Wednesday 22 September 2021

فقط تولاءِ زندگي جي ڪجھ ڏينھن جا احوال جن ۾ توکي ڪا بہ گرز ناھي

 فقط تولاءِ زندگي جي ڪجھ ڏينھن جا احوال جن ۾ توکي ڪا بہ گرز ناھي
واجد علي عاجز
اميد تہ خوش ھوندئو، سچ تہ زندگيءَ سکن جي سيج لڳندي ھئي جڏھن توسان گڏ ھوندو ھيس  ھاڻي خوشيون ڳلي ۾ ڦاسي پونديون آھن، ٽھڪ نڙ ڳٽ ۾ اٽڪي پوندا آھن ۽ اکيون صرف نير ھارڻ ئي سکيون آھن سال ٿي ويا آھن اکين مان خوشي ڀريا ڳوڙھا ناھن نڪتا.
ڪئي دفعا ايئن ٿيو آھي جو ڳوڙھا اکين وسيلي ناھن آيا بس اندر کي چيري ھيٺ لھي ويا آھن ايئن ڄڻ تہ مون ڪنھن تيزاب جو ڍڪ ڀريو ھجي.
پر ٻڌ! مون توکي کن پل لاءِ به وساريو ناھي ڪافي دفعا اھو وساري ويٺو آھيان تہ ھي ڪائنات ڪنھن ٺاھي آھي سچ تہ انھن شين تہ ڪڏھن غور ئي ناھي ڪيو تہ ڪائنات ڪيئن ۽ ڇو ٺھي آھي مان ھميشہ تنھنجي ھجڻ تي غور ڪيو آھي تون آھين تہ سڀ ڪجھ آھي تون ناھين تہ ڪائنات ڪجھ بہ ناھي.
انتظار بہ گھڻو ڪيو اٿم ڪڏھن ڪڏھن ڀائيندو آھيان تہ تون ھلي آئي آھين، ھلي اچڻ تي ياد آيو ڪالھ تون منھنجي خواب ۾ آئي ھئين پاڻ ورسٽي جي پڌر تي ويٺا آھيون تون وڏا ٽھڪ ڏئي رھي آھين مان بہ کل ۾ لٽ پٽ آھيان سڀ پاڻ کي ڏسي سڙي رھيا آھن سڀ ڪنھن کي پاڻ جھڙو ٿيڻ جو شوق جاڳي پيو آھي ائين پاڻ گيٽ نمبر 2 کان نڪري ڪيفي پاڪستان جي سوڙي ڏاڪڻ تي مٿي چڙھي برياني کاڌي آھي ۽ بل نہ ڀرڻ تي جھيڙي رھيا آھيون.
۽ آء جاڳي پيس ڀانيم ته خواب بہ ڪيڏا نہ عجيب ھوندا آھن اتي ختم ڇو ناھن ٿيندا جتي ٽھڪ ھوندا آھن خواب ۾ بہ پنھنجو جھيڙڻ ضروري آهي ڇا.
ساجھر آفيس لاءِ نڪتس پئي اچانڪ موٽر سائيڪل ھلائيندي تنھنجي ياد آئي ھئي منھنجو ذھن مونکي ڪيفي بوگي جي ڪيبن نمبر 2 ڏي وٺي ويو ھيو جو اچانڪ موٽرسائيڪل جو اڳيون ٽائر ڪنھن پٿر سان ٽڪرايو ھيو ۽ آءٌ واپس انھي تباھ حال روڊ تي اچي پھتو ھيس جنھن جي دامن ۾ منھنجي زندگي جيان ھزارين اوچائيون ۽ جھڪايون آھن.
سڄو ڏينھن تون ذھن تي تاري رھي ھئين ڪافي ماڻھون مليا ھيا 4 ماڻھن مونکي ڏسي سمجھيو ھيو تہ مان اڄ پريشان آھيان پر نظر پياسي جي شعر جيان تہ : ``ڇو پيو روئين ڪوئي پڇي نہ توتي ڪو الزام اچي نہ
دنيا سامھون خوش ٿي ايئن کلڻو پوندو آ `` 
۽ سڄو ڏينھن مسنوعي کل کي چھري تي رکيو ھيم. شام ڌارا تہ ڄڻ ھيانء وڍجي پيو ھو دل تيز ڌڙڪڻ شروع ڪيو ھيو ڪتاب پڙھڻ لاءِ کنيم تي ھر پيج تي تنھنجي تصوير پئي ڀانيم روڊ تي نڪتس تہ ھر ايندڙ ماڻھون ۾ تنھنجي تصوير پئي لڳي آخر گھر اچي ستو ھيس، منھنجي ڪمرو منھنجي پناھ گاہ آھي جتي ھڪ ٽي وي جيڪا ڪيترن ئي سالن کان منھنجي موجودگي ۾ بند رھندي آھي ھڪ اسٽڊي ٽيبل جنھن تي ھر وقت ڪتاب لاوارث شين جيان ڦھليل ھوندا آھن ۽ ساڄي پاسي ھڪ ڪٻٽ جنھن ۾ ڪيترا ئي ڪتاب ڀريل آھن اھا منھنجي ملڪيت آھي جنھن کي ڏسي دلي اطمينان وٺندو آھيان تہ ڪجھ نہ ڪجھ ڪيو آھي، اسٽڊي ٽيبل جي ڀرسان پيل ڪرسي تي ويھي رھبر جو ڪتاب ديار دل داستان محبت کوليم جتي عشق کي سمجھندي رھبر کان راھ پئي ورتي پر تنھنجي ياد ايئن بہ ڪون ڪرڻ ڏنو مان ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي ڇ ت ڏانھن نھاريندي سمھين پيو ھيس ۽ دير بعد اٿيو ھيس جڏھن لوڪ سمھين پيو ھيو ماني وسري وئي ھيم صبح جو امان پڇيو ھيو تہ ھاٽ پاث ۾ رکيل ماني جيئن جو تيئن ڇو پئي آھي کيس پوري ڪھاڻي ٻڌائڻ بنا اھو چيم تہ ننڊ اچي وئي ھئي ھاڻي اٿيو آھيان . موبائل ڏٺو تہ اتي بہ تون نظر آئي ھئين ڪجھ سرچ ڪرڻ لڳندو آھيان تہ تنھنجو نانءُ لکجي ويندو آھي. موبائيل جو پاسورڊ تي بہ تنھنجو نانءُ لکجي ويندو ھيو جنھن جو حل اھو ڪڍڻو پيو تہ تنھنجي نالي کي ئي پاسورڊ ڪري ڇڏيو آھي ھاڻ ڏينھن ۾ الھائي ڪيترا ڀيرا تنھنجو نانءُ لکبو آھي دلي سڪون ملندو اٿم تنھنجو نانءُ لکندي جيئن.ملان تسبيح پڙھندي راحت محسوس ڪندو آھي تنھنجو نالو لکندي بہ اھو ئي محسوس ٿيندو اٿم.
آخر ۾ بس خوش ھجي تنھنجي خوشي کان سواءِ آء ڪجھ بہ نٿو گھران خدا تي يقين ايترو بہ ناھي جو سندس کان ڪجھ گھران تنھن ھوندي بہ جڏھن ھن ڏانھن ھٿ اڀا ڪيا آھن تہ فقط تنھنجي خوشين ڪارڻ.. تون مونکي خط لکندين تہ دلي سڪون محسوس ڪندس ڪجھ پلن لاءِ، باقي نہ لکندين تڏھن بہ خير آھي جيئن ھاڻي منھنجي پرواہ ناھين ڪندي ايئن ئي منھنجي پرواہ نہ ڪجان ڪڏھن بہ بس تون پنھنجي خوش کي ڳولھ..

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو