Wednesday, 22 September 2021

خطن جو پوسٽ مارٽم.....

 خطن جو پوسٽ مارٽم.....
  اکين ۾ اداسي چڱي ناھي.....
  رات دير تائين جاڳڻ سان 
  ھيٺين پنبڙي ڪاري ٿي ويندي آھي
  وڏيون تحريرون واندا لکندا آھن.....
  موسيقي وقت جو زيان آھي.......
  سياست امير ماڻھن جي وندر آھي .....
  قومپرستي ساڙ ۽ لسانيات کي جنم ڏيندي آھي ...
  دوستن کي وقت ڏيندڙ حياتي ۾ ناڪام ٿيندا آھن...
  دوست پنھنجي گيٽگري جا رکڻ گھرجن...........
  جديد علمن کانسواءِ ادبي ڪتاب پڙھڻ......
  فارغ ماڻھن جو ڪم آھي......
  واڪ اڪيلي سر ڪرڻ گھرجي........
  آچر ڏھاڙي تي به سوير اٿجي......
  محبت ۾ حقيقت پسند ٿجي......
  ڪو حد کان وڌيڪ ياد اچي ته
  انا الله مع الصابرين پڙھجي......
  خدا جي عبادت محبوب کان وڌيڪ ڪجي....
  خطن ۾ فڪشن لکڻ کان پاسو ڪجي.....
  محبوب کي حورن سان تشبيهه ڏئي
محبوب کي گنھگار نه ڪجي.......
ڏس تنھنجي پراڻن خطن جي پوسٽ مارٽم دوران
ڪيڏيون نه فرسوده ڳالھيون مليون آھن......
جن کي آء حرف آخر سمجھي ڇڏيو ھيو 

-واجد علي عاجز

تون ڪڏهن ايندين..؟

 تون ڪڏهن ايندين..؟
ڪير به جواني ۾ پوڙھو ٿيڻ نٿو چاھي.....
 جسم مخصوص حد تائين سج جي روشني 
برداشت ڪندا آھن....
ايئن روح کان به ھجر برداشت ناھي ٿيندو...
راتين جو تارا تڪڻ فطرت ناھي ھوندي
اھا ھيڪلائين جي آخري حد ھوندي آھي ....
منھنجون اکيون تنھنجي سونھن
 جي غذا کان محروم آھن
منھنجا ڪن تنھنجي آواز جي 
مڌم موسيقي لاءِ سڪايل آھن....
ڪائنات تنھنجو جواب ٻڌڻ جي انتظار ۾ آھي
ھن ڪن فيڪون کان پوءِ
 تنھنجي آواز جو انتظار ڪيو آھي
 نه ختم ٿيندڙ انتظار عمر کي چوھٽي ويندا آھن...
 ماڻھون پابندي سان نماز پڙھندا آھن
 آءٌ ايئن ئي ايميل ۽ مسيج جو 
 انبوڪس خالي ڪندو آھيان 
 ان ڊپ ۾ ته ڪٿي تنھنجو مسيج 
 ميموري فل مھل نہ اچي
 منھنجو فيسبڪ 24 ڪلاڪ کليل ھوندو آھي 
 متان تنھنجي آواز جي آذان تي آءٌ غير حاضر ٿيان...
 منھنجي ٽيليگرام جا ٽيب، لنڪ ڊن جو اڪائونٽ، 
 ٽوئيٽر، انسٽاگرام سڀ ان آس ۾ کليل آھن 
 تون ئي جواب ڏي...
 تون ڪڏھن ايندين؟

منھنجي وجود ۾ سمايل ساھن جي

 ون ....!
منھنجي وجود ۾ سمايل ساھن جي 
سلسلي سان جڙيل آھن.........
تون ......! 
آھين ته چنڊ کي چانڊاڻ ملي آھي...
تون....! 
ڪن فيڪون جھڙو سڏ آھين جنھن منھنجي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آھي....
تون....! 
ڊپريسڊ ماڻھون کي ايندڙ خودڪشي جي خيال وانگي مونسان گڏ آھين.
تون...!
خوابن سان ڀريل ننڊ جھڙي پياري ۽ وڻندڙ آھين..
تون...!
اھو آھين جيڪو اڄ تائين خلقيو نه ويو آھي...
واجد

سفري يادگيريون حصو 02 (بالاڪوٽ کان صيفل ملوڪ جھيل)

 سفري يادگيريون 
حصو 02 (بالاڪوٽ کان صيفل ملوڪ جھيل)
صبح ويلھ بالا ڪوٽ مان نڪرندي ئي اسان جي نظر ھڪ وھندڙ دريا تي پئي ھئي جنھن  جو لوڪل نالو ته دريا ڪنھار  ھيو پر اصل ۾ ھو سنڌوندي ئي ھئي جيڪا پنجاب ۾ اچي باقي وھڪرن سان گڏجي سنڌ طرف اچي ٿي، اسان جو سفر لاھين ء چاڙھين جي ڪري اڙانگو ٿي پيو ھيو پر تنھن باوجود اسان ويتر ان مان لطف پئي ورتو جيئن ئي بالاڪوٽ کان گليات وارو علائقي مان گذرياسين ته ھڪ وڏي چاڙھي نظر پئي آئي جنھن جي آس پاس ڪا جھل وغيره نه لڳل ھئي ۽ ھن تان موٽرسائيڪل جو واپس اچڻ مطلب موت برابر ھيو ۽ اسان جي اڳيان ھڪ بجري سان ڀريل ٽرڪ ھن مٿان چڙھي رھي ھئي جنھن کي ڏسي ويتر اسان جا ڇيھ ڇڏي پيا ھيا.
 ھو ٽرڪ بار بار واپس اچي رھي ھئي مگر ڊرائيور پنھنجي قابليت سان کيس آخر مٿي کڻي ئي ويو.
مون ضد ڪري موٽرسائيڪل کي ٿورو پوئتي ڪري فل اسپيٽ ڏني ته موٽرسائيڪل آخر پنھنجي آخري ساھن سان مٿي چڙهي ئي ويو، پر ھي آخري چاڙھي نه ھئي پر اهڙا اڻانگو پنڌ اڃان  65 ڪلوميٽر طئي ڪرڻ باقي ھيو.
ٿورو اڳتي وڃي ڪيوائي نالي ھڪ علائقي ۾ پھتاسين جتي ھڪ بھترين ھوٽل ھيو جيڪو وھندڙ چشمي جي وچ ۾ ھيو ۽ پيل ڪرسين ھيٺيان پاڻي وھي رھيو ھيو پاڻي انتھائي ٿڌو ھيو اسان کي ته پير پسڻ سان ئي سردي پئي لڳي اتي چاء پي خوب لطف ماڻيو اتي پھچندي اسان کي 11 ٿي چڪا ھيا ۽ اڃان 40 ڪلوميٽرن جو سفر باقي ھيو جيڪو اڻانگي دڳ جي ڪري اسان کي 80 ڪلوميٽر پئي لڳو.
اسان ننڍا وڏا چشما ڏسندي ھوٽلن تي چانھن پيئندي نيٺ ناران جي 10 ڪلوميٽر فاصلي تي ھئاسين تہ ھڪ تمام وڏي ڊيم نظر آئي ء ان کان پوءِ انٽرنيشنل طرز جي عاليشان چائني فيڪٽري نظر آئي جتي وڏين اکرن ۾ لکيل ھيو ته ھتي فوٽوگرافي منع آھي.
ھاڻي اسان ناران جي تمام ويجھو پھتا ھئا سين جو 3 ڪلوميٽر پھريان اسان جي ھڪ موٽرسائيڪل جو ٽائر برسٽ ٿي ويو لوڪل ماڻھن کان پنچر واري جو ڏس پتو پڇيو پر سڀ ناران شھر جو ڏس ڏئي رھيا ھئا پر ناران جي رستن تي 3 ڪلوميٽر پنچر بائيڪ ھلائڻ خطري کان ٻاھر ڪون ھئي پر اسان وٽ ٻيو ڪو رستو به نه ھيو آخري دوستن فيصلو ڪيو ته وزن ۾ سڀني کان ھلڪو مان آھيان لحاظہ پنچر بائيڪ مونکي ئي ھلائڻ کپي ۽ پاڻ 3 ڄڻا ھڪڙي ئي موٽرسائيڪل تي ويھي رھيا.
ھڪ وڏي خواري کان پوءِ آءٌ ناران پنچر واري وٽ پھتس جنھن ٽائر سميت ٽيوب جي موت جي خبر ٻڌائي ايتري ۾ دوست به اچي پھتا اسان پنچر واري کي نئون ٽائر فٽ ڪرڻ جو چئي سامھون وھندڙ ندي ڏانھن لطف اندوز ٿيڻ لاءِ وڌياسين.
ٿوري دير ۾ ناران شھر پھتا ھئاسين جتان سردي باقاعده شروع ٿي وئي ھئي ۽ شام جا 3 ٿي رھيا ھئا.
دوستن فيصلو ڪيو ته سيفل ملوڪ جھيل ڏانھن ھلجي جتي موٽرسائيڪل ته ڇا پر ڪار جي وڃڻ جو رستو به ناھي پر ھتان لوڪل ھلڻ 4 ويل گاڏيون مٿي کڻي وينديون آھن.
اسان به ھڪ 4 ويل گاڏي تي چڙھي مٿي نڪتاسين ھر موڙ تي ايئن پيو لڳي ته ڄڻ اجھو گاڏي ھيٺ کاھي ۾ ٿي ڪري ھڪ ته روڊن ۾ ڏنگا ور وڪڙ ۽ ٻيو وري کنڊراٺ بڻيل روڊ ھر موڙ تي ساھ پيو ڪڍي.
مون ڊرائيور کان پڇيو ته جڏھن ته ٻيا سڄا رستا پڪا ٺھيل آھن ته ھي 13 ڪلوميٽر جو روڊ ڇو ڪون پيو ٺاھيو وڃي جنھن ٻڌايو ته ھي روڊ ھتان جا لوڪل ماڻھون نٿا ٺاھڻ ڏين ڇو ته سندن ھي ھتي ھلندڙ گاڏيون سندن روزگار جو ذريعو بڻيل آھن.
نيٺ 13 ڪلوميٽر جو سفر 1 ڪلاڪ ۾ ڪري حسن جي ملڪه ۽ خطي جي خوبصورت جھيل سيفل ملوڪ  پھتاسين جتان جو منظر ڏسڻ جھڙو ھيو ھيٺ جھيل ھئي ته  آس پاس برف جا ننڍا پھاڙ ۽ مٿان ٿوري ئي فاصلي تي گهمندڙ جھڙ جا ڪڪر سڀئي منظر دل ۾ سانڍڻ جھڙا ھئا.
ياد آيو ھيم پنھنجي خيالن جي ھڪجھڙائي مان اھا به ھئي ته پاڻ ٻنھي کي پھاڙن مٿان پيل برف ڏاڍي وڻندي ھئي اڪثر ان تي ڪچھريون ٿينديون ھيون. شايد انڪري ئي انھن منظرن ۾ توکي ڏاڍو ياد ڪيو پر ھتي فون جي سروس موجود ڪون ھئي.
صيفل ملوڪ تي 6 کان پوءِ بيھڻ انتھائي خطرناڪ ھيو ڇو ته ھتي ھڪ ته 6 کان پوءِ برف ڪرڻ شروع ٿيندي آھي ٻيو وري ڏاڙھي وارن بندوق بردار اسلامي ڀائرن جا علائقا ويجھو ھيا جيڪي ڦر ، لٽ  ڪري ان مال غنيمت کي دين جي راھ ۾ قربان ڪندا آھن.
انڪري اسان 6 کان پھريان ئي ناران شھر ڏانھن موٽياسين جتي النور ھوٽل تي ھڪ ڪمرو بڪ ڪري سامان رکي ناران شھر ۾ گھمڻ لاءِ نڪتاسين جتي اڍ کان وڌيڪ خاندان سنڌي سرمائيدارن  جا پئي لڳا جيڪي گاڏڙ سنڌي ۾ ڳائيندي ناران جي سونھن ڏسي رھيا ھئا.
اسان رات 2 بجي تائين شھر ۾ رلندا رهيا سين ۽ جڏھن بارش ٿي ته اسان وڃي روم ۾ 2 2 ڪمبل اوڍي سمھين پيا ھئاسين.

سفري يادگيريون حصو 01 ميرپور ماٿيلو کان بالاڪوٽ...

 سفري يادگيريون 

حصو 01 ميرپور ماٿيلو کان بالاڪوٽ...


ڪڏھن ڪڏھن دل ۾ عجيب غبار پيدا ٿيندو آھي ۽ دل چوندي آھي ايئن ئي روڳي ٿي ڪائنات جي حسن ڏسجي ۽ اکين کي عبادت ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ فطرت جي سونهن پسڻ لاءِ اسلام آباد وڃڻ جو سوچيو.

ايئن شام ڌارا ملڪ جي نامور بس سروس ۾ نڪري پياسين بس ٿورو ئي ھلي ھئي ته اڳيان اعلان ڪيو ويو ته پنھنجا سڃاڻپ ڪارڊ ٻاھر ڪڍو چيڪنگ ٿيندي ان مان محسوس ٿيو ته اڃان اسان سنڌ جي حدن ۾ آھيون ڇو ته ڇانوڻيون ۽ جيل ٿاڻا اسان لاءِ ٺاھيل آھن. ايئن پاڪستان ھجڻ جو ثبوت ڏئي سرائيڪستان ۾ داخل ٿياسين سرائيڪي جيڪي اسان وانگي اڃان به اسان کان وڌيڪ پنج آبن وارن جي چنبي ۾ قيد آھي جيستائين سرائيڪستان پئي ھليو اوتري تائين روڊن رستن توڻي ماحول ۾ ڪجھ فرق ڪون آيو. 

ايئن آخر اسان پير پنجاب ۾ پاتو ته ايئن لڳو ته واقعي ڪنھن آزاد خطي ۾ داخل ٿيا آھيون ماڻھون جي چھرن تي نيڪ مسڪراهٽ اھڙي مشڪ جيڪا آزاد فردن جي چھرن تي ھوندي آھي ڏٺي سين.

پورو پنجاب جو سفر ڪرڻ دوران ڪا به چيڪ پوسٽ نه ھئي جتي بيھاري ماڻھن جي تذليل ڪئي ويندي ھجي ڪنھن کي به مجال نه ھئي جو بس کي جھلي بغير ڪنھن پڇڻ جي اندر ھلي ڪنھن ڳڀرو جي ڳلي ۾ ھٿ وجھي اھو ڏسي پنھنجي غلاميءَ جو احساس شديد ٿي ويو ھيم. 

اسلام آباد پھچي پروگرام موجب دوست سان موٽرسائيڪل تي ناران ڪاغان وادين ڏانهن ھلي پياسين اسان ٽيڪسيلا وٽ پھچي ريفريشمنٽ ڪرڻ جو سوچيو جتي ريفريشمنٽ ڪندي ڪچھري پئي ڪئيسين ته مون چيو واقعي ھن خطي کي فطرت حسين رنگ ڏنا آھن ڪوئي بدنصيب ھوندو جيڪو فطرت جي حسن ڏسڻ کان وانجھيل ھجي ايتري ۾ دوست مون تي تنقيد ڪندي چيو ھيو تہ تون ته سدائين سنڌ جي تعريف ڪندو آھين ھتي ڇا آھي روڊن تي ڌوڙ اڏري رھي آھي رستا گند جا ڍير بڻيل آھن لاقانونيت جوا چوري آھي پوءِ به توھان کي سنڌ خبر ناھي ڪيئن ٿي وڻي.

جواب ڏيندي سرائيڪي جو ھڪ شعر  ياد آيو ھيم ته 


لوڪين آکيا ميان مجنون نو تيڏي ليلا رنگ دي ڪالي

ميان مجنون جواب ڏيتا توھان ڪون اک نا ڏيکڻ والي

سارا قرآن ته نور الاھي تنھن دي سياھي ڪالي 

وي بلڪيا جتي دل اڙ جاوي اتي ڪي ڀوري ڪي ڪالي.


ايئن سنڌ اسان جي محبوبه آھي جنھن ۾ ڪو عيب نظر ناھي ايندو ڪا ڪوجھائپ نظر ناھي ايندي محبوبہ ھميشه دل م سانڍڻ جھڙي ھوندي آھي ڀلي ليلا جھڙي ڪوجھي ئي ڇو نه ھجي. ريفريش ٿي سفر کي اڳتي وڌائيندي ايبٽ آباد ۾ پھتاسين يقينن مونکي اندازو نه ھيو ته ايبٽ آباد ايترو وڏو شھر آھي حالانڪه اڳ ۾ به ويو ھيس پر ايترو ايڪسپلور نه ڪيو ھيو پر ھن شھر جي بدقسمتي به ڪراچي جيان اھا ھئي اڌ کان وڌيڪ ايراضي تي اڻ اعلانيل سرڪاري دھشتگردن جو قبضو ھيو جن پنھنجي سھولت خاطر پنھنجي مرضي آھر علائقي کي اڪيڊمين اسپتالن ۽ ڇانوڻين ۾ ورھائي ڇڏيو آھي. ٿورو اڳتي وڌي جوس پيئڻ لاء بيٺاسين ته اچانڪ خيبرپختونخواهه پوليس جي ھڪ موبائيل به اتي بيٺي جن پڻ جوس جو آرڊر ڏنو جنھن تي رھڙي وارو اسان کي ڇڏي پوليس وارن کي جوس ڏيڻ لاءِ وڌيو ته مان کيس ڪاوڙ مان چيو ته اھو طريقو ناھي پھريان اسان بيٺا آھيون ان تي ھمراہ مجبوري ڏيکاريندي معذرت ڪئي حيرت ان مھل جڏھن خيبرپختونخواهه پوليس جا 5 اھلڪار جوس پيئي بنا پئسا ڏيڻ جي ھليا ويا مان رھڙي واري کي چيو ته انھن اوھان کي پئسا ڏنا؟ 

جنھن تي نماڻي انداز ۾ جواب ڏنائين ته صاحب ھي پئسا ناھن ڏيندا. تڏھن خيال آيو ته اسان جي پوليس جو ته مڙئي نالو ئي بدنام آھي باقي حال ساڳيا آھن بس اسان واري نالي ماتر قومي ميڊيا کي سنڌ ئي ڪرپشن جو ڳڙ لڳندي آھي.

ايبٽ آباد مان ٿيندي مانسھرا پھتاسين جتي چانھن جي چسڪي لاءِ انتظار ڪيو ۽ چانھن پئي اڳتي سفر کي برقرار ڪيوسين.

اسان اڃان بالا ڪوٽ وٽ ئي پھتا ھئا سين ته رات جا 9 ٿي رھيا ھيا ۽ اسان جي ٻنھين موٽرسائيڪلن جي ھيڊ لائيٽ بند ٿي وئي ھئي ۽ ڪاغان اڃان 70 ڪلوميٽر باقي ھيو انڪري اسان رات بالاڪوٽ ۾ ئي رھڻ جو فيصلو ۽ اتي ڪمرو وٺي سڄي رات موج مستيون ۽ ڪچھريون ڪندي گذاري ۽ صبح ڌارا ناران ڪاغان ڏانھن نڪري پيا سين...


اے محبت تیرے انجام پر رونا آیا۔۔۔۔۔۔۔!!

 اے محبت تیرے انجام پر رونا آیا۔۔۔۔۔۔۔!!
ھي سماج جتي محبت جا ماپا ايڏا ته ننڍڙا آھن جو گھڙي کن جي ميلاپ کي عشق جي انتھا سمجھي حياتين کي مذاق بڻائي ڇڏيو آھي.
ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو ھيو ته ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن نسل تي فطرت ناراض ٿيندي آھي ۽ ان نسل کان مت کسجي ويندي آھي ڀانيان ٿو ته اھو نسل اڄ جو نسل آھي.
اڄ جو نسل لطيفي لات کان پري ھليو ويو آھي لطيف جيڪو عشق ۾ پنڌ ڪرڻ ٿو سيکاري مگر بيھڻ نٿو سيکاري لطيف ته تتي ٿڌي ڪاھڻ جي ڳالھ ٿو ڪري پر ھي ته زندگي کي بيھاري پنھنجي ڀل ته پنھنجي محبوبه سان وفا ھار پائين پر ھي عشق جھڙي عظيم نظريي سان غداري پيا ڪن...
اڄ جي ٽھي نه صرف لطيف پر لوڪ ادب لوڪ ڏاھپ کان به گھڻو پري ھلي وئي آھي ھي نسل سيلبس جا رٽو طوطا جيڪي پڙھيل لکيا جاھل بڻجي ويا آھن ويتر سليبس به ملڪ پاڪستان جو ٺھيل.... پوءِ ته ان تي ڳالھائڻ به ڄڻ  دز ۾ دوڙ ڪرڻ برابر آھي...

ڏور آهيون

 زندگي ڀل ته چانڊوڪي رات جيان روشن ھجي پر تنھنجي ياد نڀور ڪارا ڪڪر بڻجي حياتي جي رنگن ۽ روشنين کي اماس بڻائي ڇڏيندي آھي.....
تشبيهون به ڪيئن نه جلدي بدلبيون آھن.
اڄ کان ٺيڪ 2 سال 1 مھينو اڳ جي مسيج ۾.......
مون لکيو ھيو واءُ جا جھوٽا تنھنجي آڱرين جي ڇهاءُ جيترو آرام بخشيندا آھن........
اڄ ايئن ڇو ناھي برسات کان پوءِ ايندڙ واءُ جو جهوٽا ساڙڻ لڳا آھن.......
ھاڻي مٽي جي خوشبوءَ مان تنھنجي وجود جي ڪمي پوري ناھي ٿيندي...
ھاڻي چيڪي مٽي مان اٿندڙ خوشبو سنگھڻ بعد تنھنجي اچڻ واري غلط فھمي بہ محسوس ناھي ٿيندي.......
پر گجگوڙ جي گوڙ تي ڇرڪي توکي فون ڪرڻ ۽ خيرت پڇڻ واري عادت اڃان ناھي وئي.......
پر اڄ ڪلھ تنھنجو اھو جواب ٻڌي ناھي سگھبو تہ "پنھنجي وچ ۾ 1042 ڪوھن جي وڌي آھي اسان وٽ برسات ئي ناھي نه ئي گوڙ"
ڀانيان ٿو ته 1042 ڪوھ به ڪيڏا نه ويجھا ھئا.....
ھڪ ٻي کي خبر ھوندي ھئي ته ڪنھن وٽ ڪھڙي موسم آھي....
ھاڻ ڪيڏا نه ڏور آھيون... .
پنھنجا اندر پياسي صحراء جيان اڃارا آھن...
دل ئي سڪاڙي جي موسم آھي.....
پر تون ۽ مان ھڪ ٻي کان ڪيڏو نه بي خبر آھيون.....

توکي خبر آھي چاھيندي به نه روئي سگھڻ جو درد ڪيئن ٿيندو آ...

 توکي خبر آھي چاھيندي به نه روئي سگھڻ جو درد ڪيئن ٿيندو آ...
ڇا تنھنجي نڙڳٽ ۾ ڪڏھن ڳوڙها ڦاٿا آھن.....
ڇا ڪڏھن تنھنجو جسم 47 جي گرمي پد ۾ ڪڏھن ٿڌو ٿيو آھي....
ڇا توکي ڪڏھن شام ويلھي ڪائنات اٻاڻڪي لڳي آھي....
جانان حقيقت ته اھي سڀ علامتون انتھا اذيتناڪ ھونديون آھن... مان پنھنجي دشمن لاءِ دعا گھرندس ته شل اھو انھن ڪيفيتن مان گذري...
پر پنھنجي مٺي تون خيال ڪندي ڪر تون جنھن سان به محبت ڪرين ته ان کي اھا درخواست ڪجان ته اھو توسان تو وانگي نه ڪري.....
ٻڌ تون ته منھنجو خيال رکندي ھئين نه.... ڇا ھاڻي به سوچيندي آھين منھنجي باري ۾...؟؟؟
ياد اٿئي ھڪ ڀيري تو چيو ھيو تہ "ڪا اھڙي غلطي ڪر جيئن مان توسان نه ڳالھايان" حيران ٿيو ھيس پڇيم ته آخر ايئن ڇو ڪيان تو چيو ھو تہ "بغير ڏوھ جي ڪاوڙجڻ مونکي سٺو ناھي لڳندو ۽ ڪاوڙنديس به ضرور توسان ڪجھ ڏينھن ڳالھائڻ لاءِ دل نٿو چوي" مان کلي پيو ھيس ۽ تون ان کلڻ تي چڙي پئي ھئين 15 ڏينھن نه ڳالھايو ھيائي....
جانان ڏس آخر تون ھارائي وئي آھين اڄ تون مونکي بنا ڏوھ جي ڇڏي وئي آھين اڄ توکي ڪجھ محسوس نٿو ٿي ....؟؟؟

جوبن جوڀن جهور ٿي ويو آهي

 جوبن جوڀن جهور ٿي ويو آهي
چنڊ جي روشني اڳيان 
ڄڻ ڪنهن اپسراء وارن جو پردو ڏئي ڇڏيو آهي
ڏينهن ڄينڀن جا ڏنگ..
۽ راتيون وڇون جيان ڏنگيندڙ آهن
شامون وصل جي سوڳ ۾ آهن
پره پنهنجو ساءُ وڃائي ويٺو آهي
منهنجون اکيون ڄڻ ڪتن جي 
اوڙ ۾ اڇليو ويون آهن
ننڊ آس بڻجي وئي آهي
۽ خواب مقتل جا ڍير
تو پڄاڻان زندگي رڃ جو سفر آهي
پوء به اڄ تائين تنهنجو اوسيئڙو آهي
سجني ٻڌائي ني 
تون ڪٿي ۽ ڪيئن آهين
واجد گبول

یوں ہی آج بس تمہاری یاد آئی ہے

 یوں ہی آج بس تمہاری یاد آئی ہے غبارِ دل بڑ گیا ہے ایسا لگ رہا ہے کہ جیسے تم ساتھ ہوتی تو میں ٹوٹ کر رو پڑتا۔ اب رات کے 02 بج رہے ہیں اور میں آج ٹیک تیں سال بعد گھر کے آنگن میں ستاروں کے جھرمٹ کے نیچے سویا ہوا ہوں موسم ویسے تو بہت رنگین ہی مگر تم تو جانتی ہو میں تمہارے سوا کتنا مایوس ہوتا ہوں۔ 
تمہیں یاد ہے ایک دن تم نے کہا تھا کہ تم جب بھی مجھ سے ملتی ہو ہمیشہ تمہاری زندگی رنگیں ہو جاتی ہے۔ تمھیں لگتا تھا کہ میں بہت باذوق آدمی ہوں تم نے کہا تھا کہ  اتنے مایوس گن حالات میں،  میں ایسا کیسے کر لیتا ہوں۔
آج تمیں بتا رہا ہوں سچ یے ہے کہ جب تم سے ملتا تھا تو کوئی غم،  غم نہیں مشغلہ لگتا تھا اور دکھ سگریٹ کی پھونک کی طرح اڑا دیتا تھا مگر تمہارے سوا اب تو ہنسی بھی جیسے اندر چیر کر نکلتی ہی میری زندگی باذوق صرف تم سے تھی۔ 
دل ملنے کا ضد کر رہا ہے مگر میں تو تمہاری سالگرہ پر وعدہ کر چکا ہوں کہ اب تمھیں ملنے کی ضد نہیں کروں گا میں دل کو سمجھا لوں گا بس دو راتوں کی نیند کی قربانی دینا ہوگی تم پریشان مت ہونا۔ میں عید کے بعد کراچی آ رہا ہوں اس کے بعد شاید اٹلی چلا جاؤں دو پل کے لیئے خوشی ہوئی تھی جب آپ نے میرے اٹلی جانے والے لیٹر پر مجھے مبارکباد دی تھی مگر شاید تمہیں اندازہ نہیں کہ خوشی کے دن میں کتنا اداس ہوتا ہوں خوشی کے دن تم مجھے کتنا یاد آتی ہو۔ 
خوشی دراصل اس چیز کا ہی تو نام ہے کہ ہم اپنے چاہنے والوں کو مسکراتا دیکھیں اب جب تم ہی نہیں ہو تو میں بھلا کیسے خوش ہوں۔
آج گیا تھا اس پرانی سھیلی کے پاس اسے بتایا کہ میں شاید اٹلی چلا جائوں پتا ہے اس پاگل معصوم کو یے پتا نہیں ہے کہ اٹلی دراصل ہے کیا پوچھ رہی تھی کہ کراچی سے کتنا دور ہے میں 2 مھینوں میں گاؤں تو آیا کروں گا نا۔۔۔۔ 
آج چار سال بعد یے پہلی ملاقات تھی اس کے ساتھ مگر یار اس کے پاس شکایت نام کی کوئی چیز ہی نہیں وہ تو اب بھی میرا شکریا ادا کر رہی تھی۔ پتا نہیں کیوں جب اس کے ہاتھ میں اپنا ہاتھ لیا تو جیسے چونک گیا تھا اور ڈر گیا تھا ایسے لگ رہا تھا گناہ کر رہا ہوں تم سے بیوفائی کر رہا ہوں۔ میں نے اس کا دل رکھنے کے لیے اس کے گال پر ایک کس دیا تھا اور پھر واپس آ گیا سوچ رہا ہوں اب اس سے نہیں ملوں گا۔ یار میں تو اسے  اب سوچوں گا بھی نہیں۔۔۔۔ 
یار آج پتا ہے کیا ہوا وہ خط جو تم نے مجھے دیا تھا شروعاتی دنوں میں وہ میں کراچی بھول گیا تھا آج بڑے بھائی کو کہیں سے ملا تو اس نے پکچر نکال کر بھیج دی مجھے میں نے کہا ہے اس سے عید پر سنبھال کر رکھے گا اور میں سوچ رہا ہوں ہمارے پیار کی اکلوتی نشانی کو میں ہمیشہ سنبھال کر رکھوں۔
کجھ دن پھلے مجھے لگ رہا تھا کہ مجھے نفسیاتی ماہر سے ملنے کی ضرورت ہے تو میں سائیکالوجسٹ کے پاس گیا تھا اس نے کہا تھا کہ اگر میں چاہوں تو تمھیں بھول سکتا ہوں مگر میں نے اسے کہ دیا کہ کائنات میں خدا کا نام باقی نا رہے تو کائنات کا وجود ختم ہو جائے گا یے مسلمانوں کا ماننا ہے اور میں یے مانتا ہوں کہ میری زندگی میں وہ بلکل ختم ہو جائے تو میرا وجود کسی کام کا نہیں رہے گا ۔
سب روزے رکھنے کے لیے اٹھے ہیں اور میں نیند کی گولیاں کھا رہا ہوں شاید کجھ پلوں میں نیند آ جائے۔ 
میرے ہمدم پلیز خوش رہا کرو اور صرف ایک درخواست ہے کہ اپنی خوشی کی خبر دیتی رہا کرو میں بھی خوش رہوں گا۔۔۔

میری پیاری تم بہت یاد آ رہی ہو۔۔۔

 میری پیاری تم بہت یاد آ رہی ہو۔۔۔
پتا ہے آج تو تم بہت یاد آئی ہو اور کم بخت نیند کی گولیوں کو بھی آج ہی ختم ہونا تھا۔ لائبریری میں کوئی نئی کتاب بھی تو نہیں تھی جسے پڑھ لیا جاتا۔ خیر کتاب ہوتی بھی نہیں پڑھ پاتا تمھیں تو پتا ہے جب تم یاد ہوتی ہو تو دنیا جھان کا پتا کہاں چلتا ہے۔
یاد آ رہے ہیں وہ رمضان جب تم مجھے سحری تک جگائے رکھتی تھی اور میں اپنی پرانی موبائل کی وجھ سے ساری رات بیڈ کے نیچے چارجر والی سائیڈ پہ ایسے کھڑا ہوا ہوتا تھا۔
اور وہ دن بھی یاد ہے جب رمضان بھی نہیں تھا اور تم بھی بات نہیں کر رہی تھی پھر بھی میں جاگا تھا پوری رات اور صبح کو تیرا شھر چھوڑنا پڑا تھا۔
آج دوسرے دفعا ایسا ہوا ہے تم نے نہیں جگا کر رکھا پھر بھی جاگ رہا ہوں۔۔۔ کیوں جاگ رہا ہوں وجھ میں خد بھی نہیں سمجھ پایا اور دماغ میں فقط تم چل رہی ہو۔۔
ساری رات سوچتا رہا ہوں تمھارے بارے میں کبھی سوچا تم ہوتی تو کیا ہوتا۔؟ کبھی سوچا اگر تم مل جائو گی تو کیا ہوگا..؟ اور اگر تم نہیں مل پائی تو گیا ہوگا۔۔؟ بس ان تین سوالوں نے مجھے ساری رات سونے نہیں دیا۔۔ 
اب دل کر رہا تھا کہ تمیں لکھوں موبائیل کھولا ہے تو کجھ سمجھ نہیں آ رہا لفظ تو لکھ رہا ہوں پر سارے بی ترتیب ہیں کوئی ترتیب نہیں بنا پا رہا میری زندگی کے طرح اب تمھیں میرے الفاظ بھی بے ترتیب ملیں گے۔۔
میری پیاری کوئل کی آواز آ رہی ہیں لگ رہا ہے صبح ہو گئی ہے مگر جب سے تم گئی ہو میری صبح نہیں ہوتی بس میری راتیں ہی چل رہی ہیں مصنوعی طور دن ہوتا بھی ہے تو مجھے تنگ اور تنگ کرنے کے لیے۔۔۔
جب بھی سائنسی طور پر جینے کی لیے ہم چیزوں کو سرچ کرتا ہوں تو خد ہی اپنے جینے پر ہنسی آتی ہے کہ زندہ بھی کیسے ہوں۔۔۔ 
پچھلے ہفتے میں صرف 6 بار کہانا کھایا تھا کمزور بھی ہوگیا ہوں مگر یار تم بن کجھ اچھا جو نہیں لگتا نا جینا اچھا لگتا ہے نا مرنا۔۔۔۔۔
اکیلا ہوگیا ہوں۔۔۔!!!! ایسا لگتا ہے پورا جہاں میرے خلاف ہے یار بھی ستانے لگے ہیں۔۔۔ یار بہت کجھ چاہا ہے میں نے مگر  جو بھی چاہا ہے سب میری حسرت بن گیا ہے وہ حسرت جو کبھی پوری نہیں ہو سکتیں ۔۔۔
اب تو بہت کجھ کھولیا ہے اور حاصل کرنے کو بھی کجھ نہیں آج پھلی بار ایسا ہوا ہے پوری رات سوچنے کے بات بس یے چند الفاظ تمھاری طرف بھیجنے کو لکھ پایا ہوں۔۔۔ حقیقی معنوں میں آج بہت بے بس سمجھ رہا ہوں خد کو۔۔۔۔
میری جاناں تم خوش رہنا۔۔
واجد

ٻهروپي جي گهيري ۾ آيل اسان جو سماج

 ٻهروپي جي گهيري ۾ آيل اسان جو سماج
واجد علي عاجز 
ڪنهن ليکڪ لکيو آهي ته “ جيڪڏهن اسان پنهنجا اندر،  ٻاهر مڙهي هلون ته هڪ پل به جيء نه سگهون” توڻي جي هي ڳاله وڏي فلاسفي هيٺ چيل آهي پر تنهن باوجود به انهن سٽن جي ڀيٽ موجوده منافقي ۽ ٻهروپي واري سماج سان ڪري سگهجي ٿي.
هر آئي ڏينهن اسان کي ڪيترائي نوان واقعا سوشل ميڊيا معرفت ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ۽ اسان بجاءِ ڪنهن سوچ وچار ۽ فهم جي انهن واقعن تي پنهنجي سڄي قوت وڃائڻ ۾ دير ناهيون ڪندا نه صرف عام ماڻهون پر اڳواڻ دانشور پڻ مهم جوئي جو شڪار ٿيڻ ۾ دير ناهن ڪندا ۽ نتيجتن هڪ ڪم اڌ ۾ ٻيو پنڌ ۾ وانگي ڪنهن به ڪم کي اڪلائي ناهيون سگهندا ۽ هر ايندڙ پوسٽ تي پنهنجو قيمتي وقت پيا زايه ڪندا آهيون اهو به ناهيون سوچيندا ته اڄ جي دور ۾ جتي منافقت ۽ ڪوڙ جي سرپرستي آهي اتي ڇا هر ماڻهو جيئن سوشل ميڊيا تي آهي اهو حقيقت ۾ به ايئن آهي يا نه؟  
مونکي ياد ٿو اچي ته گذريل سال گهوٽڪي فيسٽول ۾ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سکر (AIGP ) کان هڪ سماجي اڳواڻ  هاف فرائي متعلق سوال ڪيو هيو ته محترم اي آئي جي صاحب جواب ڏيڻ کان پهريان کائنس هڪ سوال ڪيو هيو ته “محترم پهريان ته اهو واضع ڪيو ته اوهان واقعي به هاف فرائي جي خلاف آهيو يا نه..؟ ڇو ته ڪيترائي سماجي اڳواڻ اهڙا آهن جيڪي هاف فرائي خلاف ٿيندڙ احتجاجن جي اڳواڻي ته ڪندا آهن پر جڏهن اسان وٽ آفيس ۾ ايندا آهن ته چوندا آهن ته هاف فرائي سان ڏوه گهٽجي ٿو  هاف فرائي ڪرڻ وارو اوهان جو عمل ساراه جوڳو آهي”مطلب ته هاٿي جا کائڻ وارا ڏند الڳ ته ڏيکارڻ وارا الڳ.
 ٻهروپي ۽ منافقت نه صرف اسان جي مٿين طبقي ۾ آهي پر هيٺيون طبقو به گهٽ ناهي گذريل ڏينهن پنهنجي شهر جي  هڪ نوجوان جون مسلسل سرعام جوا جي خلاف فيسبڪ تي پوسٽون ڏٺم ۽ سندس پروفائل تي ڀيرو ڀريم  ته وڏو ترقي پسند ۽ روشن خيال لڳو پئي جنهن جي بعد ۾ خبر پئي ته هو نه صرف پاڻ جوا ڪندو آهي پر سندس ڪيترن ئي ويجهن مائٽن جا جوا جا اڏا پڻ آهن مطلب ته انگريزي چواڻي جيان “ اوهان ڪنهن ڪتاب کي هن جي ڪور مان ڄاڻي نٿا سگهو” 
 جيڪو ماڻهون ان حد تائين ٻهروپي ۽ منافقت ڪري سگهي ٿو ته پوءِ اسان سوين ميل پري ويهي صرف سندس فيسبڪ پروفائيل ڏسي کيس روشن خيالي ۽ دانشوري جا سرٽيفڪيٽ ڪيئن ٿا ڏئي سگهون يا وري سندس ڪيل پوسٽ کي 100 فيصد منڊي تي ٽڪ سمجهي سندس ڪيل ترخريبڪاري جو شڪار ٿي وڃون.
 ان سان گڏ اڪثر ماڻهون پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۽ ڪڌا ڪم ڍڪڻ لاءِ ادارن جي پاسو وٺندا آهن ۽ هاڻوڪي ڏينهن ۾   پرنٽ ميڊيا ( اخبارون ) ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا (چائينل) کي استعمال ڪري رهيا آهن سوشل ميڊيا تي نامور ۽ سينئر صحافي سڏرائيندڙ عطائي صحافي حقيقت ۾ ڪيترو شفاف ڪردار رکندڙ ۽ پروفيشنل آهن اهوشايد اڪثريت ڄاڻي ٿي. اهو عمل نه صرف هن سماج لاءِ پر صحافت جهڙي شفاف ۽ معتبر شعوبي لاءِ پڻ هاڃيڪار آهي جنهن لاءِ ادارن جي مالڪن کي بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي گڏوگڏ حڪومت کي پڻ گهرجي ته مارڪيٽ ۾ هلندڙ غير معياري اخبارن ۽ ويب چائينلن جي خلاف ڪروائي ڪري حقيقي صحافت کي هٿي وڌرائين

سنڌ جي ثقافت ۽ صوفي روح جي اھڃاڻ ٻھراڙيءَ ھاڻي مايوسين جو مرڪز بڻيل"

 سنڌ جي ثقافت ۽ صوفي روح جي اھڃاڻ ٻھراڙيءَ ھاڻي مايوسين جو مرڪز بڻيل"
واجد علي عاجز
ڪنھن بہ ملڪ ۾ ٻھراڙيءَ وارا علائقا ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ روح جو ڪم ڪندا آھن ساڳي طرح سنڌ جا ڳوٺ پڻ ڪنھن زماني ۾ ثقافت ۽ تھذيب جا مرڪز بڻيل ھوندا ھيا.
اڪثر ڪري ڳوٺن ۾ پيار ۽ پريت جون ڳالھيون پيون هلنديون ھيون آيل ماڻھن جي مھمان نوازي۽ خوش اسلوبي سان کلي آڌرڀاءُ ڪيو ويندو ھيو. سنڌ ۾ اوطاقون ڪنھن وڏي سياسي مرڪز ۽ سکيا گھر جيان لڳنديون ھيون جتي ڳوٺ جا سلجھيل ماڻھون نوجوانن کي پيا سکيا ڏيندا ھئا ڪڏھن سماجي خدمتن جي ڪم لاءِ اتساهيندا ھيا ته ڪڏھن وري ناحق خلاف اٿڻ لاءِ پنھنجي وس ۽ وٿ آھر آواز اٿارڻ لاءِ پلان پيا جوڙيندا ھيا.
ھاڻي انھن ڳوٺن کي به ڄڻ ته ڪو نانگ سراپي ويو آھي جتي ھاڻي اجتماعي خوشين بجاءِ انفرادي عيش عشرت تي سوچيو ويندو آھي ڪنھن زماني ۾ اوطاقن تي ويھي ماڻھون چوندا ھيا ته فلاڻو مسڪين آھي کيس مدد لاءِ ڪجھ ڪيو وڃي اوڙي پاڙي جي غريبن ۽ سفيد پوش ماڻھن لاءِ سوچيو ويندو ھيو ۽ وس آهر مدد پڻ ڪئي ويندي ھئي.
ھن سڄي سماجي تبديليءَ پويان ڪيترائي سبب آهن جنھن ۾ قبيلائي تڪرار، سياسي ۽ سماجي ڄاڻ جي کوٽ، ڪم چوري، مذھبي انتھا پسندي، جوا ۽ ٻيون سماجي برايون آھن
قبيلائي تڪرار سرداري نظام جو مورچو ھيو جنھن ۾ ويھي ڀوتار عوامي طاقت کي پنھنجي آڱرين جي اشارن سان ھلائي سگھندا ھيا ۽ فيصلي مھل ماڻھن جي قتل جي باھ مقرر ڪري سٺو منافعو پڻ حاصل ڪري سگھندا ھيا. قبيلائي تڪرار سماجي روين تي گھرا اثر ڇڏيا ھڪ قبيلي جا ماڻھون ٻي قبيلي جي ماڻھن جو رت پيئڻ لاء تيار ھوندا ھيا چاھي مخالف ڌر وارو سندن دوست ئي ڇو نه ھجي جڏھن قبيلائي تڪرار ھوندو ھيو ته دوست کي به قتل ڪرائي ڇڏيندا ھئا جيڪو تاريخ ۾ صرف ھندو مسلم فساد واري دور ۾ ڏٺو ويو.
ڳوٺن ۾ بدعنواني جو ٻيو سبب پير پرستيءَ ۽ مذھبي انتھا پسندي پڻ آھي پراڻي دور ۾ ھندو مسلمان به ھڪ ٿي رھندا ھيا پر ھاڻ پير پرستيءَ ۽ فرقه واريت کي ھوا ڏئي ماڻھن کي ورھايو ويو آھي جتي ماڻھون ھڪ ٻي جي اوطاقن تي ويھي ڪچهريون ڪندا ھئا اھي ماڻھون اڄ ھڪ ٻي جي مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناھن جيڪو اثر نوجوان نسل تي پڻ آھستي آھستي راقب ٿيندو پيو وڃي گذريل ڏينھن نوجوانن سان ڪچھري ڪندا ويٺا ھئاسين تہ اچانڪ نوجوان پنھنجي مخالف فرقي تي چٿر ڪندي چيو ته فلاڻي فرقي وارن جو روزو جائز ناھي مون کانئس پڇيو ته بابا ڏيو خبر توھان کي اھو ڪنھن ٻڌايو آھي ته چيائين ڪنھن کان پچڻ جي ضرورت ئي ناھي. کيس چيم ڀلا ڪتاب گھڻا پڙھيا اٿئي چيائين ته ڪتاب نه پڙھندس انھن ۾ جيڪو لکيل ھوندو آ اھو برداشت ناھي ٿيندو سندس سوچ تي بظاھر ته کل آئي ھيم پر اندر ۾ روئي پيو ھيس تہ ھن عظيم ڌرتيءَ جا وارث ڀٽائي، سچل، سامي پڙھڻ کانسواء ڪيئن نه فتوا فروشن جي ور چڙھي ويا آھن جن کي فتوا فروشن جي ڳالھين کان سواءِ ڪجھ ھضم ئي نٿو ٿئي.
آڳاٽي دور ۾ توڻي جو علم جي کوٽ ھوندي ھئي تنھن ھوندي به مذھب جو اصل روح ڳوٺن ۾ ملندو ھيو جتي صرف روحانيت پيار ۽ محبت ھوندي ھئي جتي انتھا پسندي پري پري تائين نظر ڪون ايندي ھئي جتي روزا نمازون به پڙھبون ھيون تہ ھولي ڏياري ۽ ڪرسمس ملھائڻ کي به گناھ تصور ڪون ڪيو ويندو ھيو.
جيئن جيئن مذھبي انتھا پسندي وڌندي پئي وڃي اوترو ئي ھتان جا ماڻھون مذھبي گناھن ئي ثوابن جي تقاضائن کي نظر انداز ڪندا پيا وڃن مثال طور اڳ ۾ ھتان جي ماڻھن وٺ ڏڌ کي پٽ برابر سمجھيو ويندو ھيو ۽ ان جي وڪري جو تصور ئي ڪون ھيو اتي ئي ساڳيا ماڻھون نياڻي جي وڪري کي به گناھ نٿا سمجھن.
جتي جوا، وياج خوري ۽ چوري کي انتھا ڪريل حرڪت ۽ گناھ ڪبيرا سمجھيو ويندو ھيو اتي ھاڻي جوا کي روزيءَ سمجھيو وڃي ٿو ته  وياج کي ڪاروبار جي نالي سان سرعام ھلايو پيو وڃي.
ھاڻي سنڌ جون ٻهراڙيون ترقي پسند نوجوانن لاءِ ڄڻ نوگو ايريا بڻجي ويون آھن ڇو ته ھاڻي ھتان جو معاشرو وياج خور شرابي ۽ جوارين جتان يرغمال ٿيل آھي جن لاءِ ترقي پسند نوجوان اک ۾ ڪٽر آھن.
وياج خور ۽ جوارين جي گينگ ٺھيل آھي جيڪي نوجوانن کي بيروزگاريءَ واري حالت ۾ ڪجھ ڏوڪڙن جي آسري ڪڌن ڪمن طرف گھليو وڃن جتان نڪرڻ نه ممڪن بڻجيو وڃي جو ايندڙ وقت ۾ ڪنھن عذاب ئي الاھي کان گھٽ ڪون ھوندو.
اھڙي حالت ۾ ضروري آهي ته رياست پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري بجاءِ سياسي تحريڪن جي ڪچلڙڻ تباھ ڪرڻ ۽ سياسي شور رکندڙ نوجوانن کي مارڻ جي جوارين شرابين خلاف قدم کڻن ڇو ته سياسي سماج سوچ رکندڙ نوجوان معاشري لاءِ ھيرا ثابت ٿيندا ۽ جوارين شرابين ۽ وياج خورن کي سڌي راح ڏيکارڻ جو جيڪو ڪم رياست اڪيلي سر نٿي ڪري سگھي اھو ڪم پڻ سياسي سماجي تنظيمن ۾ ويٺل نوجوان ئي بھتر طريقي سان ڪري سگھن ٿا جيڪو نه صرف سماج لاءِ پر رياست لاءِ پڻ فائديمند آھي

یاد جاناں۔۔۔۔۔۔۔!!!

 یاد جاناں۔۔۔۔۔۔۔!!!
سائنس پہ میرا یقین کامل ہے مگر پھر بھی کبھی کبھی تمہاری یاد کے بعد میڈیکل سائنس مذاق سی لگنے لگتی ہے۔ اور انوارمنٹل سائنس بھی سمجھ سے باھر ہے۔۔۔۔
بھلا تمہاری یاد کوئی چیز تو نہیں جس کے آنے سے خون کی رفتار میں انتھا کمی ہو جاتی ہو۔۔۔ 
تمہاری یاد میں کوئی نیوٹریشن، کیلشم یا پھر پروٹین بھی تو نہیں جس کے آنے سے بھوک ختم ہو جاتی ہو ۔۔۔
پھر ایسا کیا ہے تمہاری یاد میں جو کہ سائنس ابھی دریافت نہیں کر پائی۔۔۔۔۔؟؟؟
پتا نہیں تمھارے دور جانے سے  آکسیجن کی کمی کیوں محسوس ہوتی ہے۔۔۔
فطرت کی رنگ برنگی شامیں اداس کیوں ہو جاتی ہیں ؟
بھار کے موسم خزاں میں کیسے بدلتے ہیں۔۔۔
اور تمھارا وجود پیناڈول نہیں پھر بھی تیرے آنے سے بخار کی شکایت نہیں ہوتی۔۔۔
تمہارا وجود نمک نہیں پھر بھی خون کی رفتار پوری کیسے کر دیتا ہے۔۔۔
تمہارا وجود رائزک کی گولیاں نہیں پھر بھی کھانا وقت پر کھانے کی طلب کیوں ہوتی ہے۔۔۔۔
تم ہو تو دنیا میں آکسیجن پوری لگتی ہے۔
تم ہو تو بھار۔۔۔ بھار لگتی ہی۔۔۔
تمہارے نا ہونے کے بعد تمہارا ہونا ایسے لگتا ہے کہ جیسے کائنات کا نظام ری سیٹ ہوگیا ہو۔۔۔
اور پھر تمہاری غیر موجودگی احساس دلاتی ہے کہ جیسے سب ڈس آرڈر میں چل رہا ہے۔۔۔۔
سائنس ابھی ترقی نہیں کر سکا۔۔۔
سائنس نہیں بتا سکتی کہ تمھارا وجود اس کائنات کے لیے کیوں ضروری ہے۔۔۔
ڪج

ایک خواب جسے سچ کرنے کے لیے نیند کی نہیں مگر مسلسل جاگ کی ضرورت ہے۔۔۔۔۔۔

 ایک خواب جسے سچ کرنے کے لیے نیند کی نہیں مگر  مسلسل جاگ کی ضرورت ہے۔۔۔۔۔۔
-واجد علی عاجز
-
خوابوں کو داؤ پر لگانا بزدل اور کم ظرف لوگوں کا کام ہے۔ خوابوں کے لیے سمجھوتہ کرنا تو ٹھیک ہے مگر خوابوں پر سمجھوتہ بلکل نہیں کرنا چاہیے۔۔۔
بچپن سے ایک خواب دیکھا تھا خواب ایک زندہ دل معاشرہ دیکھنے کا۔ 
دیکھا تھا کہ تم گاؤں کے کسی پیڑ کے نیچے "اکھ چھنپ" کی راند کھیل رہی ہو تو کبھی اپنے بالوں کو ہوا میں اڑاتے ہوئے "انڈ" راند کرنے کیلئے اڑتے ہوئی خالی میدان میں جا رہی ہو۔
اور تمھارا باپ جو فقط 35 کی عمر میں بوڑھا ہوگیا ہے وہ میرے خواب میں بوڑھا نہیں دکھ رہا تھا میں نے یے بھی دیکھا کہ وہ وڈیرے کی ڈیرے پر کام نہیں کر رہا تھا نا ہی وڈیرے سے قرضہ لیا ہوا تھا البتہ گندم خریدنے کے لیے وڈیروں کی لائین اسکے بیٹھک کے آگے ضرور لگی ہوئی تھی کیوں کہ وہ گندم اگانے کا ھنر رکھتا تھا۔۔۔۔
اور کوئی نابالغ یا 35 سالا عورت سیاہ کاری کے الزام میں قتل نہیں ہوتی تھیں کسی غریب کی بیوی پر غیرت کے نام پر قتل کرنے کا فیصلا کسی وڈیرے کی پاس نہیں تھا۔
وقت کی اخباروں میں اپنے حقوق کے لیے مارچ نکالنے والی عورتوں کو "عورت مارچ کی رنڈیاں" نہیں بلکہ "لطیف کی سورمیاں" لکھا ہوا تھا ۔۔۔
کسی ادیب پر کفر کے فتوے جاری نہیں ہو رہے تھے ۔۔۔
لوگوں کو اٹھا کر قتل نہیں کیا جا رہا تھا ۔۔۔
شاگرد کے پاس بولنے کی آزادی تھی خواب دیکھنے کی بھی آزادی تھی۔۔۔۔
کوئی ھندو لڑکی کو اٹھا کر مسلمان نہیں کر رہا تھا البتہ کچھ مزاہب اپنی خوش اخلاقی کے ذریعے ترقی ضرور کر رہے تھے اور لوگوں کا دھیان اپنی طرف کھینچ رہے تھے۔۔۔
اپنے گاؤں کے لڑکوں کی 3 کرکٹ ٹیموں کی ساتھ لڑکیوں کی ٹیم کی راند بھی دیکھنے کے قابل تھی جس میں جیت لڑکیوں کی ہوے تھی اور وہ چیخ کر کہہ رہی تھیں کہ وہ کمزور نہیں کمزور مرد ہیں۔۔۔
افسوس کہ میں وہ خواب دیکھتا ہی گیا دیکھتا ہی گیا اور نیند میں ہی رہ گیا پانی کے چھینٹوں پر بھی جاگ نہ سکا
اب سوچتا ہوں کہ کاش کوئی ہوتا جو اپنے خوں کی چھینٹیں مارتا تو میں جاگ جاتا۔۔ 
مگر اب میں غلطی نہیں کروں گا اب اگر کوئی میرے جیسا خواب دیکھتے ہوئے سو گیا تو میں ضرور اپنے خون کی چھینٹیں اس پر ماروں گا تاکہ وہ جاگ سکے خواب کو حقیقت میں بدلنے کے لیے

پتا ہے کیا ہو!

 پتا ہے کیا ہو!
اکثر میں تم سے باتیں کرتا ہوں اپنی تحریر کے ذریعے۔
حسب معمول جو کجھ تم سے کہنا تھا اپنے موبائل نوٹ میں لکھ دیا تھا۔
مگر کجھ دن سے تم ان کا جواب میرے خوابوں میں آ کر دیا کرتی ہو۔ 
مگر یار گزارش ہے تم میرے خوابوں میں نا آیا کرو میں سمجھتا ہوں تم آگئی ہو پھر میں تمہارا استقبال کرنے کو اٹ بیٹھتا ہوں اور پھر نیند نہیں آتی۔
تم ایسا کرو میرے خیالوں میں آیا کرو تم میری ہی ہاتھوں اپنے جواب لکھوایا کرو۔ ویسے بھی تو میں رات کے کچھ وقت ہی تو سوتا ہوں۔ ساری رات تو تم سے باتیں کرتا ہوں نا۔ 
ہاں اگر کوئی ضروری بات ہو تو آیا کرو خوابوں میں مگر ڈانٹا نہیں کرو تمھیں پتا ہے نا راتوں میں رونی کی وجھ پوچھی جاتی ہیں اور اگر درد کے گلا کریں تو پھر انٹی بائیوٹیک کھانی پڑتی ہیں۔  تم آؤ تو صرف موں دکھلا دیا کرو بس۔۔۔
ارے ہاں کل رات بتایا تھا نا کہ تم سیریل پورا کرنے والی ہو اور پھر ناول پڑھو کی کیا ہوا اس کا سیریل پورا ہوگیا کیا تم نے ناول پڑھنا شروع کیا ہے؟
ارے ہاں تم نے بتایا تھا انٹرنشپ کا کیا بنا؟
تم اپنی سہیلیوں کے پاس کئی تھی نا وہ موٹی ناک والی کیسی تھی ؟ اور وہ دکھی آتما کا بتائو کیا بنا اس کا؟
ارے اور بات پتا ہے جب سے تمھیں خط لکھنے لگا ہوں اپنی آپ کو ہے پاگل سمجھ بیٹھا ہوں میں پاگھل کہیں کا۔۔۔ھھ
اج کل تمہاری صحت کا کیا حال ہے پچھلی دفعا تمھارے گردوں میں تکلیف تھی اب کیسی ہے؟
جواب دینا مگر خوابوں میں
نہیں پلیز خیالوں میں

دل اداس ہے تمھیں بہت یاد کر رہا ہوں۔

 دل اداس ہے تمھیں بہت یاد کر رہا ہوں۔
پتا ہے سر درد اتنا تھا کہ ایک پل کے لیئے لگا تھا اب شاید دوبارا سر درد برداشت نہیں کرنا پڑے گا۔
2 زینیکس بھی کھائی ہیں مگر نیند نے جیسے تم سے کجھ نکھرے ادھار لے لئے ہیں کم بخت آتی نہیں۔
یار پتا ہے وہ دوست جن کو میں سب کجھ سمجھتا تھا یار اب وہ مجھے کجھ نہیں سمجھتے اکیلا ہو گیا ہوں دل کر رہا ہے کہ اج تم میرے پاس ہوتی تو تمھارے کاندھوں پہ سر رکھ کہ چلا چلا کر روتا۔ اب تو آنسوں اندر جا رہے ہیں۔
یار وہ میرا دوست جو دو دو بجے مجھے سگریٹ پھنچاتا تھا جب تیری یاد میں مجھے سگریٹ پینے کا من کرتا۔
یار اج وہ سب مجھے فضول سمجھتے ہیں۔
پتا ہے اگر تمیں خط لکھنے کی عادت نا ہوتی نا میں خودکشی کر لیتا۔ اکھیں بھر آئی ہیں نا چاہتے بھی خط لکھنے میں وقفہ لے رہا ہوں۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
آج لگاتار 10منٹ تک آنسوں نکلتے رہے اب سوچ رہا ہوں کہ آخر آنسوں کس کے لیئے تھی۔ ان دوستوں کے لیئے جن جن کو بات کرنا سکھائی یا پھر تمھارے لیئے جس سے جینا سیکھا۔۔
سگریٹ پینے کا من کر رہا ہے گاؤں میں میرا کوئی دوست نہیں جو اب مجھے سگریٹ مہیاء کرے بس ایک ہی تو تھا اپنا یار ۔۔۔۔۔۔۔
اے میری ہمدرد! یار پلیز آج رات میرے خواب میں آؤ نا مجھے اپنے کاندھوں پہ سر رکھ کر رونے دو نا پلیز۔۔۔
جسم کانپ رہا ہے خیر معمولی بات ہے یے تو جون جولائی میں بھی ہوتا ہے جب تم یاد آتی ہو یا پھر جب میرا من خودکشی کو سوچتا ہے۔۔۔
ارے ہاں کل تیری ایک دوست سے بات ہوی اس سے بات ہوئی اور اس سے بات ہو اور تمہارا ذکر نہ ہو ایسا بھی کیا ممکن ہے؟
اس نے بتایا کہ تم بھی میری باتیں یاد کرتی ہو مگر اس نے ہے بھی کمپیئر کیا کہ تم میری طرح شدت سے یاد نہیں کرتی۔ حسب معمول میں نے اس سے شکایت بھی کی کہ اب وہ مجھے تمہاری تصویریں ںہیں بھیجتی اس نے کہا کہ تم روکتی ہو یے کہے کر کہ میں تمہاری تصویریں دیکھ کر کہیں مایوس نا ہو جاؤں۔
ارے پچھلے دنوں ایک ناول پڑھی ہے "تو پڄاڻان" یار تمہارے مزاج کی ہے بھیج دوں..؟ تماری ایڈریس اب بھی کھارا در والی ہے نا۔۔۔؟؟
اچھا نہیں تمہیں ناول موصول ہونگی تو تمھارے ابا جی کو کون جواب دیگا ۔ چلو پنجاب کالونی والی سمیرا عروج کے گھر بھیج دونگا گا اس سے لے لینا ؟

ک

جانم! پتا ہے اج ہمیں آخری بار ملے

 جانم!
پتا ہے اج ہمیں آخری بار ملے 432 دن ہو گئے ہیں اور تمھیں خط لکھتے ہوئے 382 دن۔۔۔  مجھے یاد نہیں کہ ان دنوں میں کوئی ایک دن ایسا ہوا ہو کہ تمھیں خط نہیں لکھ پایا ہون۔ ہاں کبھی کبھی موبائیل نہیں ہوتا تو اپنی ڈائری پر لکھ دیتا ہوں یا پھر خواب میں تمھیں وہ ساری باتیں بتا دیتا ہوں جو خط میں لکھنی ہوتی ہیں 
تمھیں پتا ہے! ساتویں کلاس سے لیکر 10 کلاس تک فیئر بک پورے نا کرنے پر استادوں سے لکڑیاں کہاتا رہا ہوں اج بھی اگر کوئی میرے استادوں کو بتلائے کہ میں تمھیں ہر روز 2 صفحوں پر مشتمل خطوط لکھتا ہوں تو وہ کبھی یقین نہیں کریں گے۔
مگر خیر اج تم بہت یاد آئی ہو۔ اج آفیس میں بہت اداس تھا۔ اب بھی اداس ہوں۔ دل کر رہا ہے کہ 6مھینوں کی چھٹی لے کر اسلام آباد چلا جاؤں ویسے تو من کراچی کا ہے مگر وہاں تم نہیں ہوگی تو وہی اداسیاں چھائی ہوئی ملیں گی۔ 
یونیورسٹی بہت یاد آ رہی ہے کبھی کبھی من کرتا ہے رزائن کر کے کہیں یونیورسٹی چلا جاؤں مجھے ھر ورسٹی سے جنت کی ہوا جو آتی ہے مگر یار تم تو جانتی ہو میرے حالات اب تو جیسے نا مردوں میں ہوں نا زندہ میں۔۔۔
دن میں دو بار خودکشی کا خیال آتا ہے ہر دفعا خواھش مار دیتا ہوں خد کو بچانے کے خاطر۔ 
میرا پاگل دل کبھی تسلیم نہیں کرتا تھا کہ میں ایک ہارا ہوا آدمی ہوں مگر اج اس نے بھی تسلیم کر لیا کہ میں کجھ نہیں ہوں ۔۔۔ میں اب آفیسر بھی نہیں بن سکتا۔۔۔ خیر اب اگر بن بھی جاتا تو کیا کرلیتا۔۔۔
پتا ہے ہم مڈل کلاس لوگوں کا بڑا مسئلہ کیا ہے ؟
ہمیں ایک ہے وقت اپنا باپ بھی خد بننا پڑتا ہے اور بیٹا بھی۔ ہم ایک وقت استاد بھی ہوتے ہیں تو شاگرد بھی۔ ہمیں خد کے ساتھ کسی اور کے خواھشات پر بھی سوچنا ہوتا ہے۔۔۔ اور اگر اپنے سے زیادہ ان پر توجہ نا دو تو کچھ بھی کر لو تم کچھ ہو ہی نہیں۔
یار بہت مایوسی کا شکار ہو گیا ہوں اور طبیعت میں چڑچڑاپن بھی زیادہ ہو گیا ہے اس لیئے اب خد کو اکیلا کردیا ہے اب ہوٹل میں بیٹھ کر چائے نہیں پیتا اب روڈ پر واک کرنے بھی نہیں جاتا۔ دوستوں سے ملنا بھی بند کردیا ہے ہتا کہ 4 دنوں سے گھر والوں سے بھی نہیں ملا گھر آتے ہی کمرا بند کر دیتا ہوں چائے کی طلب رات 12 کے بعد ہوتی ہے جو خد بنا لیتا ہوں۔ اور کہانا کاٹ پاٹ میں میرے کمرے میں ہی پڑا ہوا ہوتا ہے جو کہ اکثر کہانا بھول جاتا ہوں
اب بھی اس ذکر پہ یاد آیا کہ میں نے کھانا نہیں کھایا چلو اب کھا ہی لیتا ہوں۔۔۔
کتابوں میں اجکل "دیار دل داستان محبت" جیئم سید کی لکھی ہوئی کتاب اور 2 چار اور کتابیں اسٹڈی ٹیبل پر موجود ہیں۔
سوچ رہا ہوں اس سائیکالوجسٹ کے پاس چلا جاؤں جس کے پاس تب گیا تھا جب تم پہلی مرتبہ چھوڑ کر چلی گئی تھی۔ اس نے علاج سے کافی بہتر ہوگیا تھا۔۔۔
اب وہی حالات دوبارا ہوگئے ہیں۔۔۔ 
یار دیکھو تم تو مجبور ہو نا ۔۔۔ پر یار میرے دوست بھی مجھے وقت نہیں دیتے جب وہ ساتھ ہوتے تھے تو میں تمہیں صرف خط لکھنے وقت یاد کرتا تھا۔۔۔
الٹا ستاتے ہیں یار بھلا دوست ایسے بھی ہوتے ہیں کیا جو ہمارے دشمن کے ساتھ مل کر ہمیں اگنور کریں۔ یار ہم نے تو کوئی حساب نہیں دکھا ہم نے دوستوں کو صرف دوست مانا تھا مگر یار انھوں نے ہمیں ٹشو پیپر سمجھا جب کام آیا اٹا لیا اور پھر پھینک دیا۔
یار تم اکیلی ہی تو ہو جس سے باتیں کرکے دل کا بار ہلکا کرتا ہوں ورنہ کوں سنتا مجھے۔
چلو تم بور ہو رہی ہو گی میں خط بند کرتا ہوں مگر تم بھی خط لکھو نا بہت دن ہوئے ہیں تمھاری طرف سے کچھ نہیں آیا صرف یاد کے سوا۔ یار آج تمھیں دیکھنے کا من 
اللہ نگہبان

آج تم بے حساب یاد آئے۔۔۔

آج تم بے حساب یاد آئے۔۔۔
واجد علی عاجز
کاش کے سائنس کجھ ایسی ایجاد کرے جس سے میں جب چاہوں تمھارا نام اپنے دماغ سے نکال دوں۔
سوچا تھا کجھ بھی ہو اب تمہیں یاد نہیں کیا جائے گا یے میں اپنے آپ سے وعدہ نبھانا جانتا ہوں مگر میرے کم بخت دوست مجھے تمہاری یاد دلا دیتے ہیں اور میں تمہیں بھول نہیں پاتا۔
اور کجھ دن تک مسلسل کچی نیند میں آفیس جانا پڑتا۔ اب تو خیر کوئی۔ یے نہیں پوچہتا کہ میری آنکھوں کا رنگ لال کیوں ہے۔ میں نے اس جھوٹ کو آخر سچ بنا ہی ڈالا ہے کہ میری آنکھیں بچپن سے ایسی ہیں۔
اب تو کوئی بھی مجھے نہیں کہتا کہ میں وقت پہ بال کیوں نہیں بنواتا سب سمجھتے ہیں میری عادت ہے۔
اب تو کوئی نہیں پوچھتا کہ میں 2 2 دن اپنے کمرے سے کیوں نہیں نکلتا،
اب تو میری آنکھوں میں نمی دیکھ کر میرے دوست بھی مجھے آنکھوں کے ڈراپس سجیسٹ کرنے لگے ہیں ۔
اب تو ڈاکٹر بھی سر درد کے لیئے زینیکس دے دیتا ہے۔
سب کجھ وہ نہیں رہا تم بھی تو بدل گئی ہو۔۔۔ میری عادتیں بھی بدل گئی ہیں اب میری ہنسی سے ہوٹل کے ویٹر خاموش کی درخواست لے کر نہیں آتے اب تو لائبریرین کو غصا دلانے والے میرے کہکے بھی تو نہیں رہے۔
اب دوست زیادہ بولنے کی شکایت بھی نہیں کرتے۔
تمہارے بقول جو فالتو کام تھے سب بھلا دیئے ہیں 
اخبار میں سماجی مسئلوں پہ کالم نہیں لکھتا 
اب سندھی اخبار کو پابندی سے پڑھنا بھی بھلادیا ہے
اب دوستوں سے فون پر 4 منٹ سے زیادہ بات نہیں کرتا۔
اب کوئی بھی کال 1 رنگ پر نہیں اٹھاتا۔
اب مسیج کا جواب بھی 30 سیکنڈ کے بعد لکھتا ہوں۔
ٹی وی پر ٹاک شو بھی نہیں دیکھتا۔
شعر جو یاد کیئے تھے سارے بھلا دیئے ہیں کیوں کہ ان میں سے کجھ تمہیں پسند نہیں تھے اور کجھ تم سمجھ نہیں پاتی تھی۔۔
تم کہتی تھی نہ کہ  یے سب تم کر کے دکھاؤ گی یے سب میں بھول جائوں گا۔
بلکل تم نے سب کر دکھایا ہے میں ہار گیا ہوں تم جیت گئی ہو۔۔۔۔
میں اپنی ہار پہ ماتم نہیں کروں گا بس تمہاری جیت پہ آج رات نیند نہیں کر پائوں گا
 
#واجدعليعاجز 

ياد جانان

 مہیں پتا ہے پچھلے 2 سالوں سے میں انتھا گرم راتوں میں بھی گھر کے آنگن کے بجائے کمرے میں کیوں سوتا ہوں ؟
چاندنی راتوں سے مجھے ڈر کیوں لگتا ہے ؟
تم نہیں جانتی کہ 12-18 کی درمیان والی راتوں میں میری جیب سے زینیکس کیون ملتی ہیں ؟
اب تو خیر زینیکس کا اثر اتنا نہیں ہوتا 4 بھی کھا لی جائیں تو نیند 4 بجہ سے پھلے نہیں آتی۔
اج وہ رات ہے جس میں بھگتنا پڑتا ہے عجیب دکھ۔۔
اج چمکتے ہوئے چاند اور ستاروں کی نیچے سویا تو تیرے سورت یاد آگئی چاند کم بخت ہمیشہ تیری تصویر دکہلا کے رولاتا ہے۔
نہیں لکھا پاتا اب تمھارے یاد میں کوئی صحیفے۔۔۔ کاش آنسوں لکے جاتے اور واٹس ایپ بھی کی جاتے 😰