Wednesday 22 September 2021

جوبن جوڀن جهور ٿي ويو آهي

 جوبن جوڀن جهور ٿي ويو آهي
چنڊ جي روشني اڳيان 
ڄڻ ڪنهن اپسراء وارن جو پردو ڏئي ڇڏيو آهي
ڏينهن ڄينڀن جا ڏنگ..
۽ راتيون وڇون جيان ڏنگيندڙ آهن
شامون وصل جي سوڳ ۾ آهن
پره پنهنجو ساءُ وڃائي ويٺو آهي
منهنجون اکيون ڄڻ ڪتن جي 
اوڙ ۾ اڇليو ويون آهن
ننڊ آس بڻجي وئي آهي
۽ خواب مقتل جا ڍير
تو پڄاڻان زندگي رڃ جو سفر آهي
پوء به اڄ تائين تنهنجو اوسيئڙو آهي
سجني ٻڌائي ني 
تون ڪٿي ۽ ڪيئن آهين
واجد گبول

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو