڌي، اردو، انگلش)

اڄ ڪله ٻولي وارو سبجيڪٽس ۾ ڪافي کوٽ پيدا ٿي آهي، جيڪڏهن ڪو هن ۾ شوق ٿو رکي ته اهي شعوبو به ڪافي ڪارگار ثابت ٿيندو، تازو ئي شايع ٿيل ليڪچررشپ جي سيٽن جي سروي ۾ سنڌي اردو ئي انگلش جي وڏي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي، خاص طور تي انگريزي جو وڏو خال جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ڀرجي نه سگهيو آهي، اوهان انگريزي جي عبور حاصل ڪري نه صرف نوڪري حاصل ڪري ٿا سگهو پر پارٽ ٽائم ٽيوشن ۾ به هزارين رپيا ڪمائي سگهو ٿا، ان کان علاوه انگريزي سکي اوهان ٻاهرين دنيا ۾ به پاڻ مڃرائي ٿا سگهو، انگريزي جو سبجيڪٽ اوهان کي هر جڳه تي ڪم ايندو توڻي ڪا نوڪري جي ٽيسٽ هجي يا وري فيلڊ ورڪ انگريزي لازم هوندي آهي، اگر اوهان ڪميشن جو شوق ٿا رکو ته اهي فيلڊ اوهان جي وڏي مدد ڪندي تازو سروي موجب ڪميشن جي امتحانن ۾ 80فيصد ماڻهن انگريزي ۾ مار کائي ويندا آهن.

ان کان عللاوه سوشولاجي، سوشل ورڪ، قانون، فزڪس، ڪيمسٽري، ميٿيمٽڪس، سائڪولاجي، ڪرمنلاجي، بايولاجي، باٽني، جيوگرافي، فشري، وومين اسٽڊي، انٽرنيشل رليشن، جيولاجي، فزيڪل ايجوڪيشن، سميت ٻيا به سائنس ۽ آرٽ ۾ اڻ ڳڻيا شعوبا آهن جن بابت انٽرنيٽ تي تمام گهڻو مواد پيل آهي، ڪنهن به يونيورسٽي ۾ داخلا فارم ڀرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ پنهنجي پاڻ کي ڏيو ۽ پنهنجي پاڻ کان ئي پڇيو ته اوهان ڇا ٿا پڙهڻ چاهيو ۽ مستقبل ۾ ڇا بڻجڻ چاهيندا ۽  پوءِ ان شعوبي ۽ مستقبل جي نوڪرين بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرنيٽ تي ڳوله ڪيو ۽ ان متعلق ڄاڻ وٺڻ کان پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪيو، ياد رکو ته اوهان سچي دل سان جيڪو بڻجڻ چاهيو ٿا اهو ضرور بڻجي ويندو پر ان شرط تي ته اوهان  پنهنجو مقصد هڪ رکو ۽ دل سان ان تي محنت ڪيو يقينن اوهان جي ئي جيت ٿيندي.

توڻي جو انساني فطرت آهي ته اهو سڀ گدرا پنهنجي هٿن ۾ رکڻ چاهيندو آهي پر اهو ممڪن ناهي تنهنڪري اوهان کي ڪنهن به هڪ شعوبي ۾ پاڻ مڃائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ اوهين پنهنجو اصل مقصد وڃائي ويهندا ۽ ڪنهن به شعوبي ۾ ماهر ٿي نه سگهندا. اوهان مختلف شيون پڙهڻ جو شوق رکو پر دلي لڳائو پنهنجي خوابن جي تعبير لاءِ هجي ۽ ان ۾ ئي ماهر ٿي ڏيکاريو.

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو