Wednesday 22 September 2021

ڏور آهيون

 زندگي ڀل ته چانڊوڪي رات جيان روشن ھجي پر تنھنجي ياد نڀور ڪارا ڪڪر بڻجي حياتي جي رنگن ۽ روشنين کي اماس بڻائي ڇڏيندي آھي.....
تشبيهون به ڪيئن نه جلدي بدلبيون آھن.
اڄ کان ٺيڪ 2 سال 1 مھينو اڳ جي مسيج ۾.......
مون لکيو ھيو واءُ جا جھوٽا تنھنجي آڱرين جي ڇهاءُ جيترو آرام بخشيندا آھن........
اڄ ايئن ڇو ناھي برسات کان پوءِ ايندڙ واءُ جو جهوٽا ساڙڻ لڳا آھن.......
ھاڻي مٽي جي خوشبوءَ مان تنھنجي وجود جي ڪمي پوري ناھي ٿيندي...
ھاڻي چيڪي مٽي مان اٿندڙ خوشبو سنگھڻ بعد تنھنجي اچڻ واري غلط فھمي بہ محسوس ناھي ٿيندي.......
پر گجگوڙ جي گوڙ تي ڇرڪي توکي فون ڪرڻ ۽ خيرت پڇڻ واري عادت اڃان ناھي وئي.......
پر اڄ ڪلھ تنھنجو اھو جواب ٻڌي ناھي سگھبو تہ "پنھنجي وچ ۾ 1042 ڪوھن جي وڌي آھي اسان وٽ برسات ئي ناھي نه ئي گوڙ"
ڀانيان ٿو ته 1042 ڪوھ به ڪيڏا نه ويجھا ھئا.....
ھڪ ٻي کي خبر ھوندي ھئي ته ڪنھن وٽ ڪھڙي موسم آھي....
ھاڻ ڪيڏا نه ڏور آھيون... .
پنھنجا اندر پياسي صحراء جيان اڃارا آھن...
دل ئي سڪاڙي جي موسم آھي.....
پر تون ۽ مان ھڪ ٻي کان ڪيڏو نه بي خبر آھيون.....

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو