Wednesday, 22 September 2021

اے محبت تیرے انجام پر رونا آیا۔۔۔۔۔۔۔!!

 اے محبت تیرے انجام پر رونا آیا۔۔۔۔۔۔۔!!
ھي سماج جتي محبت جا ماپا ايڏا ته ننڍڙا آھن جو گھڙي کن جي ميلاپ کي عشق جي انتھا سمجھي حياتين کي مذاق بڻائي ڇڏيو آھي.
ڪنھن ڪتاب ۾ پڙھيو ھيو ته ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن نسل تي فطرت ناراض ٿيندي آھي ۽ ان نسل کان مت کسجي ويندي آھي ڀانيان ٿو ته اھو نسل اڄ جو نسل آھي.
اڄ جو نسل لطيفي لات کان پري ھليو ويو آھي لطيف جيڪو عشق ۾ پنڌ ڪرڻ ٿو سيکاري مگر بيھڻ نٿو سيکاري لطيف ته تتي ٿڌي ڪاھڻ جي ڳالھ ٿو ڪري پر ھي ته زندگي کي بيھاري پنھنجي ڀل ته پنھنجي محبوبه سان وفا ھار پائين پر ھي عشق جھڙي عظيم نظريي سان غداري پيا ڪن...
اڄ جي ٽھي نه صرف لطيف پر لوڪ ادب لوڪ ڏاھپ کان به گھڻو پري ھلي وئي آھي ھي نسل سيلبس جا رٽو طوطا جيڪي پڙھيل لکيا جاھل بڻجي ويا آھن ويتر سليبس به ملڪ پاڪستان جو ٺھيل.... پوءِ ته ان تي ڳالھائڻ به ڄڻ  دز ۾ دوڙ ڪرڻ برابر آھي...

ڏور آهيون

 زندگي ڀل ته چانڊوڪي رات جيان روشن ھجي پر تنھنجي ياد نڀور ڪارا ڪڪر بڻجي حياتي جي رنگن ۽ روشنين کي اماس بڻائي ڇڏيندي آھي.....
تشبيهون به ڪيئن نه جلدي بدلبيون آھن.
اڄ کان ٺيڪ 2 سال 1 مھينو اڳ جي مسيج ۾.......
مون لکيو ھيو واءُ جا جھوٽا تنھنجي آڱرين جي ڇهاءُ جيترو آرام بخشيندا آھن........
اڄ ايئن ڇو ناھي برسات کان پوءِ ايندڙ واءُ جو جهوٽا ساڙڻ لڳا آھن.......
ھاڻي مٽي جي خوشبوءَ مان تنھنجي وجود جي ڪمي پوري ناھي ٿيندي...
ھاڻي چيڪي مٽي مان اٿندڙ خوشبو سنگھڻ بعد تنھنجي اچڻ واري غلط فھمي بہ محسوس ناھي ٿيندي.......
پر گجگوڙ جي گوڙ تي ڇرڪي توکي فون ڪرڻ ۽ خيرت پڇڻ واري عادت اڃان ناھي وئي.......
پر اڄ ڪلھ تنھنجو اھو جواب ٻڌي ناھي سگھبو تہ "پنھنجي وچ ۾ 1042 ڪوھن جي وڌي آھي اسان وٽ برسات ئي ناھي نه ئي گوڙ"
ڀانيان ٿو ته 1042 ڪوھ به ڪيڏا نه ويجھا ھئا.....
ھڪ ٻي کي خبر ھوندي ھئي ته ڪنھن وٽ ڪھڙي موسم آھي....
ھاڻ ڪيڏا نه ڏور آھيون... .
پنھنجا اندر پياسي صحراء جيان اڃارا آھن...
دل ئي سڪاڙي جي موسم آھي.....
پر تون ۽ مان ھڪ ٻي کان ڪيڏو نه بي خبر آھيون.....

توکي خبر آھي چاھيندي به نه روئي سگھڻ جو درد ڪيئن ٿيندو آ...

 توکي خبر آھي چاھيندي به نه روئي سگھڻ جو درد ڪيئن ٿيندو آ...
ڇا تنھنجي نڙڳٽ ۾ ڪڏھن ڳوڙها ڦاٿا آھن.....
ڇا ڪڏھن تنھنجو جسم 47 جي گرمي پد ۾ ڪڏھن ٿڌو ٿيو آھي....
ڇا توکي ڪڏھن شام ويلھي ڪائنات اٻاڻڪي لڳي آھي....
جانان حقيقت ته اھي سڀ علامتون انتھا اذيتناڪ ھونديون آھن... مان پنھنجي دشمن لاءِ دعا گھرندس ته شل اھو انھن ڪيفيتن مان گذري...
پر پنھنجي مٺي تون خيال ڪندي ڪر تون جنھن سان به محبت ڪرين ته ان کي اھا درخواست ڪجان ته اھو توسان تو وانگي نه ڪري.....
ٻڌ تون ته منھنجو خيال رکندي ھئين نه.... ڇا ھاڻي به سوچيندي آھين منھنجي باري ۾...؟؟؟
ياد اٿئي ھڪ ڀيري تو چيو ھيو تہ "ڪا اھڙي غلطي ڪر جيئن مان توسان نه ڳالھايان" حيران ٿيو ھيس پڇيم ته آخر ايئن ڇو ڪيان تو چيو ھو تہ "بغير ڏوھ جي ڪاوڙجڻ مونکي سٺو ناھي لڳندو ۽ ڪاوڙنديس به ضرور توسان ڪجھ ڏينھن ڳالھائڻ لاءِ دل نٿو چوي" مان کلي پيو ھيس ۽ تون ان کلڻ تي چڙي پئي ھئين 15 ڏينھن نه ڳالھايو ھيائي....
جانان ڏس آخر تون ھارائي وئي آھين اڄ تون مونکي بنا ڏوھ جي ڇڏي وئي آھين اڄ توکي ڪجھ محسوس نٿو ٿي ....؟؟؟

جوبن جوڀن جهور ٿي ويو آهي

 جوبن جوڀن جهور ٿي ويو آهي
چنڊ جي روشني اڳيان 
ڄڻ ڪنهن اپسراء وارن جو پردو ڏئي ڇڏيو آهي
ڏينهن ڄينڀن جا ڏنگ..
۽ راتيون وڇون جيان ڏنگيندڙ آهن
شامون وصل جي سوڳ ۾ آهن
پره پنهنجو ساءُ وڃائي ويٺو آهي
منهنجون اکيون ڄڻ ڪتن جي 
اوڙ ۾ اڇليو ويون آهن
ننڊ آس بڻجي وئي آهي
۽ خواب مقتل جا ڍير
تو پڄاڻان زندگي رڃ جو سفر آهي
پوء به اڄ تائين تنهنجو اوسيئڙو آهي
سجني ٻڌائي ني 
تون ڪٿي ۽ ڪيئن آهين
واجد گبول