ابوجهادِ سنڌ بشير خان قريشي
Published on 9/9/2017
Awami awaz
اهو بشير خان جنهن جي نالي ٻڌڻ سان ئي دشمنن جي دلين جي دڙڪ تيز ٿي ويندي هئي جنهن لاء هو اهي لفظ چوندا هيا ته ”یےجوبشيرھےاس سےب نکال دو تو شير بن جاتا هے،، ها واقعي به شير هيو
هو بغير لالچ ۽ لوڀ وارو شخص بشير خان جڏهن سنڌ جي دوري تي نڪرندو هو ته سندس سنڌ واسي جيء ۾ ايئن جايون ڏيندا هيا جيئن سڳي ماءُ اولاد کي ڏيندي آهي
جنهن سان ڪچهري ڪرڻ لاء لاڙ جي لاڏلن کان ويندي اتر جي ارڏن تائين سڀ آتا هوندا هئا
هو جڏهن سنڌ جي ماڻهن وٺ ويندو هو ته هُو سندس گهر جو فرد سمجهندا هئا اتر سنڌ جا اهي ٻروچ قبيلا جيڪي پنهنجي خاندان جي ماڻهن کانسواء ڪنهن شخص کي گهر جي گهٽي ۾ بيهڻ جي اجازت به نه ڏيندا آهن پر اهي به بشيرخان کي گهر جو وڏو سمجهي پنهنجي نياڻن جي مٿي تي شفقت ڀريو هٿ ڦيرڻ لاء سندس التجائون ڪندا هئا ها جيئن سندس ڪارڪن پيار ۽ پاٻوه مان وڏو سڏيندا هيا ايئن ئي هو وڏو هو ۽ سنڌ جي نوجوانن جي سنڀال به وڏن وانگي ئي ڪندو هيو
هو سنڌ جو پنهل هو ۽ سنڌ جا نوجوان به سندس هر گهڙي هر سڏ تي سسئي جيان لبيئڪ چوندا هيا
هو جنهن کي سياست ۾ ور وڪڙ جو ڏانٰءُ نه هيو هو سنئون ۽ سڌو ماڻهو هو ڪڏهن به پنهنجي موقف ته تر برابر به نه هٽيو
هو جنهن جي پرورش سنڌ جي اتر واري حصي ۾ ٿي ۽ سندس جسم ۾ به اتر جي جون مهيني واري گرمي ڀريل هئي هن جا لڱ شهر ۾ ايئرڪنڊيشن ۾ ويهي ڪري تنقيد ڪندڙ چور اديبن جيان سست نه هيا
هو جڏهن پيادل مارچ تي نڪرندو هو ته سندس پير ڦارون ڦارون ٿي ويندا هيا ۽ رت وهائڻ لڳندا هئي پر هن مٿير مڙس سنڌ ۽ سيد جي عشق جي وجد ۾ ڪڏهن به اُف نه ڪئي
هو جڏهن سنڌ واسين جي ڳلي ۾ ڀاڪر وجهندو هو ته ڪير به سندس ڀاڪر وساري نه سگندو هيو بشير خان جنهن به شخص جي ڳلي ۾ گيراٽي پائيندو هو ته اهو ماڻهو ٻيهر بشير خان جي ڀاڪر لاء ڪوشش ڪندو رهندو هو
جڏهن هو احتجاج جو سڏ ڏيندو هو ته اسٽيبلشمنٽ جي لڱن ۾ ڦڙڪڻي اچي ويندي هئي ۽ سندس روڪڻ لاء هر طرح جا حربا هلايا ويندا هئا ڪڏهن عياشين جا آسرا ، ڪروڙ پتي ڪرڻ جي دلاسا ڏئي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته ڪڏهن وري سوين ايذاءُ ڏئي جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ڪندا هئا. پر هو جنهن ڪڏهن وڪڻ ۽ جهڪڻ ڪونه ٿي ڄاتو هو جيل ۽ ٽارچر سيلن کان خوف نه کائيندو هو ۽ سڀ سختيون سنڌ جي عشق ۾ محبوب جا ماڻي سمجهي صحي ويندو هو
هن جڏهن سنڌ جي آجپي لاء عالمي دنيا کي اپيل ڪرڻ لاء ڪراچي ۾ مارچ جو سڏ ڏنو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙچ مان ماڻهو لبيڪ چئي ايئن نڪري آيا جيئن عاشق پنهنجي محبوب جي ملڻ لاء نڪرندو آهي ۽ ايئن ئي تاريخ لکجي وئي ۽ اهو پهريون ڀيرو هيو جو سنڌ جي آجپي لاء 50 لک کان مٿي ماڻهون گڏ ٿيا ۽ پنهنجو پرامن احتجاج رڪاڊ ڪرايو.
هن ته مظلوم چهري ۽ نماڻي اکين سان فقط عالمي دنيا کي حقن جي حاصلات ۾ مدد جي اپيل ڪئي هئي هو نفيس دل وارو ۽ پيار ڪندڙ شخص هيو هن ته ڪنهن به دهشتگردي جي ڌمڪي به نه ڏني هئي.
پر نه ڄاڻ هنجي مظلوم چهري مان بي رحم ۽ ظالم قوتن کي ڪهڙو خوف هيو جو سنڌ جي وڏي کي سقراط جيان زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو.
هن جي شهادت کانپوء نوجوانن کان ڄڻ ته سهارو ئي کسجي ويو ۽ سڄي سنڌ يتيم بڻجي وئي سنڌ جا منظر ايئن پئي لڳا جيئن هڪ ماءُ جي حالت هن جي جوان اولاد جي موت وقت هوندي آهي ۽ سنڌ ڪيهون ڪوڪون ڪري ماتم ڪرڻ لڳي
هن کان پوء بي رحم قوتن سنڌ جي نوجونن کي ايئن بي خوف ٿي مارڻ شروع ڪيو جيئن ڪنهن يتيم ٻار کي بي رحم ماڻهون ماريندي بي خوف هوندا آهن
عوامي سياست ۾ ڀٽي کانپوء بشير خان ئي هو جنهن سنڌ جي ماڻهن جي ڏکايل دلين کي درمان ڏنو هن کان پوء وري سنڌ ڌرتي مٿان اماس ڇائنجي وئي.
هاڻي ڪير آ جيڪو شهيد ڪارڪنن جي امڙين کي مٿي تي چمي ڏئي آٿت ڏيندو..
ڪير آ هاڻي انهن ٽٽل دلين واري نوجوانن جو جيڪو سندن اتساه ڏي...
ڪو مسيحه آهي جيڪو بشير خان پڄاڻا يتيم ٿيل سنڌ جي دردن جو درمان ٿي...؟؟؟
واجد علي عاجز