Wednesday 22 September 2021

نوان سال توکي ڀليڪار:

 وان سال توکي ڀليڪار:
اسان مڊل ڪلاس ماڻھن لاء زندگي صرف رڳن ۾ ھلندڙ رت ۽ دل ۾ھلندڙ دڙڪن کان مٿي ناھي اسان فقط ساھ کڻڻ ڪارڻ جيئڻ سکيو آھي.
جنوري جون نہ کٽندڙ راتيون چيٽ ۾ ڪيئن پئي چٽ ٿيون،  نہ ڄاڻان ڪڏھن ننڊ ٿي آئي نہ جاڳ جو الڪو نہ ننڊ جي جلدي اڻکٽ وقت تو وٽ منھنجي لاءِ ۽ مون وٽ تولاءِ ڪيئن نہ گذري وئي گذريل سال جي جنوري، سڀ ڪجھ ڇني سڀ ڪجھ چٽ ڪري......
فيبروري محبت جو مھينو آھي توڻي جو مايوس گذريو، اڻاگو بہ ھو توکان پري رکيائين شڪايتون بہ جام آھن ويلنٽائن جو گل ايئن ئي سٻاٽجي ويو ھو جيڪو اڄ بہ مون وٽ جيڪو تنھنجي سالگرهه تي بہ توتائين ناھيان پھچائي سگھيو پر يقين اٿم مون جيان ھي گل بہ توکي ڏسندي ٻيھر جنم وٺندو ۽ تنھنجا ھٿ ڇوھڻ بعد سڀني گلن کان نيارو ٿي پوندو.
مارچ جيڪي بھاري جو مھينو آھي جنھن بہ فقط وڻ ساوا ڪيا ھيا منھنجي ھٿ ۾ پيل گل اڃا سٻاٽيل ھيو ڇو تہ تو وٽ پھچي نہ سگھيو ھيو، ننڍين خوشين تي خوش ٿيئڻ تہ توکان پوء ڄڻ ڀلجي ويو آھي مارچ ۾ خوشي ملي جيڪا اڻپوري ھئي، خوشيون ذھن جي آشائش ھونديون آھن پر ذھن توسان ڪڏھن سک جو ساھ کڻڻ ناھي سکيو.
اپريل ايئن اپريل فول ڪندو رھيو ڪڏھن ڀانيو تہ تون گڏ آھين تون دل ۾ آھين تون خوابن ۾ رستن ۾ موبائل ۾ انٽرنيٽ ۾ منھنجي ساھن ۾ پر حقيقت اھا ھي جتي تون آھين اوھان اتي ناھيان پھچي سگھيو تو گھريو ٿي تہ مان توسان تو جيترو ھجان پر توکان بہ وڏو ھجان پر حالتون ايئن ناھن پر آءٌ ايئن ناھيان تون پوپٽن جي تخليقڪار آھين مان فضول بڪواسي...
مئي ڀانيو ٿي جيڪر وک توڏانھن وڌي آھي تہ توتائين پھچي وڃبو مئي مايوسي کان ڏور ۽ تنھنجي ويجھو رکيو اھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ھلندڙ نوڪري ۾ توسان بحث ڪرڻ وڏا ٽھڪ ڏيڻ ۽ ايئن اکين مان کلندي کلندي ڳوڙھا اچڻ سڀ يادگار ھيو شايد سدائين يادگار رھجي وڃي؟
جون ڪيڏو نہ گرم ھوندو آھي ظاھري وجود جيان اندر کي بہ آڙاھ ۾ اڇليو ڇڏي جون جلايو ھيو منھنجو من توسان اڻپڙت ايئن. ھئي جيئين جيئري موت تو ناراض ٿيندي آھين تہ ساھ رسي ويندا آھن جون بہ ايئن ئي ساھ رسائي ڇڏيا ھئا.
جولائي ايئن گذري ويو جيئين اٻوجھ ماڻھون زندگي گذاري آخر ۾ فقط ٻہ چار ڪانڌين سان ھليا ويندا آھن.
آگسٽ اھو مھينو جڏھن تون ملين توڻي جو سال بدلبا رھيا آھن پر آگسٽ ان لاء بہ يادگار آھي جو اھو آگسٽ ھيو جنھن توکي احساس ڏنا وضاحتون ڏنيون معافين جا لفظ، تلخين لاء معذرت جا لفظ..
سيپٽمبر اھا 3 سيپٽمبر ھئي جنھن جو انتظار ڄڻ اکين جو نور کسي ورتو ھيو ۽ اھو ئي سيپٽمبر جنھن ۾ توکي ڏسي ڄڻ تہ ڪائنات جو نور پنھنجي اکين ۾ اوتي ڇڏيو ھيو.
آڪٽوبر کوڙ شڪايتون آھن ھن سان اھو مھينو جيڪو ناھي گذرندو ۽ آئون ھر ڏينھن تنھنجي سالگرهه جا بچيل ڏينھن ڪٽيندي گذاريندو آھيان جيڪو ذھني سگھ کسي وٺندو آھي.
نومبر اھو سڀاڳو مھينو جنھن ۾ تو جنم ورتو جنھن ۾ ڪائنات روشن ٿي جنھن بعد تون پوپٽن ۾ رنگ ورھايا جنھن ۾ تون حورن کي حسن ۾ حصو ڏنو جنھن ۾ تون خدا جي وجود کي سگھاري سگھ ڏني جنھن ۾ تون خدا کان خوشين جا جھول اوڌر وٺي منھنجي جھولي ۾ ڏنا جنھن ۾ تون منھنجي لاء ٽھڪ خريد ڪيا جنھن ۾ تون منھنجي وجود کي روشن ڪيو جن ۾ تون منھنجي ذھن ۾ پختگي ۽ سگھ پيدا ڪئي.
ڊسمبر سدائين جيان ڦٽن کي چاڪ ڪيو تہ توکان پري دنيا کان آڌر ڪيو وقت ايئن کسي ويو جيئن رياستي ادارا سنڌي مائرن جي جھولين مان ٻچڙا کنڀيندا آھن...
#واجد 
واجد علي عاجز

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو