احتیں اور بھی ہیں وصل کی راحت کے سوا۔۔۔۔۔
جڏھن شام ويلھي ٿڪجي انھي جگھ تي ويٺو ھيس جتان ڪڏھن ڪنھن شخص جو گذر ٿيندو ھيو، شام جا پھر ڪيڏا نه منجھائيندڙ ھوندا آھن۽ لھندڙ سج ايئن لڳندو آھي ڄڻ ته ساھ، گلي ۾ ڦاٿل آخري ھڏڪي جي انتظار ۾ ھجي، منٽو چوي ٿو حقيقت پسند ٿيو مايوسي ۾ مايوس لازم ٿيو سوچيو ھيم تون فقط منھنجو خيال آھين پر تنھن ھوندي به توکي سوچيندي مايوسي محسوس ڪئي اٿم.
ڪنھن شاعر لکيو آھي ته اھو مڙئي ڪوڙ سڪ ھجي ۽ سڄڻ نه ملي، پاڻ ته سدائين گڏ رھيا آھيون ڪڏھن شام جي وقت سج کي الوداع ڪندي ته ڪڏھن رستن تي ھلندي ۽ توسان گڏ ھلندي ھميشه ٿاٻڙجي پوندو آھيان ۽ پوء تون.... تون ڪنھن پريء جيان پري ھلي ويندي آھين تڏھن خيال ايندو اٿم تون فقط منھنجو خيال آھين تڏھن شاعر جي مٿين لفظن تي کل ايندي اٿم ته ڇا سڄڻ سڪ مھل صرف ڪيرائڻ لاء ايندا آھن ...
تو جيان لفظ به رسي ويا آھن ۽ حافظي ۾ به ھيڪڙ ٻيڪڙ ڳالھيون وڃي بچيون آھن تنھن ھوندي به اڄ جڏھن شام ويلھي سج کي اڪيلو الوداع ڪندي مايوس ٿيو ھيس ته فقط تون ئي ياد ھئين مان توسان ھلڪي برسات ۾ ايم اي جناح روڊ تي گھمي رھيو ھيس تون نيٽفلڪس تي ڏٺل ڪنھن جديد ويب سريز جي تعريف ۾ مگن ۽ ھوائن ۾ خوشبوءِ نچاور ڪري رھي ھئين مان خاموش تنھنجي وارن مان اٿندڙ خوشبو جو واس وٺي رھيو ھيس اچانڪ تنھنجي ڪنھن سوال تي امرجليل جي ڪنھن ناول جو حوالو ڏنو ھيم ۽ بدلي ۾ تو چيو ھو تہ اھو ناول جديد تقاضائن تي پورو نٿو لھي، کلي پيو ھيس تنھنجي سوچ تي تون جيڪا نيٽفلڪس تي ھلندڙ ويب سريز کي جديد سمجھندي آھين، ۽ اچانڪ ھميشه وانگي ٿاٻڙجي پيو ھيس ۽ محسوس ٿيو ھيم تون فقط منھنجو خيال آھين
ھميشه ايئن ئي ته ٿيو آھي صبح ويلھ ڪنھن جي سڏ تي توکان پري ٿي ويندو آھيان ۽ شام ويلھي جڏھن ڪير سڏ ڪرڻ وارو ناھي ھوندو تڏھن ٿاٻڙجي توکان ڏور ٿي وڃبو آهي