Wednesday 22 September 2021

ڪڏھن ڪڏھن ھيئنڙا نٿو وڻين مون.

 ڪڏھن ڪڏھن ھيئنڙا نٿو وڻين مون.
روشني ڪيڏانھن ھلي وئي آھي جڏھن منھنجي اکين توکي ڏسڻ ڇڏيو آھي ايئن ڀانيان ٿو پوپٽن کان رنگ کسجي ويا آھن حورن جو حسن ھليو ويو آھي ڪائنات سوڙي ۽ ساھ منجھائيندڙ ٿي پئي آھي، خواھشن خودڪشي ڪري ڇڏي آھي، 
تون منھنجي خيالن ۾ کيڏڻ ڄاڻين ٿي توکي مصروف زندگي مان وقت وٺڻ جو بہ ڏانءُ آهي ڪڏھن ننڊ کان پھريان خيالن کي سڪ ڪري تہ ڪڏھن جاڳ کان اڳ خوابن ۾ برسات کان پوء انڊلٺ جي خوشي ۾ گيت ڳائي....
ڪڏھن ھلندڙ ڦٽ ڦٽي تي اوچتو وجود کي جنجھوڙڻ تہ ڪڏھن ڪمپيوٽر اسڪرين تي فولڊر آئڪن ۾ نظر اچي خيال ڦرائي، ڪڏھن موبائيل تي ھلندڙ گاني ۾ ٺھڪن جو آواز  ڏئي خاموش ٿي، تہ ڪڏھن ڪتاب جي پنن تي نظر اچي.. ڪڏھن اخبار جي سرڪين مٿان رکي تنگ ڪري....... تنھنجا بہ ڇا تہ عجيب مشغلا آھن...
ھو سڀ چون ٿا تہ تون ناھين ھو پوڙھو ڏاڪدار جنھن جا وار اس ۾ سڪي ويا آھن ھن کي ڪھڙي خبر تہ ڪنھن جي ظاھري طور نہ ھجڻ جو مقصد اھو ناھي تہ ھو نہ ھجي......
خير ان کي ڪھڙي خبر تہ تون ڇا آھين ھن کي اھا خبر ناھي تہ تون پوپٽن ۾ رنگ ورھائيندي آھين تون حورن ۾ حسن ورھائندي آھين تو وٽ خوشين جا جھول آھن، تو وٽ ھر ڏک جي دوا آھي... مرض سڀ تون پيدا ڪندي آھين ھر مرض جي شفا پڻ تون آھين
خير ھو تہ تنھنجي مڙني خاصيتن کان اڻ ڄاڻ آھي...
تون جتي ڪٿي آھين.. تون مون ۾ موجود آهين

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو