Wednesday, 22 September 2021

نوان سال توکي ڀليڪار:

 وان سال توکي ڀليڪار:
اسان مڊل ڪلاس ماڻھن لاء زندگي صرف رڳن ۾ ھلندڙ رت ۽ دل ۾ھلندڙ دڙڪن کان مٿي ناھي اسان فقط ساھ کڻڻ ڪارڻ جيئڻ سکيو آھي.
جنوري جون نہ کٽندڙ راتيون چيٽ ۾ ڪيئن پئي چٽ ٿيون،  نہ ڄاڻان ڪڏھن ننڊ ٿي آئي نہ جاڳ جو الڪو نہ ننڊ جي جلدي اڻکٽ وقت تو وٽ منھنجي لاءِ ۽ مون وٽ تولاءِ ڪيئن نہ گذري وئي گذريل سال جي جنوري، سڀ ڪجھ ڇني سڀ ڪجھ چٽ ڪري......
فيبروري محبت جو مھينو آھي توڻي جو مايوس گذريو، اڻاگو بہ ھو توکان پري رکيائين شڪايتون بہ جام آھن ويلنٽائن جو گل ايئن ئي سٻاٽجي ويو ھو جيڪو اڄ بہ مون وٽ جيڪو تنھنجي سالگرهه تي بہ توتائين ناھيان پھچائي سگھيو پر يقين اٿم مون جيان ھي گل بہ توکي ڏسندي ٻيھر جنم وٺندو ۽ تنھنجا ھٿ ڇوھڻ بعد سڀني گلن کان نيارو ٿي پوندو.
مارچ جيڪي بھاري جو مھينو آھي جنھن بہ فقط وڻ ساوا ڪيا ھيا منھنجي ھٿ ۾ پيل گل اڃا سٻاٽيل ھيو ڇو تہ تو وٽ پھچي نہ سگھيو ھيو، ننڍين خوشين تي خوش ٿيئڻ تہ توکان پوء ڄڻ ڀلجي ويو آھي مارچ ۾ خوشي ملي جيڪا اڻپوري ھئي، خوشيون ذھن جي آشائش ھونديون آھن پر ذھن توسان ڪڏھن سک جو ساھ کڻڻ ناھي سکيو.
اپريل ايئن اپريل فول ڪندو رھيو ڪڏھن ڀانيو تہ تون گڏ آھين تون دل ۾ آھين تون خوابن ۾ رستن ۾ موبائل ۾ انٽرنيٽ ۾ منھنجي ساھن ۾ پر حقيقت اھا ھي جتي تون آھين اوھان اتي ناھيان پھچي سگھيو تو گھريو ٿي تہ مان توسان تو جيترو ھجان پر توکان بہ وڏو ھجان پر حالتون ايئن ناھن پر آءٌ ايئن ناھيان تون پوپٽن جي تخليقڪار آھين مان فضول بڪواسي...
مئي ڀانيو ٿي جيڪر وک توڏانھن وڌي آھي تہ توتائين پھچي وڃبو مئي مايوسي کان ڏور ۽ تنھنجي ويجھو رکيو اھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ھلندڙ نوڪري ۾ توسان بحث ڪرڻ وڏا ٽھڪ ڏيڻ ۽ ايئن اکين مان کلندي کلندي ڳوڙھا اچڻ سڀ يادگار ھيو شايد سدائين يادگار رھجي وڃي؟
جون ڪيڏو نہ گرم ھوندو آھي ظاھري وجود جيان اندر کي بہ آڙاھ ۾ اڇليو ڇڏي جون جلايو ھيو منھنجو من توسان اڻپڙت ايئن. ھئي جيئين جيئري موت تو ناراض ٿيندي آھين تہ ساھ رسي ويندا آھن جون بہ ايئن ئي ساھ رسائي ڇڏيا ھئا.
جولائي ايئن گذري ويو جيئين اٻوجھ ماڻھون زندگي گذاري آخر ۾ فقط ٻہ چار ڪانڌين سان ھليا ويندا آھن.
آگسٽ اھو مھينو جڏھن تون ملين توڻي جو سال بدلبا رھيا آھن پر آگسٽ ان لاء بہ يادگار آھي جو اھو آگسٽ ھيو جنھن توکي احساس ڏنا وضاحتون ڏنيون معافين جا لفظ، تلخين لاء معذرت جا لفظ..
سيپٽمبر اھا 3 سيپٽمبر ھئي جنھن جو انتظار ڄڻ اکين جو نور کسي ورتو ھيو ۽ اھو ئي سيپٽمبر جنھن ۾ توکي ڏسي ڄڻ تہ ڪائنات جو نور پنھنجي اکين ۾ اوتي ڇڏيو ھيو.
آڪٽوبر کوڙ شڪايتون آھن ھن سان اھو مھينو جيڪو ناھي گذرندو ۽ آئون ھر ڏينھن تنھنجي سالگرهه جا بچيل ڏينھن ڪٽيندي گذاريندو آھيان جيڪو ذھني سگھ کسي وٺندو آھي.
نومبر اھو سڀاڳو مھينو جنھن ۾ تو جنم ورتو جنھن ۾ ڪائنات روشن ٿي جنھن بعد تون پوپٽن ۾ رنگ ورھايا جنھن ۾ تون حورن کي حسن ۾ حصو ڏنو جنھن ۾ تون خدا جي وجود کي سگھاري سگھ ڏني جنھن ۾ تون خدا کان خوشين جا جھول اوڌر وٺي منھنجي جھولي ۾ ڏنا جنھن ۾ تون منھنجي لاء ٽھڪ خريد ڪيا جنھن ۾ تون منھنجي وجود کي روشن ڪيو جن ۾ تون منھنجي ذھن ۾ پختگي ۽ سگھ پيدا ڪئي.
ڊسمبر سدائين جيان ڦٽن کي چاڪ ڪيو تہ توکان پري دنيا کان آڌر ڪيو وقت ايئن کسي ويو جيئن رياستي ادارا سنڌي مائرن جي جھولين مان ٻچڙا کنڀيندا آھن...
#واجد 
واجد علي عاجز

مونسين ھلي سا جا جيءُ مٺو نه ڪري.......!!

 مونسين ھلي سا جا جيءُ مٺو نه ڪري.......!!
سوچيم پئي تہ ھل ھيڏو پنڌ يقينن دوستن جي چھرن جي ٿڪاوٽ ھوندي پر ايئن نہ ھيو ايئن ٿي لڳو ڄڻ تہ قافلي اوجھو ئي نڪتو آهي سڀني جا چھرا تازگي ۽ پر اعتمادي سان چمڪي رھيا ھئا.
عشق واقعي بہ سائنس جي اصول کان الھائي مٿي آھي سائنسي طور ڏسجي ته ھڪ ماڻھون جيڪو 39 ڏينھن مسلسل 800 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري تہ يقينن ان جي انرجي بہ زيان ٿيندي تہ سندس چھري تي ٿڪاوٽ ۽ مايوسي پڻ ايندي.
پر ھن عشق جي قافلي جي پانڌيئڙن جي منھن تي مرڪون ڏسي يقين ٿيم تہ فتح اسان جو مقدر آھي.
خاص ڪري سرواڻ سائين انعام عباسي جي منھن تي محبوب جھڙي مرڪ ۽ نوجوانن کي وڏا ڀاڪر ان ڳالھ جو واضع ثبوت ھيو تہ عاشق ٿڪل ناھن پر پنھنجي محبوبن جي آزادي لاء وڌندڙ ھر وک تي خوش آھن.
لطيف سائينءَ لکيو آهي ته:
سُڻِي ٻولَ سَندانِ، جِمَ سُمهين سَسُئِي!
ڪَندِينءَ ڪوھُ ڪيڻانِ؟ جه سي اُنِ اورانگهيا.
لطيف سائينءَ يقينن اھي سٽون ھن وقت سسئي کي چيون ھيون پر ھن وقت اھو شعر اسان جي لاءِ ھڪ سبق آھي تہ انھن جا قول ٻڌي ويسر ڪري سمھون نہ ڇو تہ اھي قول نہ پاڙيندا تہ پوء اوھان ڇا ڪندو ان ڪري ھلو ۽ ھلندا رھو.
اڄ قافلي ڌرتي جي دنگائي ضلعي ۾ ترسي سڀاڻي اوڏانهن ويندو جتان صرف لاش موٽندا آھن تنھن ھوندي بہ پختو يقينن آھي تہ جيڪر عاشق جا خون بہ ٿيا تہ اھي خوشبو جي صورت ۾ وطن جي وسندين کي واسي ڇڏيندا ۽ ھي قوم اٿندي ...

توکي ايئن نہ مناسب ھوئي........

 توکي ايئن نہ مناسب ھوئي........
آزادي کان اوپرا تون نہ اسان جو ڀاء، جڏھن بہ دوست ڪنھن وفاقي سياست ڪندڙ پارٽي جي تعريف ڪندا آهن تہ دل ۾ عجيب ڪيفيت تاري ٿي ويندي آهي
ايس ٽي پي،  ايس يو پي يا وري عوامي تحريڪ ڀل تہ پنھنجي پنھنجي پروگرام تحت ڀلا ڪم ڪري رھيون ھجن تنھن باوجود بہ اھو نہ وسارڻ گھرجي تہ اسان جي اجتماعي ڀلائي سائين جي ايم سيد جي نظريي کان سواءِ ممڪن ناھي 
جيڪي دوست ان آسري ۾ آھن تہ وقتي طور انھن پارٽين جو سھارو وٺي جدوجهد ڪري پوء نظريي سيد جا پيروڪار بڻجندا تہ اھا ڳالھ سواءِ اھمقپڻي جي ڪجھ بہ ناھي ڇو تہ وقت ڪڏھن بہ اوھان کي جي ايم سيد جي نظريي تي ھلڻ لاء گرائونڊ نہ ٺاھي ڏيندو پر اوھان  جيڪڏھن نظريي سان ڪمينٽيڊ آھيو تہ اوھان کي ئي نظريي تي ھلڻ لاءِ سڀني حالتن کي قبولڻو پوندو.
جيڪڏھن اوھان اھو نٿا ڪري سگھو ته اھا ڳالھ تسليم ڪيو تہ اوھان مايوس ٿي چڪا آھيو ۽ جي ايم سيد جي نظريي تي ھلي نٿا سگھو، 
باقي اھو خيال غلط آھي تہ اوھان وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين ۾ ويھي نظريي جي ايم سيد جي پرچار ڪندا
 پر اوھان جھڙا ماڻھون ايندڙ نسل لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ۽ مايوسي ڦھلائيندڙ ثابت ٿيندا ڇو تہ جيڪڏهن اسان سڀني وفاقي سياست ڪندڙ پارٽين جي آڙ ورتي تہ سڀاڻڪي نسل کي جي ايم سيد جو نظريو ڪير ٻڌائيندو؟
ڇا سڀاڻي اھو ٻڌائيندو تہ فلحال قاسم آباد واري سيٽ لاءِ ووٽ ڪيو تہ پوءِ اجھو ٿا جي ايم سيد جي نظريي تحت آزادي جا علم کڻون يا وري نواب شاه مان ووٽ ڪڍو تہ پوء نظريہ سيد جي پرچار اجھو ٿا اسيمبليءَ ۾ ھلي ڪيون..
حقيقت تہ امير آزاد منجھان آريسر جو روح ڏٺو ھيو امير جي لفظن جي روانگي آريسر جي سڪ پوري ڪندي ھئي تہ سندس لطيف پڙھڻ جو ڏان يار وري قومي سياست متعلق ڄاڻ جو ذخيرو بہ سندس قد کي وڏو ڪري ڇڏيندو ھيو...
ڪراچي پريس ڪلب تي اڪثر سائين امير آزاد جي تقرير جي مھل ايئن لڳندو ھيو تہ لفظ آريسر جا آھن ۽ زبان امير آزاد جي....
آريسر صاحب جي ننڍڙي پڙھندڙ ۽ عاشق ھجڻ ناتي اڄ جڏھن منھنجي محبوب ۽ استاد آريسر جو روح رنج ٿيو ھوندو تہ منھنجي دل ۾ بہ اماس ڇائنجي وئي آهي..
جي ايم سيد جو نظريو امر آھي ڪيئي امير ايندا ۽ ويندا رھندا پر افسوس تہ امير مون سميت سوين ڪارڪنن کي مايوس جي ڪن ۾ اڇلي ويو آھي

ھو پري آ پري آ پري آ پري.........

 ھو پري آ پري آ پري آ پري.........
سڪ ۾ ڪيڏي نہ ڇڪ آھي سڪ جيڪا ساھ ۾ سوڙ ڪري ڇڏيندي آھي سڪ ۾ ڪيڏي نہ بزدلي آھي، سڪ ۾ ڪيڏي نہ رحمدلي آھي جڏھن ماڻھون بي پرواھ ھوندو آھي تہ انتھا جو دلير ٿي پوندو آھي مگر ڪنھن جي کوٽ من ئي من ۾ برف جيان ڳاري ڇڏيندي آھي اھا کوٽ احساسن جي ھجي پنھنجائپ جي ھجي يا سھاري جي....
ڪڏھن ايئن لڳندو آهي ته لاشن جا ڍير ڪو وڏو نقصان ناھن ڇو تہ مقصد جانين کان وڌيڪ اھم آھن پر ...
تنھنجي ياد ڪيڏي نہ بزدل آھي ..
تنھنجي سڪ ۾ ڪيڏي نہ رحمدلي آھي...
تنھنجي سڪ جنھن جو سڌو ڳانڍاپو منھنجي اکڙين جي لڙڪن سان آھي
سڪ جيڪا ٻار ڪري ڇڏيندي آهي... 
ڄڻ تہ دل اڃان ٻار آهي جيڪا تنھنجي لاءِ ضديري آھي ۽ سندس وٽ توکي خريدڻ کان سواء سڀ ڪجھ آھي ... 
پر دل جي ضد تون آھين...
تون جيڪا ڪوھين ڏور آھين
تون جيڪا آھين تون جنھن جو مان اڌ قاتل آھيان تون جيڪا اڌ جي رھي آھين... تون جنھن جي اڌ قتل جي سزا ۾ مان اڌ مري ويو آھيان تون جيڪا.......پري آھين....
سڪ بہ عجيب آھي لفظن جي ترتيب ئي زندگي جي ترتيب جيان درھم برھم ڪريو ڇڏي
و