Monday, 2 April 2018

بنا عنوان جي _ Without Title

رات جي سانت ٿي چڪي آهي، خاموشي ته هن شهر جي نصيب ۾ ئي ڪو نه آهي منهنجو مٿو ڦاٽڻ لڳندو آهي ڪنن ۾ زوڪٽ بند ٿيئڻ جو نالو نه ناهن وٺندا ڏينهن جا پل تتا ئي صحي پر ماڻهن جي ميڙ ۾ دوستن جي ٽهڪن ۽ مرڪن سان گذري ويندا آهن. رات جي سانت کائڻ لڳندي آهي رات تاريڪ هجي يا روشن دل مٿان ڏنڀ ڏيندي آهي ڪراچي جا پهريان ڏينهن ته ڏينهن ۽ رات ۾ ڪو فرق نه لڳندو هيو هنن پيارن جو يادون هر دم ستائينديون هيون. چوندا آهن ته انسان کان جڏهن سهارا کسجي ويندا آهن ته اهو متبادل جي ڳوله ڪندو آهي اڄ ڪله ڪراچي جا ڏينهن ڪمال گذرندا آهن يونيورسٽي جي ديوارن سان ته ڄڻ دل لڳي ٿي وئي...

Friday, 10 November 2017

هوء سنڌ مدرسه جي راڻي __ شاعري

هوء ڏس منهنجي خوابن جي ساڀياڻي                              هوء سنڌ مدرسه جي راڻي                          هوء سنڌ مدرسه جي راڻي      وڃي ٿي ڏور ساهن جا سلسلا رڪيو ٿا وڃن اچــي ٿــي ته دل جي ڌڪ ڌڪ شروع ٿي ٿئي هــــوء چــــــالاڪ، مرڪــــڻي، مهـــڻـــي ۽ نماڻي هوء سنڌ مدرسه جي راڻي هوء سنڌ مدرسه جي راڻي ڏســـــڻ ۾ صــــــفا گــــــــل جـــــــهــــڙي...

Thursday, 26 October 2017

سنڌ ۾ جبري قتل ڪيل نوجوان ۽ عيد

عيد جيڪو خوشي جو تهوار به آهي ته مذهبي ڏڻ به، سڄي دنيا جا مسلمان ان ڏڻ کي وڏي ڌام ڌوم ۽ عقيدت سان ملهائيندا آهن. ان ڏينهن جي خوشي کي ٻيڻو ڪرڻ لاء ماڻهو ديس توڙي پرديس کان گهر اچي پنهنجي پيارن سان ملهائيندا آهن. ڪيڏو نه ڏک لڳندو آهي جيڪڏهن ڪو پنهنجي ديس ۾ رهي ڪري به پنهنجي پيارن کان جدا گهاري پر ان کان وڌيڪ ڪيڏو نه ڏکويندڙ هوندو آ، ان جي پيارن لاء..!! جن کي اها به پڪ نه هوندي آهي ته اسان جو پيارو زنده به آهي يا نه، اهو نه ماتم ملهائي سگهندا آهن نه خوشي ڪيڏي نه اذيتناڪ گهڙي هوندي ان ماءُ لاءِ جنهن جو ٻچڙو کيس جدا ڪيو ويو هجي ڪيڏو ان دل جهوريندڙ حالت...

Wednesday, 13 September 2017

ساروڻيون

اهي ڏينهن هئا جڏهن ڀئو فقط استاد کان ئي ٿيندو هو ۽ دنيا کان لاپرواه ۽ذهن سوچن کان خالي ۽ خوشين سان ڀريل هوندو هو دل ۽ دماخ ننڍڙا ضرور هيا پر هنن ۾ ڪائنات جيترو پيار ڀريل هوندو هو. جڏهن چار دوست گڏجندا هئاسين ته ايئن لڳندو هو ته اسان ئي دنيا جا طاقتور شخص آهيون ۽ اسان گڏجي دنيا به فتح ڪري سگهون ٿا ڪچهرين جا سلسلا ايڏا ته تويل هوندا هئا جو شام جو نه چاهيندي به ڪا نه ڪا ڳاله اڌ ۾ ڇڏي گهر وڃڻو پوندو هو، جڏهن رسڻ ۽ پرچڻ ۾ فقط ڪجه ئي پل لڳندا هيا ايئن محسوس ٿيندو هو ته اسان هڪ ئي وجود جا حصا آهيون جڏهن مطلبي لفظ جي مفهوم جي خبر به نه هوندي هئي حقيقت...

 
© 2016 Designed & Translatedby Aamir Khan Chachar