Thursday, 12 July 2018

يادگيرين جي ڀاڪر ۾...

يادگيرين جي ڀاڪر ۾...
واجد علي عاجز

گهڙيال جي سوئين ۾ ڄڻ پٿر ٻڌجي ويا هيا وقت هيو جو ڪٽجڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي رات هئي، پين هئي ۽ هڪڙو نڪور پنو
 جنهن تي سارنگ جا ٻئي هٿ ڪنهن رهگير گهوڙي جيتري رفتار سان گهمي رهيا هئا.
سارنگ يادگيرين جا گهاء پنهنجي ڊائري تي اوتي رهيو هيو ۽ سنڌو جو ڳالهيون... 
شعبان جو مهينو هيو جڏهن سنڌو ۽ سارنگ جي وچ ۾ سڀ وڇوٽيون مٽجي ويون هيون
”سنڌو تون مونکي توهان بجائي نالي سان يا وري تون ڪري پڪاريندي ڪر.“ سارنگ سنڌو کي پنهنجائپ جتائندي چيو
”نه مان ننڍي هوندي کان اهي لفظ اچارڻ جي عادي ناهيان، باقي توهان جي ۽ منهنجي پنهنجائپ تون ۽ توهان جي ننڍڙي لفظن سان لڪڻ يا ظاهر ٿيئڻ جهڙي ناهي“ سنڌو وجهڙائپ جي پڪ ڏياريندي چيو
”اڙي دنيا جي واحد چري ڇوڪري جو جواب آ اهو“ سارنگ حيران ٿيندي چيو.
”ههه، توهان چري ڇوڪري چوندا آهيو ته دل خوش ٿيندي آهي واقعي به مان ڪيڏي نه چري آهيان“ سنڌو هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو..
”ههه واقعي تون چري ئي ته آهين“.
سنڌو چري هئي الهائجي جي دنيا جي واحد سياڻي ڇوڪري پر هوء پاڻ کي چريو سڏرائيندي خوش ٿيندي هئي شايد اها ئي نشاني آهي ته هوء چري نه پر دنيا جي اڪيلي سياڻي ڇوڪري هئي، رمضان جا ڏينهن ۽ پيپرن جو آخري مرحلو هيو.
سارنگ سڀاڻي عربي جو پيپر آهي تياري ڪيئن آ. .سنڌو پڇيو
”ههه بس پيپر ڏيئڻو آ ٿي ويندو باقي عالم ته ٿيئڻو ڪونهي“ سارنگ ڳاله کي مزاق بدلائيندي چيو.
”چلو سڀاڻي آخري پيپر آ وري شايد نه ملجي ڪجه مهينن لاء پيپر کان پوء ملي وٺجو ۽ ها ناول به کڻي اچجو“ سنڌو سڪ ڀريل لهجي ۾ چيو.
”حاضر مٺي چري ڇوڪري کي جواب  ناڪاري ۾ ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي“ سارنگ پنهنجي محڪومي واري لهجي ۾ چيو.. .
اهو آخري ڀيرو هيو شايد وڇوڙو ڪجه مهينا نه ڪجه سال ڪجه صدين لاء ٿيئڻ وڃي رهيو هجي ملاقات هئي جا ختم ٿيئڻ جو نالو ۽ نه پئي وٺي ۽ لفظ هيا جن جو اچڻ اوکو هيو خاموش ملاقات ناول جي ڏيئڻ تي ختم ٿي رمضان جو آخري هفتو. . 
”سارنگ مان عيتقاف ۾ ويهڻ پئي وڃان بس ڪجه ئي ڪلاڪن بعد، مسيج پڪيج فقط توکي ٻڌائڻ لاء ڪيم“.
”سنڌو مان تو ڏاڍو ياد ڪندس“.   
”اڙي مان ڪڏهن چيو ته توکي وسارينديس بس ڪجه ڏينهن جي ئي ڳاله ته آهي عيد تي پهريون فون منهنجو ايندو گاڊ پرومائس لو يو سارنگ“. 
”لو اينڊ مس يو الويز“. . 
ايئن ڏينهن نه پر 10 صديون گذريون سارنگ فون جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ جاڳي رهيو هيو ۽ رات جا ٻه لڳا هيا. . فون جي رنگ وڳي ته سارنگ کان ڇرڪ نڪري ويا ۽ جلدي ۾ فون کڻي ڪن تي رکيو
”هيلو“ 
”هههه مطلب ته سائين منهنجي انتظار ۾ هيا“ سنڌو وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو
. سنڌو جو ٽهڪ ٻڌي ڄڻ ته سارنگ جا سڀ ٿڪ لهي ويا هيا
ها سنڌو تو بنا ٻيوڪنهن جو انتظار ڪبو ڀلا،. 
”هائو ڇڏ عيد جون اڳواٽ مبارڪون“. 
”مهرباني“. .
”سارنگ مان ٿڪل آهيان سڀاڻي تفصيلي ڪچهري ٿيندي لو يو ماء ڊيئر“.
”لو يو. وڌيڪ انتظار جي گنجائش ڪانهي صبح جو ساجهر فون ڪجان“
 اها ڪال ڄڻ آخري هئي، ڇا آخري ڪال ايتري ننڍي هجي ها فقط پنج منٽ جي جيڪر سارنگ کي وڇڙڻ جو خوف هجي ها.؟
هي وقت به ڪجه ٻڌائي ڇو ناهين ايندو. . 
ڳالهيون ڳجه ۾ ئي ڇو رهجي وينديون آهن
سنڌو ڇو نه ٻڌايو ته هن سارنگ کي ڇو وساري ڇڏي. . 
سنڌو فقط هڪ آخري خط به نه اماڻيو جنهن ۾ سارنگ جون سڀ يادگيريون واپس ڏي ها ۽ اڄ سارنگ انهن يادگيرين جي ڀاڪر ۾ پاڻ کي ويڙهي ڇڏي ها ۽ دنيا جي دردن کان لڪي پوي ها. .

Monday, 2 April 2018

بنا عنوان جي _ Without Title


رات جي سانت ٿي چڪي آهي، خاموشي ته هن شهر جي نصيب ۾ ئي ڪو نه آهي منهنجو مٿو ڦاٽڻ لڳندو آهي ڪنن ۾ زوڪٽ بند ٿيئڻ جو نالو نه ناهن وٺندا ڏينهن جا پل تتا ئي صحي پر ماڻهن جي ميڙ ۾ دوستن جي ٽهڪن ۽ مرڪن سان گذري ويندا آهن. رات جي سانت کائڻ لڳندي آهي رات تاريڪ هجي يا روشن دل مٿان ڏنڀ ڏيندي آهي ڪراچي جا پهريان ڏينهن ته ڏينهن ۽ رات ۾ ڪو فرق نه لڳندو هيو هنن پيارن جو يادون هر دم ستائينديون هيون.
چوندا آهن ته انسان کان جڏهن سهارا کسجي ويندا آهن ته اهو متبادل جي ڳوله ڪندو آهي اڄ ڪله ڪراچي جا ڏينهن ڪمال گذرندا آهن يونيورسٽي جي ديوارن سان ته ڄڻ دل لڳي ٿي وئي آهي ڏينهن جا سڀئي پل دوستن جي ٽهڪن ۽ مرڪن ۾ سرف ٿي ويندا آهن پر هي رات جي خاموشي مونکي پوراڻن دلبر يارن جي ياد ڏياريندي آهي اهي يار جن سان پيار جي پهرين پيچ جون خبرون به ڪيون ته دنيا جي دردن سبب لوڪ کان اوجهل ٿي سندن هنجه ۾ لڙڪ به لاڙيا هو جيڪي منهنجي زندکي جي پهرين حوصلات هيا انهن کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي فون تي ڳالهائندي اڪثر انهن جون شڪايتون ئي ٻڌڻ ۾ اينديون آهن هو چوندا آهن ته مان انهن کي نظرنداز ڪندو آهيان هو نٿا ڄاڻن زندگي ساهن سان هوندي آهي ساهن بنا جسم صرف مورتي بڻجي ويندو آهي دوست جتي به مليا دل ۾ سمائڻ جهڙا ئي مليا پر انهن سٻاجهن يارن کي ڪير ٿو وساري سگهي جن سان زندگي جا اهي پل گزريا جيڪي زندگي جو سرمايو هجن ٿا اهي پل جيڪي انسان گذاريندو ته بنا سوچ ۽ فهم جي آهي پر  چاهيندي به وساري ناهي سگهندو.
ها اها چري ڇوڪري ڀلا ڪيئن وسرندي جنهن سان پهرين پيار جا پيڄ پاتا هن سان دل لڳي ٿي ته نه هئي پر دل لڳائي وئي هئي ڪڏهن ڪڏهن دل لڳائي به ويندي آهي ۽ جڏهن اها دل لڳي ويندي آهي ته ڇنڻ جو سوال به پيدا ناهي ٿيندو  جنهن سان مون پيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي سن سان پيا ٿيو نه هيو جڏهن پيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿي ڪئي ته صرف پيار نه بلڪي عشق جنم ورتو هيو  پيار ۽ عشق ٻه الڳ احساس آهن پيار عشق جو پهريون ڏاڪو آهي پيار بنا عشق نا ممڪن آهي عشق بنا پيار ٿي ويندو آهي پر پيار بنا عشق ناممڪن هوندو آهي عشق پيار کان مٿانهون آهي  برحال ڳاله ان ڇري ڇوڪري جي وسارڻ جي هئي ته هو منهنجو عشق اهي هاڻي ڀلا عشق به ڪڏهن وسربا آهن ڇا پيار ڪڏهن ڀلائي سگهبا آهن.. پيار به پهريون پيار، جيئن هڪ ماء کان اولاد جو جنم وسرڻ جوڳي ناهي هوندو ايئن ئي هڪ عاشق پنهنجو پهريون پيار وساري ناهي سگهندو
هوء انتحائي غريب هئي پر حسن ڄڻ ته ان کان  ئي شروع پئي ٿيو ۽ ان تي ئي ختم سونهن فطرت طرفان مليل هوندي آهي اها ڪنهن امير جي ميراث ناهي هوندي پر اڄ ڪله امير ماڻهون سونهن ته خريد نٿا ڪري سگهن البته پنهنجا چهرا ضرور بدلي ڇڏيندا آهن
هت مصر جي بازار وارن جهڙا حسن پرست هجن ها ته ان جي سونهن ڏسي پنهنجي آڱرين بجاء منڍيون وڍي ڇڏين ها
هو خدا کان وڌيڪ ياد هوندي آهي خدا خوف جي وقت ياد ايندو آهي پر هوء هر خوشي ۽ غم ۾ منهنجي دل جي اندرين حصي ۾ سمايل آهي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي ڪمتر سمجهندو آهيان مان ڇا ڏنو ان کي فقط ٻه پاڪ ڪلام جهڙين چمين جي پر هوء به ته بدنصيب آهي جيڪو مون وٽ ڏيئڻ لاء شايد اهو هوء وٺڻ لاء تيار ناهي مون وٺ صرف پين آهي صرف هڪڙو پنو ۽ ان تي لکڻ لاء لفظ جيڪي اها وٺڻ نٿي چاهي مان وٺ فقط لفظ آهي وڌ ۾ وڌ ڪجه گرم ڳوڙها جيڪي مان ان تائين پهچائي نٿو سگهان جيڪي ڪجه پهچائي ٿو سگهان اها شيء مان ڏئي نٿو سگهان.
هن جي خواهشن کي ڏسندي دل چوندي آهي ته پنهنجا خواب وڪڻي ڇڏيان پنهنجي خواهشن کي قتل ڪري ڇڏيان خواب جيڪي اڳ ۾ به قتل ٿي ويل آهن خواهشون جيڪي پاڻ ئي ڦاهو کائي چڪيون آهن منهنجي  جانا مان شرمندا آهيان مان توکي ڪجه به نٿو ڏئي سگهان سواء اڻڀن لفظن جي...
منهنجي دل جيص نئين شهزادي مون وٺ ڏيئڻ لاء فقط اهو ڪجه آهي ان کان وڌيڪ مان پنهنجي پهرين پيار کي به ڪجه ڏيئڻ کان قاصر هيس ته اهو تولاء ڪٿان ٿو حاصل ڪري سگهان باقي منهنجي عشق تي پاڪ ڪلام جهڙو يقين ڪري سگهين ٿي ۽ مان يقين ڏياري به سگهان ٿو او منهنجي دل جي نئين راڻي تون منهنجو پهريون پيار ناهين شايد مان به تنهنجو پهريون پيار نه هجان اميد ته مونکي ڇنڻ کان پهريان ويچار ضرور ڪندين......
فقط تنهنجو پريمي
رولاڪ

Friday, 10 November 2017

هوء سنڌ مدرسه جي راڻي __ شاعري

هوء ڏس منهنجي خوابن جي ساڀياڻي
                             هوء سنڌ مدرسه جي راڻي 
                        هوء سنڌ مدرسه جي راڻي     
وڃي ٿي ڏور ساهن جا سلسلا رڪيو ٿا وڃن
اچــي ٿــي ته دل جي ڌڪ ڌڪ شروع ٿي ٿئي
هــــوء چــــــالاڪ، مرڪــــڻي، مهـــڻـــي ۽ نماڻي
هوء سنڌ مدرسه جي راڻي
هوء سنڌ مدرسه جي راڻي
ڏســـــڻ ۾ صــــــفا گــــــــل جـــــــهــــڙي
مرڪي ته هن جي ڪجي ڳاله  ڪهڙي
هلڻ ۾ ته هن جي ناهي ڪــو ســـــاڻي
هوء سنڌ مدرسه جي راڻي
هوء سنڌ مدرسه جي راڻي
ڏسي ڪو جو ان کي پنهنجو پاڻ ڀلجــو وڃـــــــي
پنهنجي ڳالهين منجهان پاڻ الجــــهـــــيو وڃـــــــي
هن جي وڃڻ کانپوء پڇي يار ڇاهي ڪرڻو هاڻي
هوء سنڌ مدرسه جي راڻي
هوء سنڌ مدرسه جي راڻي
هوء منهنجي خوبن جي ساڀياڻـــــــي

هوء سنڌ مدرسه جي راڻي
هوء سنڌ مدرسه جي راڻي

واجد علي عاجز
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي،ڪراچي

Thursday, 26 October 2017

سنڌ ۾ جبري قتل ڪيل نوجوان ۽ عيد

عيد جيڪو خوشي جو تهوار به آهي ته مذهبي ڏڻ به، سڄي دنيا جا مسلمان ان ڏڻ کي وڏي ڌام ڌوم ۽ عقيدت سان ملهائيندا آهن.
ان ڏينهن جي خوشي کي ٻيڻو ڪرڻ لاء ماڻهو ديس توڙي پرديس کان گهر اچي پنهنجي پيارن سان ملهائيندا آهن.
ڪيڏو نه ڏک لڳندو آهي جيڪڏهن ڪو پنهنجي ديس ۾ رهي ڪري به پنهنجي پيارن کان جدا گهاري پر ان کان وڌيڪ ڪيڏو نه ڏکويندڙ هوندو آ، ان جي پيارن لاء..!! جن کي اها به پڪ نه هوندي آهي ته اسان جو پيارو زنده به آهي يا نه، اهو نه ماتم ملهائي سگهندا آهن نه خوشي ڪيڏي نه اذيتناڪ گهڙي هوندي ان ماءُ لاءِ جنهن جو ٻچڙو کيس جدا ڪيو ويو هجي ڪيڏو ان دل جهوريندڙ حالت هوندي ان نينگر جي جنهن جو پيء جدا هجي مان سلام ڪندو آهيان انهن ڀيڻ کي جيڪي پائرن جي امڪاني موت تي به گهٻاريل ناهن ۽ سرتين وچ ۾ سرهيون ٿي چون ٿيون ته ها منهنجو ڀاءُ ڏور ڪنهن ايذيتناڪ سيل ۾ بند آهي ڪيڏو نه بهادر آهي جو اڃان به ڇڪيو ناهي ڀر ان پيءُ جي حالت شايد برداش ڪرڻ جهڙي نه رهندي جنهن کي اها به خبر هجي ته منهنجو ٻچڙو بيگناه ۽ بيڏوه آذاب ڀوڳي رهيو آهي.
هنن جي غلطي فقط اها آهي جو اُهي پنهنجي عشق لاءِ ڪشالا پيا ڪٽين اها عشق جيڪو سندن حق به آهي مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان عشق ۾ اهڙي ڪهڙي سگه ۽ لطف آهي جو سقراط زهر جا پيالا پيئڻ کان به نٿو ڪيٻائي.؟ امام حسين سر ڪٽائڻ لاء به تيار آهي ؟ امان نصيبان پنهنجي جوان پٽ جو لاش ڏسي به سرتين کي پنهنجي پٽ جي بهادري جا قصا ٻڌائيندي انهن کان شهادت تي مبارڪون وصول ٿي ڪري.. ادي سائيمه مظفر کي ڀٽائي جو هي شعر چئي موڪلي ٿي ته
ڀڳو آءٌ نه چوان ماريو ته وسان
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سهان
تان پڻ لڄ مران جي هونس پٽ ۾
ان سچي عشق ۾ ڪيڏي نه سگه آهي جنهن عشق کي هتي گناه سمجهيو وڃي ٿو ئي عاشقن کي چچري ماريو ٿو وڃي.قتل ڪندڙ ڪهڙي مٺي جا ٺهيل آهن جن کي ذاڪر جي الهڙ جواني جو به احساس نٿو جن کي استاد محمد راهمون جي ڪمزور ۽ ڪراڙي جسم تي به قياس نه آيو مظفر کي ماريندي سندن آڪاش ۽ حنا جي يتيمي تي به رحم نه آهيو شايد هنن جي روه تي بي رحمي جون کلون ڇڙهيل آهن.
پر آخر انهن قاتلن کي ڪو قاتل چوڻ لاءِ ڪير به تيار ڇو ناهي؟ اگر انهن کي قانون کان مٿاهوان قتل ڪرڻ جي عجازت ئي ڏني وئي آهي ته پوء هي ڪورٽن جا ڪمرا چو اڏايا ويا آهن..؟؟ ڇو جهموريت جو ڪوڙو راڳ ڳايو پيو وڃي..؟؟
اهي حڪمرانو اسان کي 1943 ۾ ڏيکاريل پاڪستان ڏيو اسان کي پراڻي سنڌ موٽائي ڏيو جنهن ۾ حنا ۽ آڪاش کي يتيمي جو درد نه سهڻو پوي جتي مظفر کي ڊرل مشينن جي سوراخ سان نه ماريو وڃي جتي صاحب کي گوليون نه هڻي سگهي