Wednesday 22 September 2021

سفري يادگيريون حصو 01 ميرپور ماٿيلو کان بالاڪوٽ...

 سفري يادگيريون 

حصو 01 ميرپور ماٿيلو کان بالاڪوٽ...


ڪڏھن ڪڏھن دل ۾ عجيب غبار پيدا ٿيندو آھي ۽ دل چوندي آھي ايئن ئي روڳي ٿي ڪائنات جي حسن ڏسجي ۽ اکين کي عبادت ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ فطرت جي سونهن پسڻ لاءِ اسلام آباد وڃڻ جو سوچيو.

ايئن شام ڌارا ملڪ جي نامور بس سروس ۾ نڪري پياسين بس ٿورو ئي ھلي ھئي ته اڳيان اعلان ڪيو ويو ته پنھنجا سڃاڻپ ڪارڊ ٻاھر ڪڍو چيڪنگ ٿيندي ان مان محسوس ٿيو ته اڃان اسان سنڌ جي حدن ۾ آھيون ڇو ته ڇانوڻيون ۽ جيل ٿاڻا اسان لاءِ ٺاھيل آھن. ايئن پاڪستان ھجڻ جو ثبوت ڏئي سرائيڪستان ۾ داخل ٿياسين سرائيڪي جيڪي اسان وانگي اڃان به اسان کان وڌيڪ پنج آبن وارن جي چنبي ۾ قيد آھي جيستائين سرائيڪستان پئي ھليو اوتري تائين روڊن رستن توڻي ماحول ۾ ڪجھ فرق ڪون آيو. 

ايئن آخر اسان پير پنجاب ۾ پاتو ته ايئن لڳو ته واقعي ڪنھن آزاد خطي ۾ داخل ٿيا آھيون ماڻھون جي چھرن تي نيڪ مسڪراهٽ اھڙي مشڪ جيڪا آزاد فردن جي چھرن تي ھوندي آھي ڏٺي سين.

پورو پنجاب جو سفر ڪرڻ دوران ڪا به چيڪ پوسٽ نه ھئي جتي بيھاري ماڻھن جي تذليل ڪئي ويندي ھجي ڪنھن کي به مجال نه ھئي جو بس کي جھلي بغير ڪنھن پڇڻ جي اندر ھلي ڪنھن ڳڀرو جي ڳلي ۾ ھٿ وجھي اھو ڏسي پنھنجي غلاميءَ جو احساس شديد ٿي ويو ھيم. 

اسلام آباد پھچي پروگرام موجب دوست سان موٽرسائيڪل تي ناران ڪاغان وادين ڏانهن ھلي پياسين اسان ٽيڪسيلا وٽ پھچي ريفريشمنٽ ڪرڻ جو سوچيو جتي ريفريشمنٽ ڪندي ڪچھري پئي ڪئيسين ته مون چيو واقعي ھن خطي کي فطرت حسين رنگ ڏنا آھن ڪوئي بدنصيب ھوندو جيڪو فطرت جي حسن ڏسڻ کان وانجھيل ھجي ايتري ۾ دوست مون تي تنقيد ڪندي چيو ھيو تہ تون ته سدائين سنڌ جي تعريف ڪندو آھين ھتي ڇا آھي روڊن تي ڌوڙ اڏري رھي آھي رستا گند جا ڍير بڻيل آھن لاقانونيت جوا چوري آھي پوءِ به توھان کي سنڌ خبر ناھي ڪيئن ٿي وڻي.

جواب ڏيندي سرائيڪي جو ھڪ شعر  ياد آيو ھيم ته 


لوڪين آکيا ميان مجنون نو تيڏي ليلا رنگ دي ڪالي

ميان مجنون جواب ڏيتا توھان ڪون اک نا ڏيکڻ والي

سارا قرآن ته نور الاھي تنھن دي سياھي ڪالي 

وي بلڪيا جتي دل اڙ جاوي اتي ڪي ڀوري ڪي ڪالي.


ايئن سنڌ اسان جي محبوبه آھي جنھن ۾ ڪو عيب نظر ناھي ايندو ڪا ڪوجھائپ نظر ناھي ايندي محبوبہ ھميشه دل م سانڍڻ جھڙي ھوندي آھي ڀلي ليلا جھڙي ڪوجھي ئي ڇو نه ھجي. ريفريش ٿي سفر کي اڳتي وڌائيندي ايبٽ آباد ۾ پھتاسين يقينن مونکي اندازو نه ھيو ته ايبٽ آباد ايترو وڏو شھر آھي حالانڪه اڳ ۾ به ويو ھيس پر ايترو ايڪسپلور نه ڪيو ھيو پر ھن شھر جي بدقسمتي به ڪراچي جيان اھا ھئي اڌ کان وڌيڪ ايراضي تي اڻ اعلانيل سرڪاري دھشتگردن جو قبضو ھيو جن پنھنجي سھولت خاطر پنھنجي مرضي آھر علائقي کي اڪيڊمين اسپتالن ۽ ڇانوڻين ۾ ورھائي ڇڏيو آھي. ٿورو اڳتي وڌي جوس پيئڻ لاء بيٺاسين ته اچانڪ خيبرپختونخواهه پوليس جي ھڪ موبائيل به اتي بيٺي جن پڻ جوس جو آرڊر ڏنو جنھن تي رھڙي وارو اسان کي ڇڏي پوليس وارن کي جوس ڏيڻ لاءِ وڌيو ته مان کيس ڪاوڙ مان چيو ته اھو طريقو ناھي پھريان اسان بيٺا آھيون ان تي ھمراہ مجبوري ڏيکاريندي معذرت ڪئي حيرت ان مھل جڏھن خيبرپختونخواهه پوليس جا 5 اھلڪار جوس پيئي بنا پئسا ڏيڻ جي ھليا ويا مان رھڙي واري کي چيو ته انھن اوھان کي پئسا ڏنا؟ 

جنھن تي نماڻي انداز ۾ جواب ڏنائين ته صاحب ھي پئسا ناھن ڏيندا. تڏھن خيال آيو ته اسان جي پوليس جو ته مڙئي نالو ئي بدنام آھي باقي حال ساڳيا آھن بس اسان واري نالي ماتر قومي ميڊيا کي سنڌ ئي ڪرپشن جو ڳڙ لڳندي آھي.

ايبٽ آباد مان ٿيندي مانسھرا پھتاسين جتي چانھن جي چسڪي لاءِ انتظار ڪيو ۽ چانھن پئي اڳتي سفر کي برقرار ڪيوسين.

اسان اڃان بالا ڪوٽ وٽ ئي پھتا ھئا سين ته رات جا 9 ٿي رھيا ھيا ۽ اسان جي ٻنھين موٽرسائيڪلن جي ھيڊ لائيٽ بند ٿي وئي ھئي ۽ ڪاغان اڃان 70 ڪلوميٽر باقي ھيو انڪري اسان رات بالاڪوٽ ۾ ئي رھڻ جو فيصلو ۽ اتي ڪمرو وٺي سڄي رات موج مستيون ۽ ڪچھريون ڪندي گذاري ۽ صبح ڌارا ناران ڪاغان ڏانھن نڪري پيا سين...


0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو