سفري يادگيريون حصو 01 ميرپور ماٿيلو کان بالاڪوٽ...ڪڏھن ڪڏھن دل ۾ عجيب غبار پيدا ٿيندو آھي ۽ دل چوندي آھي ايئن ئي روڳي ٿي ڪائنات جي حسن ڏسجي ۽ اکين کي عبادت ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ فطرت جي سونهن پسڻ لاءِ اسلام آباد وڃڻ جو سوچيو.ايئن شام ڌارا ملڪ جي نامور بس سروس ۾ نڪري پياسين بس ٿورو ئي ھلي ھئي ته اڳيان اعلان ڪيو ويو ته پنھنجا سڃاڻپ ڪارڊ ٻاھر ڪڍو چيڪنگ ٿيندي ان مان محسوس ٿيو ته اڃان اسان سنڌ جي حدن ۾ آھيون ڇو ته ڇانوڻيون ۽ جيل ٿاڻا اسان لاءِ ٺاھيل آھن. ايئن پاڪستان ھجڻ جو ثبوت ڏئي سرائيڪستان ۾ داخل ٿياسين سرائيڪي جيڪي اسان وانگي اڃان به...