Wednesday 22 September 2021

جنھن جو ساھ تون آھين

 وڇوڙو ڪيڏو ڏکيو آھي اڄ جڏھن تون زندگي جا 4 انمول ورھين سنگتياڻين سان گڏ رھي وڇڙي رھي آھين ھڪ پاسي سڀني جي چھرن تي مصنوعي مرڪ آھي تہ ٻي طرف سڀني جي اندر ۾ وڍ پئجي ويا آھن جدائي جا وڍ.. دوستن کي ڇڏڻ ڏکيو آھي نہ، تہ ڏس ڀلا محبوب کي وسارڻ پاڻ مارڻ جھڙوھوندو نہ...؟؟ 
ھڪ عجيب ڪيفيت تاري ٿي پئي اٿم توڻي جو توسان ملڻ نہ ٿيندو ھيو تنھن باوجود بہ تون ورسٽي ۾ ھوندي ھئين تہ ايئن لڳندو ھيو مونسان آھين...
ھاڻ تو ورسٽي نہ ايندين ؟
تہ اھي رائونڊ ٽيبلون مونکي کائڻ نہ اينديون جن تي ويھي توکي رھجي ويل منظر جا منظر ٻڌايا ھيا؟
اھي لائبريري اڳيان پيل سائي بينچ جنھن تي آء اڪثر ويھي ليپ ٽاپ تي پروگرامنگ ڪرڻ بچائي عابدہ پروين جا ڳايل سر ٻڌندو ھيس ڇا اھا بينچ ويران نہ لڳندي؟
توکي ياد آھي آءٌ لائبريرين کان لڪي لائبريري جي ڪمپيوٽر ۾ سرمد جو انقلابي گيت ٻڌي رھيو ھيس تون ڏاڍي ڪاوڙ ڪئي ھئي دڙڪا ڏنا ھيئي تو چيو ھو تہ آءٌ ڪمپيوٽر سائنس تي ڇو ناھيان پڙھندو انقلاب ڇو ٻڌندو آھيان؟
ھاڻي ڏس نہ ڪمپيوٽر سائنس سان لاڳاپيل نہ ھجڻ باوجود بہ ڪافي سکيو اٿم ھاڻي HTML, PHP, SQL server تي بہ ڪافي پڙھيو اٿم، تنھنجي دڙڪا ياد آھن تون چاھيندي ھئين نہ تہ منھنجون لکڻيون انگريزيءَ ۾ ھجن ڏس ھاڻ مون اھا بہ سکڻ شروع ڪئي آھي.
ھاڻ پئسا بہ ڪمائي ويندو آھيان ھاڻ توکي سنڌ لٽريچر فيسٽيول تي وڃڻ لاءِ پئسا نہ ڏيڻا پوندا.
تون نہ چاھيندي بہ ھميشہ ھڪ ڪتاب جون ٻہ ڪاپيون آڻيندي ھئين پچڻ تي چوندي ھئين تہ اھا ڪتاب مارڪيٽ ۾ نہ ملندو مان علي بابا وارن کان گھرايو آھي پر حقيقت تہ اھو صرف مونکي پئسا نہ ڀرائڻ کاڻ تنھنجو ڊرامو ھوندو ھيو.
اڄ ڏس نہ ڪئي ڪتاب خديد ڪا آھن مان بہ ھميشہ ٻہ ڪاپيون گھرائيندو آھيان ھڪ تنھنجي نالي جي بہ ھوندي آھي پر توتائين ھاڻي اھا ڪيئن ايندي ھاڻ منھنجا دوست توکي منھنجا ڪتاب ڪيئن ڏيندا تنھنجون ساھڙيون ھاڻ ڪتابن تي منھنجو نالو پڙھي توکان منھنجي باري ۾ نہ پڇنديون ھاڻ تون بھانو ڪري مونکي پنھنجو ڪزن ڪون ٺاھيندين.؟
۽ ھا يار ھاڻي نڪمو ٿي ويو آھيان منھنجي لکڻي ۾ بہ صواد مري ويو آھي. ھاڻ شيو ڪرڻ لاءِ بہ آچر جو انتظار ڪندو آھيان ۽ وڏي ڳالھ جنھن تي توکي چڙ ايندي ھئي آء دوستن کي (بقول تنھنجي) تہ ڳوٺاڻن ڇورن کي ڪافي وقت ڏيڻ لڳو آھيان، ھاڻي تہ تون بہ ناھين جون ڇڙٻون ڏين موبائيل تي بہ رات دير تائين آنلاين رھڻ لڳو آھيان ڇو تہ ھاڻ تنھنجو ڊپ جو ناھي آچر تي دير سمھڻ لڳو آھيان خبر آھي تہ تنھنجو ڪو مسيج ڪا ڪال ڪون ايندي جيڪا مس ٿئي.
۾ ڪجھ حاصل ڪري گھڻو وڃائي ڇڏيو آھي تون ورسٽي ڇڏي وئين ايئن ٿو لڳي آخري اميد تي سڪرات ۾ ھلي وئي آھي توکي ياد ڪري رھيو آھيان پاڻ کي صفا بگاڙي ڇڏيو آھي ٻڌ نہ ڪڏھن ڪڏھن ڇڙٻون ڏيندي ڪر ڪاوڙ ڪندي ڪر تنھنجي ھڪ ڇڙٻ منھنجي زندگي بدلائي ڇڏيندي آھي .
فقط تنھنجو.... جنھن جو ساھ تون آھين 
واجد - روحل آزاد
#واجد

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو