Wednesday, 22 September 2021

خطن جو پوسٽ مارٽم.....

 خطن جو پوسٽ مارٽم.....
  اکين ۾ اداسي چڱي ناھي.....
  رات دير تائين جاڳڻ سان 
  ھيٺين پنبڙي ڪاري ٿي ويندي آھي
  وڏيون تحريرون واندا لکندا آھن.....
  موسيقي وقت جو زيان آھي.......
  سياست امير ماڻھن جي وندر آھي .....
  قومپرستي ساڙ ۽ لسانيات کي جنم ڏيندي آھي ...
  دوستن کي وقت ڏيندڙ حياتي ۾ ناڪام ٿيندا آھن...
  دوست پنھنجي گيٽگري جا رکڻ گھرجن...........
  جديد علمن کانسواءِ ادبي ڪتاب پڙھڻ......
  فارغ ماڻھن جو ڪم آھي......
  واڪ اڪيلي سر ڪرڻ گھرجي........
  آچر ڏھاڙي تي به سوير اٿجي......
  محبت ۾ حقيقت پسند ٿجي......
  ڪو حد کان وڌيڪ ياد اچي ته
  انا الله مع الصابرين پڙھجي......
  خدا جي عبادت محبوب کان وڌيڪ ڪجي....
  خطن ۾ فڪشن لکڻ کان پاسو ڪجي.....
  محبوب کي حورن سان تشبيهه ڏئي
محبوب کي گنھگار نه ڪجي.......
ڏس تنھنجي پراڻن خطن جي پوسٽ مارٽم دوران
ڪيڏيون نه فرسوده ڳالھيون مليون آھن......
جن کي آء حرف آخر سمجھي ڇڏيو ھيو 

-واجد علي عاجز

تون ڪڏهن ايندين..؟

 تون ڪڏهن ايندين..؟
ڪير به جواني ۾ پوڙھو ٿيڻ نٿو چاھي.....
 جسم مخصوص حد تائين سج جي روشني 
برداشت ڪندا آھن....
ايئن روح کان به ھجر برداشت ناھي ٿيندو...
راتين جو تارا تڪڻ فطرت ناھي ھوندي
اھا ھيڪلائين جي آخري حد ھوندي آھي ....
منھنجون اکيون تنھنجي سونھن
 جي غذا کان محروم آھن
منھنجا ڪن تنھنجي آواز جي 
مڌم موسيقي لاءِ سڪايل آھن....
ڪائنات تنھنجو جواب ٻڌڻ جي انتظار ۾ آھي
ھن ڪن فيڪون کان پوءِ
 تنھنجي آواز جو انتظار ڪيو آھي
 نه ختم ٿيندڙ انتظار عمر کي چوھٽي ويندا آھن...
 ماڻھون پابندي سان نماز پڙھندا آھن
 آءٌ ايئن ئي ايميل ۽ مسيج جو 
 انبوڪس خالي ڪندو آھيان 
 ان ڊپ ۾ ته ڪٿي تنھنجو مسيج 
 ميموري فل مھل نہ اچي
 منھنجو فيسبڪ 24 ڪلاڪ کليل ھوندو آھي 
 متان تنھنجي آواز جي آذان تي آءٌ غير حاضر ٿيان...
 منھنجي ٽيليگرام جا ٽيب، لنڪ ڊن جو اڪائونٽ، 
 ٽوئيٽر، انسٽاگرام سڀ ان آس ۾ کليل آھن 
 تون ئي جواب ڏي...
 تون ڪڏھن ايندين؟

منھنجي وجود ۾ سمايل ساھن جي

 ون ....!
منھنجي وجود ۾ سمايل ساھن جي 
سلسلي سان جڙيل آھن.........
تون ......! 
آھين ته چنڊ کي چانڊاڻ ملي آھي...
تون....! 
ڪن فيڪون جھڙو سڏ آھين جنھن منھنجي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آھي....
تون....! 
ڊپريسڊ ماڻھون کي ايندڙ خودڪشي جي خيال وانگي مونسان گڏ آھين.
تون...!
خوابن سان ڀريل ننڊ جھڙي پياري ۽ وڻندڙ آھين..
تون...!
اھو آھين جيڪو اڄ تائين خلقيو نه ويو آھي...
واجد

سفري يادگيريون حصو 02 (بالاڪوٽ کان صيفل ملوڪ جھيل)

 سفري يادگيريون 
حصو 02 (بالاڪوٽ کان صيفل ملوڪ جھيل)
صبح ويلھ بالا ڪوٽ مان نڪرندي ئي اسان جي نظر ھڪ وھندڙ دريا تي پئي ھئي جنھن  جو لوڪل نالو ته دريا ڪنھار  ھيو پر اصل ۾ ھو سنڌوندي ئي ھئي جيڪا پنجاب ۾ اچي باقي وھڪرن سان گڏجي سنڌ طرف اچي ٿي، اسان جو سفر لاھين ء چاڙھين جي ڪري اڙانگو ٿي پيو ھيو پر تنھن باوجود اسان ويتر ان مان لطف پئي ورتو جيئن ئي بالاڪوٽ کان گليات وارو علائقي مان گذرياسين ته ھڪ وڏي چاڙھي نظر پئي آئي جنھن جي آس پاس ڪا جھل وغيره نه لڳل ھئي ۽ ھن تان موٽرسائيڪل جو واپس اچڻ مطلب موت برابر ھيو ۽ اسان جي اڳيان ھڪ بجري سان ڀريل ٽرڪ ھن مٿان چڙھي رھي ھئي جنھن کي ڏسي ويتر اسان جا ڇيھ ڇڏي پيا ھيا.
 ھو ٽرڪ بار بار واپس اچي رھي ھئي مگر ڊرائيور پنھنجي قابليت سان کيس آخر مٿي کڻي ئي ويو.
مون ضد ڪري موٽرسائيڪل کي ٿورو پوئتي ڪري فل اسپيٽ ڏني ته موٽرسائيڪل آخر پنھنجي آخري ساھن سان مٿي چڙهي ئي ويو، پر ھي آخري چاڙھي نه ھئي پر اهڙا اڻانگو پنڌ اڃان  65 ڪلوميٽر طئي ڪرڻ باقي ھيو.
ٿورو اڳتي وڃي ڪيوائي نالي ھڪ علائقي ۾ پھتاسين جتي ھڪ بھترين ھوٽل ھيو جيڪو وھندڙ چشمي جي وچ ۾ ھيو ۽ پيل ڪرسين ھيٺيان پاڻي وھي رھيو ھيو پاڻي انتھائي ٿڌو ھيو اسان کي ته پير پسڻ سان ئي سردي پئي لڳي اتي چاء پي خوب لطف ماڻيو اتي پھچندي اسان کي 11 ٿي چڪا ھيا ۽ اڃان 40 ڪلوميٽرن جو سفر باقي ھيو جيڪو اڻانگي دڳ جي ڪري اسان کي 80 ڪلوميٽر پئي لڳو.
اسان ننڍا وڏا چشما ڏسندي ھوٽلن تي چانھن پيئندي نيٺ ناران جي 10 ڪلوميٽر فاصلي تي ھئاسين تہ ھڪ تمام وڏي ڊيم نظر آئي ء ان کان پوءِ انٽرنيشنل طرز جي عاليشان چائني فيڪٽري نظر آئي جتي وڏين اکرن ۾ لکيل ھيو ته ھتي فوٽوگرافي منع آھي.
ھاڻي اسان ناران جي تمام ويجھو پھتا ھئا سين جو 3 ڪلوميٽر پھريان اسان جي ھڪ موٽرسائيڪل جو ٽائر برسٽ ٿي ويو لوڪل ماڻھن کان پنچر واري جو ڏس پتو پڇيو پر سڀ ناران شھر جو ڏس ڏئي رھيا ھئا پر ناران جي رستن تي 3 ڪلوميٽر پنچر بائيڪ ھلائڻ خطري کان ٻاھر ڪون ھئي پر اسان وٽ ٻيو ڪو رستو به نه ھيو آخري دوستن فيصلو ڪيو ته وزن ۾ سڀني کان ھلڪو مان آھيان لحاظہ پنچر بائيڪ مونکي ئي ھلائڻ کپي ۽ پاڻ 3 ڄڻا ھڪڙي ئي موٽرسائيڪل تي ويھي رھيا.
ھڪ وڏي خواري کان پوءِ آءٌ ناران پنچر واري وٽ پھتس جنھن ٽائر سميت ٽيوب جي موت جي خبر ٻڌائي ايتري ۾ دوست به اچي پھتا اسان پنچر واري کي نئون ٽائر فٽ ڪرڻ جو چئي سامھون وھندڙ ندي ڏانھن لطف اندوز ٿيڻ لاءِ وڌياسين.
ٿوري دير ۾ ناران شھر پھتا ھئاسين جتان سردي باقاعده شروع ٿي وئي ھئي ۽ شام جا 3 ٿي رھيا ھئا.
دوستن فيصلو ڪيو ته سيفل ملوڪ جھيل ڏانھن ھلجي جتي موٽرسائيڪل ته ڇا پر ڪار جي وڃڻ جو رستو به ناھي پر ھتان لوڪل ھلڻ 4 ويل گاڏيون مٿي کڻي وينديون آھن.
اسان به ھڪ 4 ويل گاڏي تي چڙھي مٿي نڪتاسين ھر موڙ تي ايئن پيو لڳي ته ڄڻ اجھو گاڏي ھيٺ کاھي ۾ ٿي ڪري ھڪ ته روڊن ۾ ڏنگا ور وڪڙ ۽ ٻيو وري کنڊراٺ بڻيل روڊ ھر موڙ تي ساھ پيو ڪڍي.
مون ڊرائيور کان پڇيو ته جڏھن ته ٻيا سڄا رستا پڪا ٺھيل آھن ته ھي 13 ڪلوميٽر جو روڊ ڇو ڪون پيو ٺاھيو وڃي جنھن ٻڌايو ته ھي روڊ ھتان جا لوڪل ماڻھون نٿا ٺاھڻ ڏين ڇو ته سندن ھي ھتي ھلندڙ گاڏيون سندن روزگار جو ذريعو بڻيل آھن.
نيٺ 13 ڪلوميٽر جو سفر 1 ڪلاڪ ۾ ڪري حسن جي ملڪه ۽ خطي جي خوبصورت جھيل سيفل ملوڪ  پھتاسين جتان جو منظر ڏسڻ جھڙو ھيو ھيٺ جھيل ھئي ته  آس پاس برف جا ننڍا پھاڙ ۽ مٿان ٿوري ئي فاصلي تي گهمندڙ جھڙ جا ڪڪر سڀئي منظر دل ۾ سانڍڻ جھڙا ھئا.
ياد آيو ھيم پنھنجي خيالن جي ھڪجھڙائي مان اھا به ھئي ته پاڻ ٻنھي کي پھاڙن مٿان پيل برف ڏاڍي وڻندي ھئي اڪثر ان تي ڪچھريون ٿينديون ھيون. شايد انڪري ئي انھن منظرن ۾ توکي ڏاڍو ياد ڪيو پر ھتي فون جي سروس موجود ڪون ھئي.
صيفل ملوڪ تي 6 کان پوءِ بيھڻ انتھائي خطرناڪ ھيو ڇو ته ھتي ھڪ ته 6 کان پوءِ برف ڪرڻ شروع ٿيندي آھي ٻيو وري ڏاڙھي وارن بندوق بردار اسلامي ڀائرن جا علائقا ويجھو ھيا جيڪي ڦر ، لٽ  ڪري ان مال غنيمت کي دين جي راھ ۾ قربان ڪندا آھن.
انڪري اسان 6 کان پھريان ئي ناران شھر ڏانھن موٽياسين جتي النور ھوٽل تي ھڪ ڪمرو بڪ ڪري سامان رکي ناران شھر ۾ گھمڻ لاءِ نڪتاسين جتي اڍ کان وڌيڪ خاندان سنڌي سرمائيدارن  جا پئي لڳا جيڪي گاڏڙ سنڌي ۾ ڳائيندي ناران جي سونھن ڏسي رھيا ھئا.
اسان رات 2 بجي تائين شھر ۾ رلندا رهيا سين ۽ جڏھن بارش ٿي ته اسان وڃي روم ۾ 2 2 ڪمبل اوڍي سمھين پيا ھئاسين.