Wednesday 22 September 2021

ج تم بے حساب یاد آئے

 ج تم بے حساب یاد آئے 
گھر جي اڱڻ مٿان آسمان ڄڻ ته ساھ ۾ ٻوسٽ پيدا پيو ڪري، ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان ته سائنسي طور اھو ڪيئن پاسيبل آھي جو تنھنجي وڇڙي وڃڻ سان ڪائنات ۾ آڪسيجن جي ڪمي ٿي ويندي آھي....
اھو ڪيئن ممڪن آھي تہ ڪنھن شخص جي نہ ھجڻ سان وسندڙ ڪائنات بنواس جو روپ ڌاري ڇڏي ؟
پوء اھو ڇا آھي جيڪو دل تي مونجھ ڪري بيٺل آھي سائنسي طور تہ دل پمپنگ جو ڪم ڪندي آھي نہ پوء ھي مونجھ سڪ احساس ويڳاڻپ ھي سڀ دل  ۾ ڪيئن؟
ھي عشق بہ ڪيڏو نہ عجيب آھي سڀني مذھبن کان مٿانهون سائنسي اصولن کان بي قاعدي ... ايئن لڳندو آھي تہ تنھنجي آواز سان ڪائنات ۾ آڪسيجن ايندي آھي تنھنجو چھرو پسي ڄڻ تہ سڀئي وٽامنز جي ڪمي پوري ڪري سگھبي آھي تون آھين تہ ڪائنات ۾ ڪابہ ڪمي ناھي تون ناھين تہ ڄڻ جسم مان سڀئي وٽامن ھليا ويا آھن ڪائنات آڪسيجن جي ڪمي ۾ ٻوساٽيل آھي وقت جي پيرن ۾ زنجير پئجي ويا آھن. منھنجي ساھ ۾ سوڙ پيدا ٿي وئي آھي ... اکين ۾ ڏينھن ڏٺي ڄڻ تہ ڇپخوري ٿي پئي آھي... سج جي روشني ميرانجهڙي ٿي وئي آھي اکين ۾ ترورا اچڻ لڳا آھن... سر ۾ اھو درد پوڻ لڳو آھي جنھن جي دوا دريافت ناھي ٿي 
رت جي رفتار ۾ ڪمي ٿي وئي آھي 
وارن وڌڻ ڇڏي ڏنو آھي ...
معدي ۾ ھضم ڪرڻ. ڪاڻ ڪجھ بچيو ناھي...
من کائڻ کان ڀرجي چڪو آھي
زبان مان چس وارو حصو ڪوڙو ٿي ويو آھي 
دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو آھي 
ذھن ياد ڪرڻ وساري ڇڏيو آھي 
پيرن پنڌ کان جواب ڏئي ڇڏيو آھي 
ڪن تنھنجي ناء ٻڌڻ کان سواء ڪجھ ٻيو ٻڌڻ ناھن چاھيندا
موسيقي چڙ ڏياريندڙ ٿي وئي آھي ...
سائنس ڪيڏو نہ پٺتي آھي 
جنھن تنھنجي وجود مان حل ٿيندڙ مسئلن تي اڃان غور نہ ڪيو آھي 
تنھنجي وجود ۾ ھر شيء جو حل سمايل آھي...
واجد علي عاجز

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو