Wednesday, 22 September 2021

ﭼﻣﻲ ﮔﻫﺮﺟﻲ

 ﭼﻣﻲ ﮔﻫﺮﺟﻲ
ﻭﺍﺟﺪ ﻋﻠﻲ ﻋﺎﺟﺰ
ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﮐڙﻳﻦ ﺟﻮ ﻣﺎﻥ ﺩﻳﻮﺍﻧﻮ
ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻴڻﻦ ﺟﻮ ﭘﺭﻭﺍﻧو
ﭼﻣﻲ ﺟﻮ ﭼﺱ ٿﻮ ﭼﺍﻫﻴﺎﻥ
ﻧڪﻲ ڪﺠﻪ ٻﻴﻮ ٿﻮ ﮔﻫﺮﺟﻲ
ﻡﮕﺭ ﺗﻨﻬﻨﺠﺎ ﻫﻲ ﻧﺨﺮﺍ ﻫﻦ
ﺟﻴﺌﻦ ﺁ ڳﻮٺ ۾ ﻫﻮڪﻮ
۽ ﺿﺪﻳﺮﻭ ٻﺎﺭ ﺗﻮﻥ ﺁﻫﻴﻦ
ﺍﻥﮕﻝ ﺗﻨﻬﻨﺠﺎ ﺍڻﺎﮔﺍ ﻫﻦ
ﻡﮕﺭ ﭘﻭء ﺑﻪ ﺍڙﻱ ﺟﺎﻧﺎ ﺍﮐﻳﻦ ﺟﻮ ٺﺎﺭ
ﺗﻮﻥ ﺁﻫﻴﻦ
ﭼﻣڻ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڪﻌﺒﻲ ﮐﻱ
ڏﺱ ﺗﻪ ﮔﻧﺎﻩ ڪﻴﺌﻦ ﺁﻫﻲ؟
ﺛﻮﺍﺑﻦ ۽ ﮔﻧﺎﻫﻦ ﺟﻲ ٻڌﺍﺋﻲ ﻭﺻﻒ ڪﻬڙﻱ ﺁ؟
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﭙڙﻥ ﺟﻲ ﺧﺸڪﻲ ڏﺱ
ڏﺱ ﺍﮐڙﻳﻦ ۾ ﺍﺭﻫﺎﺋﻲ
ﻟڳﺎﺋﻲ ﺩﻝ ﻣٿﺎﻥ ﻫٿڙﻭ
،ڌڪ ڌڪ ۾ ﺩﺭﺩ ﺁ ڪﻴڏﻭ
ﻓﻘﻂ ﻫڪ ﭼﻣﻲ ﺟﻲ ﻣﻨﻊ ﻧﺎﻫﻲ
ﻗﺘﻞ ﺍﺣﺴﺎﺳﻦ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺁﻫﻲ
ﺁڙﻱ ﻗﺎﺗﻞ ﻋﺎﺷﻘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ
ﺟﻨﺖ ﺟﺎ ﺳڀﺌﻲ ﺩﺭ ﻣﺒﺎﺭڪ ﺗﻮﮐﻱ
ﭘﺍڻ ﭼﻣﻴﻦ ﺟﺎ ﺑﺲ ﭘﻳﺎﺳﻲ ﻫﻮﻥ
ﻧﻪ ڄﺎڻﻮﻥ ﮔﻧﺎﻫﻦ ۽ ﺛﻮﺍﺑﻦ ﮐﻱ
ﻧﻪ ڊڄﻮﻥ ﭘﺍڻ ﺩﻭﺯﺧﻦ ﮐﺍﻥ ٿﺎ
ﻧﻪ ﻫﻮﻥ ﺟﻨﺖ ﺟﺎ ﺩﻳﻮﺍﻧﺎ
ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻱ ﺯﻧﺪﮔﻱ ﮔﻫﺮﺟﻲ
. .ﻓﻘﻂ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﻣﻲ ﮔﻫﺮﺟﻲ



ﺳﻬﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﮔﻫﺮﺝ

 ﺩﻧﻴﺎ ۾ ڪﻴﺮ ﺁ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻱ ﺳﻬﺎﺭﻥ ﺟﻲ ﮔﻫﺮﺝ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ڪﻮ
ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻫﺠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻱ ﺳﻬﺎﺭﻥ ﺟﻲﺿﺮﻭﺭﺕ ﻧﻪ ﭘﻭﻧﺪﻱ ﻫﺠي
ڀٽڪﻴﻞ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺳﻬﺎﺭا ڳﻮﻟڻ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ڪڏﻫﻦ ﺳﺎٿﻴﻦ ۾ ڪڏﻫﻦ ﺳﺎﻫﻴڙﻳﻦ ۾ ﺗﻪ ڪڏﻫﻦ ﻭﺭﻱ ﺭﺕ .ﺟﻲ ﺭﺷﺘﻦ ﻣﻨﺠﻪ ﺍﻧﺴﺎﻥ ٻﻦ ﻟﻤﺤﻦ ۾ ٽٽﻲ ﭘﻭﻧﺪﻭ ﻫڪ ﺟڏﻫﻦ ﮐﻳﺲ ﻣﺰﺩﻭﺭﻱ ﻳﺎ ﻣﺤﻨﺖ ﺟﻮ ﺩﺍﺩ ﻣﻠڻ ﺑﺪﺭﺍﻥ ﻃﻨﺰ ﺟﺎ ﺗﻴﺮ ﺳﻬڻﺎ ﭘﻭﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ٻﻴﻮ ﺗڏﻫﻦ ﺟڏﻫﻦ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﮔﻧﺎﻩ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ۽ ﮐﻳﺲ ﺍﻥ ﮔﻧﺎﻩ .ﺟﻴﺘﺮﻱ ﺳﺰﺍ ﻧﻪ ﻣﻠﻨﺪﻱ ﺁﻫﻲ
ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﺧﻮﺍﻫﺸﻦ ﺟﻮ ﻗﺘﻞ ﺍﻣﺘﺤﺎﻥﻫﻮﻧﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﭘﺭ ﺟڏﻫﻦ ﺍﻧﺴﺎﻥ ڪﺠﻪ ﻣﺎڻﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﻴﻦ ﺧﺎﻃﺮ ﺳڀ ڪﺠﻪ ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﺩﻝ ﺟﻲ ڪﻨﻬﻦ ڪﻨڊ ۾ ﺩﻓﻦ ڪﺮﻱ ﭼﻫﺮﻱ ﺗﻲ ﺑﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺋﻲ ﺻﺤﻲ ﭘﺭ ﻣﺮڪ ﺳﺠﺎﺋﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﻴﻦ ۾ ﻭﺍڌﺭﻱ ﻭﺟﻬڻ ﺟﻲ ڪﻮﺷﺶ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺍﻫﻲ ﺋﻲ ﻣﺎڻﻬﻮ ﻃﻨﺰ ﺟﻲ ﺗﻴﺮﻥ ﺳﺎﻥ ﺯﺧﻤﻲ
 ڪﺮﻱ ڇڏﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻮ ﺳڀ ﮐﺍﻥ ﻭڌﻳڪ ﺳﺮﻣﺎﻳﻮﺳﻨﺪﺱ ﺧﻮﺍﻫﺸﻮﻥ ۽ ﺧﻮﺍﺏ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﭘﺭ ﺟڏﻫﻦ ﺍﻫﻲ; ﺑﻨﺎ ڪﻔﻦ ﺟﻲ
ﺍﻧﺴﺎﻥ ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﺋﻲ ﻫٿﻦ ﺳﺎﻥ ﺩﻓﻦ ڪﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ڄڻ ﺯﻧﺪﻩ ﺭﻫڻ ﺟﺎ
ﺳڀ ﺑﻬﺎﻧﺎ ﭘﻭﺭﺍ ٿﻴﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ ﺍﻓﺴﻮﺱ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﺍﺧﻼﻗﻴﺎﺕ ﺟﺎ ﺳﺒﻖ ﭘڙﻫﻴﺎﺳﻴﻦ ڏﮎ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺯﻧﺪﮔﻱ ﮐﻱ ﺯﻧﺪﮔﻱ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮﺳﻴﻦ ﺍﺳﺎﻥ ﺟي
ڪﻴﻤڻﭙﺍﺋﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﺯﻧﺪﮔﻱ ﮐﻱ ﻣﺬﺍﻕ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮﺳﻴﻦ ﻫﺘﻲ ڪﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺍﻫﺸﻦ ﺟﻮ ﻗﺪﺭ ﺳﺎﺭﻳﻦ ﻣﺎن ﻧڪﺮﻧﺪڙ ﺑﻮﺳﻲ ﺟﻴﺘﺮﻭ ﺑﻪ ﻧﺎﻫﻦ ﻫﺘﻲ ﻫﺮ ڪﻨﻬﻦ ﮐﻱ ﭘﻧﻬﻨﺠﻲ ﺍﻧﺎ ﺍﻭﻝ ﺁﻫﻲ ﺯﻧﺪﮔﻱ ڇﺎ ﺁﻫﻲ ڇﺎ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮﻥ ﺗﻤﻨﺎﺋﻮﻥ ﺋﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺯﻧﺪﮔﻱ ﻧﺎﻫﻦ ﺍﺳﺎﻥ ڇﻮ ﺟﻴﺌﻨﺪﺍ ﺁﻫﻴﻮﻥ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﻱ ﺟﻴﺌڻ ﺟﻮ ﺣﻖ ڪﻴﺌﻦ ﺁﻫﻲ ﺍﺳﺎﻥ ﺩﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻧﺎڪﺎﻡ ﻣﺎڻﻬﻮ ﺁﻫﻴﻮﻥ ﺟﻦ ﮐﻱ ﻣﻮﺕ ﺟﺎ ﭘﻝ ﺑﻪ ﮔﻫﺮڻ ﺳﺎﻥ ﻧﺎﻫﻦ .ﻣﻠﻨﺪا ﺣﻞ ﻳﺎﺭ ﺣﺴﻦ ﺍڄ ﺗﻨﻬﻨﺠﺎﻟﻔﻆ ڪﻴڏﻭ ٿﺎ ﻳﺎﺩ ﺍﭼﻥ ﺯﻧﺪﮔﻱ ڀﻠﻲ ﺍﻫڙﻱ ٽڪ ﺗﻲ ﺭﻟﻲ ﺟﻬڙﻱ ﻣﺎﻥ ﻭڇﺎﻳﺎﻥ ﺗﻮﻥ ﻧﻪ ﻭﻳﻬﻴﻦ ڇﻮ ﻧﻪﭘﻭء ﻭﻳڙﻫﻲ ڇڏﻳﺎﻥ
واجد علي عاجز

آخري پيغام !

قسطن ۾ لکيل سڀئي خط
4حصن ۾ پهتل مسيج
آخر هيڏين وڏين ڳالهين جا مقصد ايترا ننڍا ڇو هوندا آهن
لفظن جي ترتيب زندگي جيان ڇو هميشه اوچ نيچ جو شڪار هوندي آهي ڇا تون ڪڏهن سوچيو آهي
مان لفظن ۾ ماکي ڪيئن وجهندو هيس
ڇا تون سوچيو آهي تنهنجي مسيجن ۾ وڌل مرچون منهنجو سک چين ۽ نور کسي وٺنديون آهن
ڇا تو اهو نه سوچيو هو ته تنهنجي خط مٿان لکيل لفظ "آخري پيغام" منهنجي دل جي ڌارا کي بند ڪري پئي سگيو
تو اهو به نه سوچيو ته
تنهنجي ڪال جي ڪٽجڻ سان منهنجي ساه جي نلي ۾ سوڙ ٿي پئي سگهي
ڇا تون نٿي ترسي سگهين
منهنجي آخري هڏڪي تائين جنهن جي اچڻ بعد پاڻي جي ضرورت ناهي پوندي
ڇا تون نه پئي ترسي سگهين
منهنجي وارن ۾ اڇا اچڻ تائين
ڇا اهو انتظار منهنجي محبت جي ڀيٽ ۾ وڏو هيو..؟؟
ڇا اهو ڪائنات کان به وڏو هيو...؟؟
ڪائنات جيڪاڪيڏي نه سوڙي آ....
فقط منهنجي پيار جي 3ٽين حصي جيتري.....



ڀتين کي ڪن ناهن

 

ڀتين کي ڪن ناهن هوندا ۽ نه ئي وات

لائبريري اڳيان پيل بئنچ گونگي آهي. .

سي ايس جو سيڙهيون صرف

 ٽڪ ٽڪ جو اواز ڪڍي سگهنديون آهن  .

ميڊيا جا ڪلاس روم ڳالهائڻ کان قاصر آهن. .

آڊٽوريم شور ۾ پنهنجو آواز ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو هو. .

ڪينٽين جون ڪرسيون پنهنجي نظرن جي ٻولي نٿيون ڄاڻن. .

تون بي خوف هلي وڃ. .

مون وٽ تنهنجي پيار جو ڪو به پختو ثبوت ڪونهي.