Wednesday, 22 September 2021
ابوجهادِ سنڌ بشير خان قريشي
سنڌ جا تعليمي ادارا ۽ شاگرن جو مستقبل
يادگيرين جي ڀاڪر ۾...
واجد علي عاجز
Published in Awami Awaz Mag
گهڙيال جي سوئين ۾ ڄڻ پٿر ٻڌجي ويا هيا وقت هيو جو ڪٽجڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي رات هئي، پين هئي ۽ هڪڙو نڪور پنو جنهن تي سارنگ جا ٻئي هٿ ڪنهن رهگير گهوڙي جيتري رفتار سان گهمي رهيا هئا.
سارنگ يادگيرين جا گهاء پنهنجي ڊائري تي اوتي رهيو هيو ۽ سنڌو جو ڳالهيون...
شعبان جو مهينو هيو جڏهن سنڌو ۽ سارنگ جي وچ ۾ سڀ وڇوٽيون مٽجي ويون هيون
”سنڌو تون مونکي توهان بجائي نالي سان يا وري تون ڪري پڪاريندي ڪر.“ سارنگ سنڌو کي پنهنجائپ جتائندي چيو
”نه مان ننڍي هوندي کان اهي لفظ اچارڻ جي عادي ناهيان، باقي توهان جي ۽ منهنجي پنهنجائپ تون ۽ توهان جي ننڍڙي لفظن سان لڪڻ يا ظاهر ٿيئڻ جهڙي ناهي“ سنڌو وجهڙائپ جي پڪ ڏياريندي چيو
”اڙي دنيا جي واحد چري ڇوڪري جو جواب آ اهو“ سارنگ حيران ٿيندي چيو.
”ههه، توهان چري ڇوڪري چوندا آهيو ته دل خوش ٿيندي آهي واقعي به مان ڪيڏي نه چري آهيان“ سنڌو هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو..
”ههه واقعي تون چري ئي ته آهين“.
سنڌو چري هئي الهائجي جي دنيا جي واحد سياڻي ڇوڪري پر هوء پاڻ کي چريو سڏرائيندي خوش ٿيندي هئي شايد اها ئي نشاني آهي ته هوء چري نه پر دنيا جي اڪيلي سياڻي ڇوڪري هئي، رمضان جا ڏينهن ۽ پيپرن جو آخري مرحلو هيو.
سارنگ سڀاڻي عربي جو پيپر آهي تياري ڪيئن آ. .سنڌو پڇيو
”ههه بس پيپر ڏيئڻو آ ٿي ويندو باقي عالم ته ٿيئڻو ڪونهي“ سارنگ ڳاله کي مزاق بدلائيندي چيو.
”چلو سڀاڻي آخري پيپر آ وري شايد نه ملجي ڪجه مهينن لاء پيپر کان پوء ملي وٺجو ۽ ها ناول به کڻي اچجو“ سنڌو سڪ ڀريل لهجي ۾ چيو.
”حاضر مٺي چري ڇوڪري کي جواب ناڪاري ۾ ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي“ سارنگ پنهنجي محڪومي واري لهجي ۾ چيو.. .
اهو آخري ڀيرو هيو شايد وڇوڙو ڪجه مهينا نه ڪجه سال ڪجه صدين لاء ٿيئڻ وڃي رهيو هجي ملاقات هئي جا ختم ٿيئڻ جو نالو ۽ نه پئي وٺي ۽ لفظ هيا جن جو اچڻ اوکو هيو خاموش ملاقات ناول جي ڏيئڻ تي ختم ٿي رمضان جو آخري هفتو. .
”سارنگ مان عيتقاف ۾ ويهڻ پئي وڃان بس ڪجه ئي ڪلاڪن بعد، مسيج پڪيج فقط توکي ٻڌائڻ لاء ڪيم“.
”سنڌو مان تو ڏاڍو ياد ڪندس“.
”اڙي مان ڪڏهن چيو ته توکي وسارينديس بس ڪجه ڏينهن جي ئي ڳاله ته آهي عيد تي پهريون فون منهنجو ايندو گاڊ پرومائس لو يو سارنگ“.
”لو اينڊ مس يو الويز“. .
ايئن ڏينهن نه پر 10 صديون گذريون سارنگ فون جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ جاڳي رهيو هيو ۽ رات جا ٻه لڳا هيا. . فون جي رنگ وڳي ته سارنگ کان ڇرڪ نڪري ويا ۽ جلدي ۾ فون کڻي ڪن تي رکيو
”هيلو“
”هههه مطلب ته سائين منهنجي انتظار ۾ هيا“ سنڌو وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو
. سنڌو جو ٽهڪ ٻڌي ڄڻ ته سارنگ جا سڀ ٿڪ لهي ويا هيا
ها سنڌو تو بنا ٻيوڪنهن جو انتظار ڪبو ڀلا،.
”هائو ڇڏ عيد جون اڳواٽ مبارڪون“.
”مهرباني“. .
”سارنگ مان ٿڪل آهيان سڀاڻي تفصيلي ڪچهري ٿيندي لو يو ماء ڊيئر“.
”لو يو. وڌيڪ انتظار جي گنجائش ڪانهي صبح جو ساجهر فون ڪجان“
اها ڪال ڄڻ آخري هئي، ڇا آخري ڪال ايتري ننڍي هجي ها فقط پنج منٽ جي جيڪر سارنگ کي وڇڙڻ جو خوف هجي ها.؟
هي وقت به ڪجه ٻڌائي ڇو ناهين ايندو. .
ڳالهيون ڳجه ۾ ئي ڇو رهجي وينديون آهن
سنڌو ڇو نه ٻڌايو ته هن سارنگ کي ڇو وساري ڇڏي. .
سنڌو فقط هڪ آخري خط به نه اماڻيو جنهن ۾ سارنگ جون سڀ يادگيريون واپس ڏي ها ۽ اڄ سارنگ انهن يادگيرين جي ڀاڪر ۾ پاڻ کي ويڙهي ڇڏي ها ۽ دنيا جي دردن کان لڪي پوي ها. .
سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڌارين جي ڀرتي ڪير بند ڪرائيندو؟؟
سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڌارين جي ڀرتي ڪير بند ڪرائيندو؟؟
واجد علي عاجز
Published on 13/12/2019
Pak Sindh
سنڌ ڌرتي جيڪا صدين کان وٺي پنهنجي سونهن ۽ خوشحالي جي ڪري ڪيترين ئي ڌارين قوتن جو تعاب سهندي آئي آهي، عرب هجن يا ارغون، ترخان سڀني جي اکين ۾ ڪنڊو سنڌ ڌرتي جي سونهن خوشحالي ۽ قدرتي وسيلا رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن ڌرتي کي ڦرڻ ۽ لٽڻ لاء هتي ڪيترن ئي ڦورن ۽ لٽيرن حملا به ڪيا ته ڏاڍ ۽ جبر سان هتان جي ماڻهن جي عضمتن ۽ عزتن تي پڻ وار ڪيو.
پر اها هن خطي جي تاريخ رهي آهي ته هتي ڪنهن به لٽيري ۽ ڦورو سڌو سنئون حملو ناهي ڪيو ڪڏهن مذهبي رنگ پائي ماڻهن جي نفسيات سان وڙهيو ويو آهي ته ڪڏهن وري ڪو ٻيو نقاب اوڙهي، پر هتان جا ساڃاه وند ۽ هن ڌرتي جي ٻچڙن هميشه ڪڏهن مهاراجه ڏاهر جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري هوش محمد شيدي جي شڪل ۾ بغاوت جو علم کنيو آهي.
ايئن ئي صدين جي روايت کي برقرار رکندي 1943۾ هن ڌرتي کي هڪ نئي ڌوڪي ۾ ڦاسايو ويو، جنهن ۾ چيو ويو سنڌ هڪ آزاد رياست هوندي جتي سنڌي قوم کي پنهنجا سڀئي حق ملي ويندا، پر ڪجه ئي ڏينهن اندر هن معادي تي ڪنهن به عمل نه ڪيو نه ئي وري ڪنهن هن معاهدي کي پڙهڻ گوارا سمجهيو.
هن بعد به سنڌ مسلسل ڌوڪن ۽ دلبن اندر سور ڀوڳيندي رهي آهي، جڏهن مرضي پون ته کيس ون يونٽ ۾ ضم ڪري هن تاريخي ۽ دنيا جي شاهڪار ڌرتي کي هڪ ڪالوني ۾ بدلايو ويو.
تازو ئي 1973۾ 18ترميم به ڄڻ ته ڪنهن لولي پوپ ۽ ڌوڪو کانسواء ڪجه به نه هيو. جنهن ۾ وڏيون وڏيون ڳالهيون ته ڪيون ويون پر عمل ٽڪي برابر به ناهي ٿي سگهيو.
سنڌ ۾ ڌاري آبادي ته نظر ڦيرائجي ته بوهري، بنگالين کان ويندي سي پي ۽ يو پي کان وڏي لوڌ سنڌ ڇڏي وئي جنهن جو اثر سنڌ کان ويندي پوري پاڪستان جي معاشيات تي پيو.
سنڌ ۾ جتي ٻاهران آيل لوڌ گهٽ نه ڪيو ته اتي وري پنجابي پٺاڻن توڻي بلوچن به سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ ۾ ڪسر ڪان ڇڏي آهي، هتي پنجابين ۽ پٺاڻن کي ته پاڪستان جي قانون مطابق ڪجه ئي عرصي ۾ ڪراچي ڊوميسائل ته ملي ٿو وڃي پر هتان جي اصلوڪي وارثن لاء نه پورا ڪري سگهڻ جيترا شرط رکيا ٿا وڃن، جيڪڏهن ڪوئي وڏي تڪليف کان پوء شرط پورا به ڪري وڃي ٿو ته هن کي اهو ٻڌڻ ۾ ايندو ته توهان ڪنهن ٻي جو حق ڇو ٿا کائڻ چاهيو پنهنجي سنڌ جو وڃي ڊوميسائل ٺاهرايو؟؟؟ مان حيران آهيان ته اسان جي ڌرتي تي آخر ڪنهن جو حق آهي جيڪو اسان کائي پيا وڃون، آخر سنڌ ڪراچي ۾ ناهي ته پوء ڪٿان کان آهي، جيڪڏهن ڪراچي سنڌ ۾ ناهي ته هي قانون ۾ ڪوڙ ڇو لکيل آهي؟
جيڪڏهن 1943، 47، ۽ 73جي آئين ۽ ان کان پوء 18ترميم ۾ به ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو لکيو ويو آهي آخر هي ڪير آهن جيڪي قانون کان وڏا آهن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ به ڪراچي ۽ سنڌ جو راڳ الاپي رهيا آهن، قوم ميڊيا جي نالي ۾ شاطر اردو ميڊيا به سنڌ کي پنهنجي دل کان الڳ لکي رهيا آهن آخر قانون ڪهڙي اگهور ننڊ ۾ ستل آهي.
سنڌ جي ڊوميسائل جو استعمال ڪري فوج ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ ڀرتي ٿيڻ وارو فارمولا ته تمام پراڻو آهي جنهن سبب اسلام آباد ۾ ڪيترن ئي وڏن ادارن ۾ سنڌي ماڻهن جي ڪوٽا تي غير سنڌي ماڻهن کي ڪوڙا ڊوميسائل ڏئي پنهنجا نوازي ته نوڪريون ڏنيون ويون، ايتري تائين جو ڪو وقت آيو ته پاڪستان فوج ۾ سنڌين جو ريشو اٽي ۾ لوڻ برابر پهچي ويو، پر هاڻي وري سنڌ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ ۾ انتها جي حد تائين وڃي پهتا آهن جو هاڻي صوبائي ادارن ۾ به ڪيترا ئي ماڻهون ڀرتي ٿيو وڃن، نه صرف عام ادارن ۾ پر سنڌپوليس تي نظر ڦيرائبي ته ڪيترا ئي وڏا گروه پنجابين ۽ پٺاڻن جا ويٺل نظر ايندا.
ڪراچي کان پوءِ رستو اختيار ڪيو پيو وڃي اهو آهي ڏهرڪي شهر جو جتي فوجي فٽيلازر جهڙي شاهڪار ڪمپني به ڪم ڪري رهي آهي، هونئن ته گهوٽڪي ضلعو جيترو مالدار آهي اوترو ئي ڌارين جو نظرن ۾ آهي پر ايف ايف سي تي نظرثاني ڪبي ته 80فيصد ڪم ڪندڙ ماڻهون پنجاب جڏهن ته 20فيصد پٺاڻ ۽ ٻيا هوندا جن ۾ لوڪل ماڻهن جو ريشو ڪڍجي ته اٽي ۾ لوڻ هوندو.
ڏهرڪي شهر ۾ ڌاري آبادگاري ۾ وڌائڻ جو سبب، جعلي ۽ ٺڳ ليڊر، پير ۽ سرمائيدار آهي جيڪي نه صرف هر ناجائز سهولت مهيا ڪندا آهن پر انهن کي اتم سمجهي پنهنجن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري به ڌارين کي سهولتون ڏيندا آهن، جنهن ڪري خاص طور پنجابي قوم جا اڪثر ماڻهون گهوٽڪي جهڙي لوڪل شهر ۾ به ڌرتي ڌڻين جي سرعام تذليل ڪيو وڃن ۽ هر اداري تي مالڪي جو حق جتائيندي لوڪل ماڻهن تي ظلم ۽ ڏاڍ پيا ڪن.
تازو ئي پوليس ڊيپارٽمنٽ ڀرتي پروگرام هليو جنهن ۾ پوري سنڌ مان 323ڄڻن کي ڀرتي ڪيو ويو جن مان 25هن تعداد ڪراچي سان هيون جن مان سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد ته صرف 5هيو پر پنجابي ۽ پٺاڻن جو تعداد 7 هيو جڏهن ته باقي ضلعن ۾ به ٽوٽل تعداد مان هڪ کان ٻه ماڻهن جو تعلق پنجاب سان آهي جن کي سنڌي لکڻ ته ٺهيو پر پورو ڳالهائڻ به ڪون اچي.
هاڻي ضرورت هن ڳاله جي آهي ته مهنگائي، بيروزگاري ۽ تعليم جي معيار ۾ گهٽ هجڻ ڪري جتي اسان جا نوجوان ٻاهر نڪري نٿا سگهن اتي حڪومتي توڙي رياستي ادارن کي گهرجي ته پاڪستان جي آئين جي ڇانُ ۾ رهندي سنڌ جي ادارن ۾ صاف شفاف ڀرتي ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ صوبي جا نوجوان وڌ کان وڌ روزگار حاصل ڪن ۽ سنڌ مان بيروزگاري جي شرح گهٽجي سگهي.



