Wednesday 22 September 2021

ڪاپي جي لالچ ۾ پنجاب کان ايندڙ نااهل شاگرد

 ڪاپي جي لالچ ۾ پنجاب کان ايندڙ نااهل شاگرد

Published on 17/12/2019

PakSindh newspaper


واجد علي عاجز


سنڌ ڌرتي جنهن جي قدرتي وسيلن سميت ڪارخانن ۽ ٻين ادارن تي ڌارين جي لوڌ ايئن اچي ويٺي آهي جيئن مٺائي تي مک، هڪ پاسي سنڌ کي تباه ۽ برباد حال به ڪوٺيو ويندو آهي ته ٻي طرف پوري پاڪستان جي ڏورانهين علائقن کان ڪمائڻ لاء ڌارين  جي لوڌ هن ڌرتي جو ايئن رخ ڪندي آهي جيئن هتان جا ماڻهون دبئي سعودي سميت انگريز ملڪن ڏانهن ويندا آهن، اهو ئي سبب جو سنڌ جي سڀني وڏن ادارن تي ڌاريا قابض آهن.


هونئن ته پوري پاڪستان ۾ پنجاب جي سرزمين کي پڙهيل لکيل ۽ شعوري ماڻهن جو ديس سڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ اهو به مشعور آهي ته پنجاب بنا ڄڻ ته پاڪستان اڻپڙهيل آهي، ايئن محسوس ڪرايو ويندو آهي ته جيڪر پنجاب مان بيروڪريسي جا بادشاه نه اچن ته ڄڻ پاڪستان جو ڪارونهوار ئي ٺپ ٿي وڃي، تنهن هوندي به ڪيترين ئي سالن کان هرسال هزارن جي تعداد ۾ امتحان ڏيڻ لاءِ سنڌ جو رخ ڪندا آهن، ان جو واحد سبب ڪاپي ڪرڻ ۽ رياعت وٺڻ هوندو آهي.


پنجاب جي پاڙيسري هجڻ ڪري گھوٽڪي ضلعي ۾ هر سال پنجاب کان هزارين نااهل شاگردن کي گهرايو ويندو آهي جن کي هتان جي نااهل انتظاميه ۽ ادارن ۾ ويٺل ڪرپٽ ڪامورن جي مڪمل حمايت حاصل هوندو آهي جيڪي هزارين رپيا رشوت وٺي اسڪول جي داخل کان ويندي ڪاپي ڪرائڻ، رهائش ۽ کاڌي پيتي جا انتظام پڻ پنهنجي اوطاقن ارينج ڪري ڏيڻ جا پابند هوندا آهن، جيڪڏهن ڊيل پنج رپيا وڌيڪ تي هوندي آهي ته هي مرد مجاهد ته ڇوڪرا به ٻيا گهرائي ڏيڻ ۽ ڪاپي لکرائڻ تائين به گڏ هوندا آهن ۽ جيڪڏهن ٻاهريان ايندڙ شاگرد به ڪنهن شاهي گهراڻي جو هجي ته هتان جا ڪامورا ته ويتر اولڻ گهولڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن پنهنجي رهائشي علائقن کان امتحاني سينٽرن تائين پهچائڻ لاءِ سرڪاري گاڏين جو بندوبست به ترت بنيادن تي ڪري وٺندا آهن.


هن سڄي ڊيل ۾ اسڪول جي هيڊماستر کان ويندي تعلقي آفيسر تائين سڀ ملوث هوندا آهن ته وري صحافت جي جبي ۾ ڍڪيل پروفيشنل ڀتاخور يا ته ڪامورن کان پنهنجو حصو پتو وٺي خاموش ويهي رهندا آهن يا وري پنهنجي ڪم ڪڍائڻ لاءِ ڪامورن جي هيٺائين ڪري پنهنجا ڪم ڪڍرائيندا آهن، ڇو ته هي ڪم ڪير به فردي بنياد ته اڪيلي سر ڪري ئي نٿو سگهي هن جي پٽيان هڪ چين هوندي آهي جيڪي اسڪول جي پٽيوالي کان ويندي ضلعي آفيسر تائين هلندي آهي.


اهو ئي سبب ته نااهل ڌاريا هٿان سرٽيفيڪٽ وٺي وري هتي ئي اسان مٿان حڪمراني لاءِ اچي ويندا آهن ڇو ته جڏهن ڪنهن به علائقي جو تعليمي سرٽيفڪيٽ هوندو آهي ته اتان جو ڊوميسائل ٽهرائڻ ۾ آساني ٿي پوندي آهي ۽ جيڪي ادارن ڪجه فيصد نوڪريون علائقي جي ماڻهن مخصوص ڪندا آهن ته اهو به هنن نقلي علائقي واسين ڌارين جي حوالي ٿي وينديون آهن ۽ اسان جي پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ ساڳيا ئي ڪاري وارا ڪک وڃي بچندا آهن.


ان سڄي ظلم ۽ ناانصافي ۾ ڌارين سان گڏ پنهنجن جو وڏو رول هوندو آهي تڏهن ته ابراهيم منشي لکيو آهي ته؛



مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾،

ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي، ويهي وانگيئڙن جي واڙي ۾...!!

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو